ڊاڪٽر عارف علوي، صدر پاڪستان
منهنجي ماءُ هيرالڊ رابن جو ناول ”دي ڪارپيٽ بيگرز“ منهنجي ڊيسڪ تان کنيو کڻي چيو ته عارف، تون افسانو پڙهڻ ڇڏي ڏي ۽ فلسفو سک ۽ مون کي افلاطون جو دي ريپبلڪ هٿ ۾ ڏنو، افلاطون جو هي ڪتاب سقراط جو هڪ مقالمو آهي جنهن ۾ انصاف تي ٻڌل شهري رياست جي نظام ۽ ڪردار بابت لکيل آهي.
سقراط پنهنجي نوجوان ساٿي گلوڪون سان هن ڳالهه ٻولهه ۾ اهو بيان ڪري ٿو ته ’انصاف پسند‘ رياست ۾ بهتر فيصلا ڪرڻ لاءِ جمهوريت ۽ آزاد واپار جا موقعا ضروري آهن، گلوڪون سوال ڪري ٿو ته ڇا انصاف واري رياست لاءِ صرف جمهوريت ۽ آزاد واپار جا 2 جز ئي ڪافي آهن.
سقراط نهڪار ۾ جواب ڏئي ٿو ته ”ٿائيمس“ کان سواءِ انصاف واري رياست قائم نه ٿي ٿي سگهي ۽ نه ئي ان جو دفاع ٿي سگهي ٿو، ٿائيمس کي يوناني ۾ جوش يا جذبي کي چيو ويندو آهي، هن ڳالهه ٻولهه ذريعي افلاطون 375 قبل مسيح جي آس پاس، هڪ مڪمل انسان ۽ هڪ عادل رياست جا ٽي حصا ظاهر ٿيا.
افلاطون کان لڳ ڀڳ ٻه هزار سال پوءِ فرانسس فوڪوياما هڪ ڪتاب ۾ دعويٰ ڪئي ته تاريخ ختم ٿي چڪي آهي، ۽ انساني ذهن ۽ جسم فيصلو ڪندڙ بڻجي ويا آهن، فوڪوياما جي موجب، لبرل جمهوريت هڪ حڪومتي نظام آهي، پر آزاد منڊي جي صورت ۾، سرمائيداري سڀني معاشي نظرين جي ارتقائي جنگ ۾ مڪمل طور تي فتح حاصل ڪئي آهي، ٻنهي نظامن ۾ انسانيت جي حڪومتي ۽ معاشي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي صلاحيت آهي.
ساموئل هنٽنگٽن فوڪوياما جي ٻه رخي تجزيي کي چيلينج ڪيو ۽ سقراط جي ٽن رخي نظريي سان اتفاق ڪيو، هن جي مطابق، انساني تاريخ ۾ مذهب، ٻولي، نسل يا سڃاڻپ جي بنياد تي جذبات کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي، وقت گذرڻ سان گڏ تمدن جي فطرت به بدلجندي، پر تمدن جو ٽڪراءُ موجود آهي ۽ مستقبل ۾ به جاري رهندو، قوم جي تعمير ۾ رڳو جمهوريت ۽ معيشيت کانسواءِ انساني جذبات اهميت رکندا آهن.
قرآن حڪيم حڪومت لاءِ باهمي صلاح مشوري ۽ معيشت لاءِ واپار جي پڻ تلقين ڪري ٿو، پر ساڳئي وقت اها ماڻهن کي ”امت“ جي تصور جي صورت ۾ هڪ سڃاڻپ به ڏئي ٿي، اُمت مان مراد اهي آهن جيڪي نه رڳو ڪجهه عقيدن تي يقين رکن ٿا، پر عدل ۽ انصاف واري رياست لاءِ انهن عقيدن جي بنياد تي قائم سماج جو دفاع به ڪن ٿا.
انساني روح مختلف جزن سان گڏوگڏ محبت، نفرت ۽ خوف جي جذبن جو مجموعو آهي، ۽ اهي جذبات فيصلا ڪرڻ واري عمل تي گهرا اثر رکن ٿا، اهي جذبا اسان جي فردن، خاندانن، قبيلن ۽ قومن جي زندگيءَ ۾ به تبديلي آڻيندا آهن.
