ڊيوائيز مافيه ، بسپ ، فرنچائيز اونر ، بي حيائي

ڊيوائيز مافيه ، بسپ ، فرنچائيز اونر ، بي حيائي

سيد زوار حسين شاه
جيڪڏهن ملڪ جي معاشي صورت حال تي نظر وجهنداسين ته ، پاڪستان جا شهري پريشان آهن جڏهن ته سنڌ جا ماروئڙا درپدر آهن ، ويتر سياستدانن سان گڏ ڊيوائز مافيه ، بسپ ، ايڇ بي ايل ، فرنچائيز اونرن جي بي حيائي جا قصا جڳ مشهور ٿيڻ لڳا آهن ، هاڻ لڳي ائين ٿو ته سنڌ جي نياڻين جون عزتون غير محفوظ آهن ، امداد لاء آيل پيسن تي جهڙي تذليل نياڻين جي ٿي رهي آهي اها به ڪنهن کان لڪيل ناهي ، ڊيوائز مافيه ايجنٽ ، بسپ آفيسر عملو ، فرنچائيز اونر قلم ڪار ، پوليس خواه ڪٿي به هجن پيسا ڏيو ڊيوائز مشين وٺو ، بنڊل ڀتو هر روز ڏيندا هڪ هزار تي 250 روپيا اسان جا هوندا ، ايڇ بي ايل پيسا ڏيو يوزر آئي ڊي ڏيون ٿا جهر جهنگ اوطاق گهرن ۾ عورتن کي لڪي گهرائي پيسا ڏيو ، اڌ اسان جا اڌ توهان جا ، اهڙا ڪيترائي الزام هنن مٿان لڳي رهيا آهن سچ يا ڪوڙ ، برحال ظلم ته آهي ، ڪٽوتي ته ٿي رهي آهي ، عورتن کي پيسا وٺي ڏيڻ لاء پرائيويٽ ماڻهون عورتن کان ڪارڊ وٺي ڪٽوتي ڪري ڏين ٿا ، جڏهن ته احتجاج به ٿين ٿا ڪو ٻڌڻ لاء تيار ئي نه آهي ، ڇا واقعي هي جمهوري ملڪ آهي ، ڇا آئين اهڙي تذليل جي ڪنهن کي به اجازت ڏيئي ٿو اهي سوال آهن جن جا جواب گهرجن اسان ان لاء درخواست ڪري ، رياست پاڪستان جي تمام ادارن ، خاص ايف آئي اي ، پوليس ، رينجرس ، پاڪ فوج ، عدالت سڳورين جي قابل احترام جج صاحبان کي عرض رکون ٿا ، اسان جي نياڻين سان ٿيندڙ زيادتين تي ڪا داد رسي ٿيندي يا ائين ئي تذليل ٿيندي رهندي ، جڏهن ته چند ڏوڪڙ وٺي صحافين جي خاموشي تي حيرانگي آهي الله اڪبر اسان ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيون ڇا پيو ٿئي ڊيوائز مافيه ، بسپ آفيسر فرنچائيزر ايڇ بي ايل پوليس اهلڪار وارا به گڏجي نياڻين جا پيسا ته ڪٽرائين ٿا پر انهن جي تذليل به ڪن ٿا ، ڪيترائي واقعه راڻي پور سميت پسگردائي ۾ پيش آيا آهن جڏهن ته اهي متاثره عورتون نالا به نه ٿيون ٻڌائين ، متان ڊيوائز مافيه ايندڙ قسط نه ڏين اهڙو خوف طاري آهي ، جڏهن ته هاڻ ايف آئي اي ، ڊائريڪٽر عبدالاحد سانگري ، سنڌ جا تمام ايس ايس پيز ، ڊي سيز نوٽيس وٺي سول ڪپڙن ۾ ماڻهون بيهاري پاڻ جانچ ڪن ته قسط ڪيئن ڪٽي پئي وڃي ، عورتن جي تذليل ڪيئن پئي ٿئي ، جنهن سنڌ ۾ عزت وفاداري مهمان نوازي جي قصا جڳ مشهور هجن الله اڪبر سياستدانن جي بي حيائي ڪري هن وقت سنڌ جون ڄايون پريشان آهن گهر جو گذر ٿيڻ ممڪن ناهي ، گهر ڪري پيا ، ويتر مهنگائي جو جن هن وقت به حڪومت وقت ڪنٽرول نه پيو ٿئي چند ڏوڪڙن جي وصولي جي ڪري عورتن کي ڊيوائز مافيه ايجنٽ پيسن ڏيڻ جي بهاني عورتن لکي بليڪ ميل حراسان ڪرڻ سان گڏ هٿ چراند ڇڻ ڪن ٿا هي ڪهڙي جمهوريت آهي جتي سنڌ جون نياڻيون ڊيوائز مافيه جي ايجنٽن ، آفيسرن ، پوليس اهلڪارن ، قلم ڪارن بااثرن کان محفوظ نه هجن پوء اسان وٽ باقي ڇا بچندو ، جڏهن ته ڪڙو سچ اهو به آهي ته ڊيوائيز مافيه ، فرنچائيز اونر ، بسپ ، ايڇ بي ايل جا آفيسر لکين روپيا حصو پتي وٺن ٿا ڪڙو سچ اهو آهي ڪوئي تسليم ڪري يا نه ڪري ، راڻيپور ، سوڀوديرو ، سمي سڳوين ، هنگورجا ، سيٺارجا ، ٺري ، سئي گيس ڪنب ڪوٽ ڏيجي هن وقت به ڪرپشن جو ڳڙهه آهن ، جتي ڊيوائيز مافيه وڏي ٽيڪنڪ استعمال ڪري صحافين سماج سڌارڪن ، پوليس اههلڪارن سان هر روز جي ڪميشن ڀتو ڳالهائي ايجنٽن کان وٺن ٿا ، جڏهن ته سنڌ ڄايون بس احترامن خاموش رهن ٿيون ، هاڻ ته راڻيپور دڪانن تي ڊيوائز مافيه ، يوزرس به استعمال ڪن ٿا ، جڏهن ته سنڌ جي نياڻين سان ڪلور جاري آهن ، پاڪستان سميت سنڌ ۾ جيئن بي نظير انڪم سپورٽ جا امدادي رقم جيڪا مخصوص صرف عورتن جي لاء آهي ته جيئن هو هن دجائي يزيدي دور ۾ پيسا وٺي پنهنجي گهر جو چرخو هلائين ، پر بدقسمتي سان جهڙي تذليل سنڌ جي ڄائين سان ڊيوائيز مافيه ٿي ڪري شايد ڪو ٻيو ڪندو هجي ،، پر ڊيوائيز مافيه جيڪي سيلاب متاثرين بارش متاثرين جي لاء آيل قسطن مان ڪيترن ئي سالن کان ڊيوائز مافيه ڌوڪڙ ڏيئي ڪجهه قلم ڪارن ، سماج سڌارڪن ، پوليس اهلڪارن کي حصا پتي ڏيئي ٻنهي هٿن سان لٽي رهيا آهن سميت ڪٽوتي ٿيندڙ متاثر عورتن صحافين اڳيان دانهيندي خطرناڪ انڪشاف ڪندي چيو آهي ته ڊيوائيز مافيه ايجنٽ مختلف دڪانن تي ، گهرن ۾ اوطاقن تي به يوزرس استعمال ڪري هڪ هزار کان سوين عورتن جي مڪمل آيل قسط به هڙپ ڪن ٿا جڏهن ته ڪيترائي ڊيوائز مافيه ايجنٽ انهن جا سهولتڪار پيسن ڏيڻ جي بهاني بليڪ ميل حراسان ڪرڻ سان گڏ هٿ چراند به ڪن ٿا هنن وڌيڪ چيو ته انڱوٺا هڻائي پيسا به نه ٿا ڏنا وڃن متاثر عورتن جنهن ۾ زرينا بلوچ اختر خاتون نور بيبي ، شهربانو ، رضيا شاه رفعت خاتون بلقيس سولنگي ، ڪيترن ئي نالا