ڇا داسو ڊيم سنڌ جي مفاد ۾ آھي

ڇا داسو ڊيم سنڌ جي مفاد ۾ آھي

اياز علي جوکيو
سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي جي تاريخ ڪا نئين ڳالھ ناھي بلڪـ ھي سلسلو انگريز دور کان وٺي ھلندو اچي آئي ڏينھن ڪنھن نـ ڪنھن نئين تجربي تحت سنڌ جي پاڻي سان ھٿ چراند جو سلسلو جاري آھي تازوئي ڪي پي ڪي جي ضلعي ڪوھستان وٽ سنڌو درياھ جي پاڻي کي روڪي داسو ڊيم منصوبو ٺاھيو پيو وڃي جيڪو ھڪ ھائڊرو اليڪٽرڪ ڪشش ثقل وارو ڊيم آھي.داسو ڊيم کي بجلي ٺاھڻ جي مقصد لاء تيار ڪيو پيو وڃي جنھن ما تقريبن پنج ھزار ميگاواٽ بجلي تيار ڪئي ويندي ھن بجلي ٺاھڻ واري منصوبي کي داسو ھائيڊرو اليڪٽرڪ پاور پراجيڪٽ جو نالو ڏنو ويو آھي جنھن پروجيڪٽ لاء پاڻي جي ضرورت پوري ڪرڻ لاء سنڌو درياھ جي پاڻي جو رخ موڙي ڊيم ۾ ذخيرو ڪيو ويندو. پروجيڪٽ ٽيم سنڌو درياھ جو رخ موڙڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪي آھي سنڌو درياھ جو رخ موڙي پاڻي داسو ڊيم ۾ منتقل ڪيو ويو آھي. دراھ جو رخ موڙڻ لاء ٻـ ٽيونلس لڳايا ويا آھن جنھن مان ھڪ تيار ٿي چڪو آھي جنھن جي ڊيگھ 1.33 ڪلو ميٽر چورس 20 ميٽر ۽ 23 ميٽر اوچائي آھي ۽ ٻيو ٽيونل بـ ڪجھ ٽائيم ۾ تيار ٿي ويندو. ھاڻي اچو تـ ھن نئين ٺھندڙ داسو ڊيم جو جائيزو وٺون تـ ھن سان سنڌ کي ڪھڙا ممڪن فائيدا يا نقصان پھچي سگھن ٿا
جيئن تـ ھن پروچيڪٽ جو مقصد بجلي ٺاھڻ آھي جيڪا سنڌ لاء لاڀائيتي ٿيندي نظر نٿي اچي ڇوجو ملڪ ۾ ھلندڙ ٿرڪول يا ٻين منصوبن جي بجلي بـ سنڌ لاء قطب نٿي اچي. جيتوڻيڪ پاڻي ماھرن موجب سنڌ اندر ھن ڊيم سان پاڻي جي کوٽ تـ پيدا نـ ٿيندي پر جيڪڏھن ڏٺو وڃي تـ سنڌو درياھ جي پاڻي مٿانھن پھريائي ڪافي ڊيم ۽ ڪئنال ٺھيل آھن جيڪي سنڌ جي حصي جي پاڻي سان ھٿ چراند ڪن ٿا جھن سان سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو مھيا ٿي ۽ پوکي ويل سنڌ پاڻي لاء سدائين پريشان ھوندي آھي سنڌ جون زمينون بنجر بڻجنديون پيو وڃن ۽ زراعت تباھ ٿيندي پئي وڃي سنڌ جي ڏکڻي حصي ٺٽو بدين جا ڪافي علائيقا سنڌو درياھ جي پاڻي تي آباد ٿيندا آھن جنھن کوٽ سبب اھي ھن وقت غيرآباف لڳا پيا آھن ۽ پيئڻ جو پاڻي جيڪو سنڌو درياھ مان ڪتب آندو ويندو آھي جيڪو پڻ کين ميسر ناھي.ھرروز ٺھندڙ ھنن نون ڊيمن سبب سنڌ جو زمينون غيرآباد ٿي وينديو سنڌ ۾ بـ بلوچستان وانگر آبادي ختم ٿي ويندي ۽ سنڌ پوئتي ٿيندي ويندي. داسو ڊيم جي ڪري سنڌ جي زراعت ۽ ماحوليات کي تمام گھڻو نقصان پھچندو سنڌ سڪڙجڻ جا ڪيترائي خدشا آھن
سنڌي سول سوسائيٽي توڙي ھر باشعور فرد کي گھرجي تـ پنھنجن ننڍڙن ننڍڙن معاملن تي ڪھاڙيون اڀيون ڪرڻ بدران مجموعي طور سنڌ جي ٿيندڙ قومي نقصان تي اچي گڏ ٿيو ۽ آس پاس نظر فيرايو تـ سنڌ کي ڪھڙا نقصان ۽ خدشا درپيش آھن جن مان داسو ڊيم واري پراجيڪٽ بـ ھڪ آھي ان خلاف ھڪڙي سگھاري تحريڪ بڻجي ھنن منصوبن آڏو رڪاوٽ بڻجي پنھنجي زراعت ۽ معيشت جو تحفظ يقيني بڻائيجي

پهنجو تبصرو موڪليو