اولهه جي ٽڪراءَ وارين پاليسين سبب اڄ دنيا ۾ مايوسي وڌي رهي آهي، مغربي تعصب ۽ ٻٽي معيار واضح طور تي آفتن ۽ انساني بحرانن ۾ ڏسي سگهجن ٿا، جنگين ۽ پناهگيرن جهڙن ڪيسن ۾ به نسل، رنگ ۽ مذهب جي بنياد تي احسان ڪيو ويندو آهي، اهو تاثر آهي ته وڏيون طاقتون ’قاعدن جي بنياد تي عالمي نظام‘ لاءِ رڳو زباني ڳالهين تي اتفاق ڪنديون آهن، نتيجي طور، ٻي عالمي جنگ کانپوءِ بين الاقوامي تنظيمون صرف مغربي مفادن جي حفاظت ڪندي نظر اچن ٿيون.
هن عالمي منظرنامي کي نظر ۾ رکندي، مان سمجهان ٿو ته دنيا هڪ اهڙي اخلاقيات ۽ انسانيت تي ٻڌل عالمي نظام جي خواهشمند آهي، جنهن جي طاقت ۽ اهميت جو سرچشمو بندوق جي زور، ڪنهن خاص مذهب، نسل يا رنگ جا ماڻهو ناهن، ان سڄي صورتحال ۾ پاڪستان ڪٿي بيٺو آهي؟، ڇا پاڪستان پاڻ کي ۽ پوري امت مسلمه کي انصاف جي عالمي نظام ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ اڀري سگهندو؟.
مون کي يقين آهي ته پاڪستان پنهنجو ڪردار ادا ڪندو، پر اهو ايستائين ممڪن ناهي جيستائين اهو معاشي طور مضبوط نه ٿئي وڃي، ۽ پاڻ کي اخلاقي، ذهني ۽ فني طور تي تيار نٿو ڪري، جديد دور ۾، جيتوڻيڪ، عظمت جو رستو تمام ڊگهو نه آهي، پر ان لاءِ جوش، اتحاد ۽ مسلسل جدوجهد جي ضرورت آهي.
پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي، جيڪو مغل سلطنت جي زوال، ان جي اندروني مسئلن ۽ نوآبادياتي نظام جي بربريت مان اڀري آيو آهي، ڪريل سوچ جي انتها ڏسو، وليم ڊيلريمپل لکيو ته 1857ع ۾ دهليءَ جي گهٽين ۾ انساني رت ۽ گوشت جي بوءِ هفتن تائين رهندي هئي.
مان چوڻ چاهيان ٿو ته سر سيد احمد خان ان زوال مان نڪري مسلمانن کي علم جي طرف متوجه ڪيو، پوءِ علامه اقبال ”خودداري“ جو جذبو روشن ڪري امت کي ”پنهنجو“ جو تصور ڏنو، بعد ۾ قائداعظم محمد علي جناح اسان کي جاگرافيائي قومي رياست جي شڪل ڏني، مان سمجهان ٿو ته اسان جي تاريخ ۾ فخر، اقبال جو اسلامي امت جي وحدت جو نظريو، جناح جو نظريو ۽ اسان جي سڃاڻپ ۽ وقار جو شاندار اظهار اهي جزا آهن، جن جي بنياد تي اسان پنهنجي خوابن جو پاڪستان حاصل ڪري سگهون ٿا.