نه ٻڌائڻ تي دانهيندي چيو ته راڻيپور جي ڪيترن ئي دڪانن تي اسان سان ٺڳي ڪئي ٿي وڃي جڏهن ته باخبر ذريعن سميت متاثره عورتن هنن وڌيڪ چيو ته اي سي سوڀوديرو شاه رخ مڱڻهار ، پوليس اهلڪار پڻ هر روز في ڊيوائيز مافيه کان 10 هزار روپيا وصول ڪن ٿا جڏهن ته اي سي سوڀوديرو ، پوليس اهلڪار متاثرين اڳيان پنهنجا ماڻهون بيهاري ٻن ٽن عورتن کان آيل قسط جا پيسا صحافين اڳيان ڳڻائي فرضي ويڊيو رڪارڊ ڪري هليا وڃن ٿا جڏهن ته اهو ويڊيو ئي وائرل ڪيو ٿو وڃي ته ڪٿي به ڪٽوتي نه ٿي هلي پر حقيقت اها ناهي ، جڏهن ته انهن جا نمائينده مقرر ٿيل آهن جن کي هر روز جي بنياد تي هڪ هڪ ڊيوائز پيسا ڏين ٿا هنن چيو ته لٽجي ته اسان غريب وڃون ٿا ، هنن ڊي سي خيرپور ، ايس ايس پي خيرپور جيڪو بهترين انسان فرض شناس آفيسر آهي اميد رکون ٿا ، سول ڪپڙن ۾ راڻيپور جي هڪ هڪ دڪان تي ماڻهون بيهاري جن کي پيسا ملن ٿا يا جن کي نه ٿا ڏين پاڻ ڇان بين ڪري ته ڪيئن ٿا غريبن کي هي لٽين ۽ هڪ ڏينهن م لکين روپيا ٿا بچائين خدا جو بندو نوٽيس وٺي اسان متاثرين سان ٿيندڙ زيادتي ختم ڪرائي .جيئن هن يزيدي دجالي دور ۾ پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ پالي سگهون ڊيوائيز مافيه ايجنٽ هڪ هزار کان قسط ئي چٽ ڪرڻ ۾ مصروف ،راڻيپور ڪرپشن جو ڳرهه بڻيل ، سرپرستي پوليس اهلڪار بي ضمير قلم ڪار ۽ ڪيترائي بااثر ڪرڻ لڳا ، عورتن جا مٿي تي هٿ ، آخر ڊيوائز مافيه خلاف ڪاروائي ڪير ڪندو عورتن جا سوال ، متاثرا عورتن جون دانهون آهن گذريل ڪافي مهينن کان وٺي ضلع خيرپور سميت راڻيپور سوڀوديرو , سمي سڳيون هنگورجا , سيٺارجا ,ٺري ميرواه ڪنب ڪوٽڏيجي ننڊن وڏن شهرن ۾ ڊيوائيز مافيه ايجنٽ بسپ آفيسرن , ايڇ بي ايل آفيسر فرنچائيز اونرس وڏي ٽيڪنڪ استعمال ڪري اڪثر صحافين انهن جي ڀائرن مٽ مائٽن کي ڊيوائز جاري ڪن ٿا جڏھن هڪ هڪ ايجنٽ کي هزارين روپيا وٺي يوزرس جاري ڪن ٿا جنهن کان پوء ڊيوائز مافيه پنهنجي مرضي سان جهرجهنگ ڊيوائيز هلائي عورتن کي حراسان هٿ چراند سان گڏ آيل ست سو مان به هڪ هزار ٻه هزار ڪڏھن ته مڪمل قسط به ڪٽوتي ڪن ٿا جڏھن ته اهڙين حرڪتن جي خلاف سماج سڌارڪن قلم ڪارن عورتن احتجاج به ڪيا پر ڪنهن هڪ به انهن عورتن جي نه ٻڌي ويتر شڪايت ڪرڻ تي انهن کي بليڪ ميل ڪيو وڃي پيو , هنن وڌيڪ چيو ته ڊيوائيز مافيه سري عام دڪانن تي عورتن جي آيل قسط مان هڪ هزار کان 2 هزار , يا مڪمل قسط چٽ پيا ڪن , جڏھن ته بسپ , ايڇ بي ايل , فرنچائيز اونرس , ڪيترائي بي ضمير قلم ڪار بااثر, پولس اهلڪار هر هڪ ڊيوائيز هولڊر کان پنهنجا حصا پتيون وٺي ڊيوائيز مافيه سان ٻٽ بڻيل آھن انهن وڌيڪ چيو ته اميد آھي ته ڊائريڪٽر ايف آئي اي سکر , ايس ايس پي خيرپور , ڊي سي خيرپور کي نوٽس وٺي ڊيوائز مافيه خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي , جڏھن ته سول ڪپڙن ۾ آفيسر مقرر ڪري پاڻ راڻيپور سميت پسگردائي ۾ ڪٽوتي ڪندڙن خلاف جانچ پڙتال ڪري ڪرپٽ مافيه خلاف سخت ڪڙي قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي جڏهن ته اسان کي يقين آهي ته سنڌ سميت راڻيپور دڪانن تي ڊيوائيز جڏهن ته ايڇ بي ايل ، فرنچائيز ، بسپ پاران ملي ڀڳت ڪري ڪيئن ٿا چار چار يوزر ڊيوائيز مافيه کي ڏنا ٿا وڃن ، جيئن هو پنهنجي مرضي سان جتي وڻين اتي عورتن کي گهرائي لڪ ۾ پيا ڏين ، جڏهن ته هو آساني سان مڪمل ڪٽوتي ڪن ٿا ڪن کي ٻه ٽي هزار ڏيئي چون ٿا ته ٻيا پيسا ناهين آيا ، اسان کي رب پاڪ ۾ اميد آهي ته راڻيپور جتي جتي به ڊيوائزون هلي رهيون آهن پاڻ اداره انهن مٿان ڪڙي نظر رکن تاڪه سنڌ ڄائين جي عزت به محفوظ ٿئي ۽ آيل پيسا به مڪمل ملن گذارش ڪندس ته پاڪستان ، سنڌ ڌرتي ماهان پاڪ ڌرتي آهي جيڪڏهن هن پاڪ ڌرتي تي اهڙا واقعه جتي نياڻين کي ورغلائي پيسن وٺي ڏيڻ جي بهاني زبردستي دوستي رکڻ لاء دٻاء وڌو وڃي ته پوء ڇا قيامت صغرا جي نشاني ناهي ، راڻيپور ۾ ايس ايس پي خيرپور مير روحل خان کوسو جيڪو بهترين ايماندار فرض شناس آفيسر آهي هو ڪجهه اهلڪار ويس تبديل ڪري ڊيوائز هلائيندڙ دڪانن تي بيهاري پوء پاڻ رپورٽ حاصل ڪري پاڻ فيصلو ڪري ته ڪٽوتي ڪيئن ٿي ٿئي ڪير ڪنهن جي سپورٽ ٿو ڪري ، پوليس ، ڪجهه قلم ڪارن ، سماج سڌارڪن جو ڪهڙو ڪردار آهي پوء انهن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري سنڌ يج نياڻين سان انصاف ڪري ، اميد ته سنڌ ڌرتي سدائين ياد رکندي ، هڪ ۽ آخري اميد اها به آهي ته ڊائريڪٽر ايف آئي اي پڻ راڻيپور ۾ ڊيوائز مافيه تي نظر رکن پاڻ جانچ پڙتال ڪن پوء پاڻ پاڪ ڌرتي تي يٿندڙ ڪيس ظلم بي حيائي ، حراسمينٽ ڪٽوتي جي خبر پئجي ويندي بس ايترو ڪافي آهي ، جيڪڏهن نوٽيس نه ٿيو ته ان انصاف جي ترازو ٿا اعتماد اعتبار ختم ٿي ويندو .

پهنجو تبصرو موڪليو