اڄ پاڪستان ٻه واٽي تي بيٺو آهي ۽ اسان جي ملڪ ۾ جذبن کي ڀڙڪايو پيو وڃي، اسان بحران مان نڪرڻ لاءِ هن توانائي کي هاڪاري طور استعمال ڪري سگهون ٿا، ۽ اسان پنهنجي قوم کي متحد ڪري سگهون ٿا يا اسان پنهنجي قوم جي وچ ۾ وڌيڪ وڇوٽي پيدا ڪري پاڻ کي تباهه ڪري سگهون ٿا، رستي جي چونڊ اسان جي مٿان آهي ۽ قيادت جي ذميواري اڳي کان وڌيڪ وڌي وئي آهي، اسان کي بحرانن کي منهن ڏيڻ لاءِ قرباني جي ضرورت آهي، پر اها قرباني رڳو غريبن کي ئي نه پر قوم جو استحصال ڪندڙ بااختيار ماڻهن کي به ڏيڻي آهي، تڏهن ئي اسان ترقي ڪري سگهون ٿا، رهنمائي ادارن ۽ سياسي اڳواڻن کان ملي سگهي ٿي، پر ڇا اهي واقعي پنهنجي ڪردار ۽ ذميواري کي سمجهن ٿا؟ اهو هڪ سوال آهي جنهن جو جلد جواب ملي ويندو.
پاڪستان ٺهڻ کان وٺي پنهنجي سڃاڻپ تي مسلسل بحث جو موضوع رهيو آهي ۽ اهو بحث اوڀر پاڪستان جي نقصان کانپوءِ شدت اختيار ڪري ويو، ڏهاڪن کان پوءِ، پاڪستان جي بانين جي ٻه قومي نظريي کي هندوتوا هندستان جي متعصبانه ڪاررواين سان هٿي ملي آهي، اسان اڃا تائين انهن چئلينجن کي منهن ڏئي رهيا آهيون جن جو ذڪر قائداعظم پنهنجي تقريرن ۾ ڪيو هو، ۽ انهن ۾ ڪرپشن، پنهنجا نوازي ۽ رشوت شامل آهن.
مان پنهنجي قوم جي 75 ورهين جي جدوجهد کي حضرت موسى عليه سلام جي قوم جي 40 سال ريگستان ۾ ڀٽڪڻ جيان ڏسان ٿو، ڇا اسان ان جدوجهد مان ڪجھ سکيو آھي ۽ پنھنجي قوميت جي تصور جي ويجھو اچي چڪا آھيون يا اڃا تائين مونجهاري جو شڪار آھيون؟، خدا بهتر ڄاڻي ٿو، پر مون کي دنيا جي پنجين سڀ کان وڏي آبادي واري ملڪ ۾ بيداري جي چڻگ ٻرندي نظر اچي ٿي.
اڄ اسين جنهن واٽ تي آهيون اهو الله طرفان آهي، اسان جي ملڪ ۾ جيڪي جذبات ڀڙڪن پيا آهن، انهن ۾ اسان پاڻ کي متحد ڪري بچائي سگهون ٿا يا ورهائجي تباهه ڪري سگهون ٿا، بحران هميشه موقعا آڻيندو آهي ۽ يا ته اسان کي اونهائي ڏانهن وٺي وڃي ٿو يا اسان کي منزل تي پهچائي سگهي ٿو.
اقبال جو قول آهي ته
تندیٔ باد مخالف سے نہ گھبرا اے عقاب
یہ تو چلتی ہے تجھے اونچااڑانے کے لیے
هن وقت اسان کي چونڊ ڪرڻي آهي، ذميوار قيادت هميشه کان وڌيڪ اهميت رکي ٿي، اشرافيه جي قربانيءَ کانپوءِ ئي ادارا ۽ متحرڪ سياسي قيادت رهنمائي ڪري سگهي ٿي، اسان کي جمهوري قدرن جي واڌاري لاءِ جدوجهد جاري رکڻي پوندي، ۽ اهڙا ادارا قائم ڪرڻ گهرجن جيڪي سماج ۾ پيار، شفقت، انصاف، آزادي ۽ برابري کي هٿي وٺرائن.
رڳو انساني فطرت جي بنياد تي ادارا قائم ڪرڻ مناسب نه آهي، انساني فطرت ۾ چڱائي آهي ۽ انساني فطرت ۾ لالچ، جذبات ۽ برائي شامل آهي، اها اسان جي جدوجهد آهي ۽ حقيقت ۾ سڀني مذهبن جي جدوجهد آهي ته اهڙا ادارا قائم ڪيا وڃن، جيڪي سماج ۾ محبت، شفقت، انصاف، آزادي ۽ برابري کي هٿي وٺرائن.
منهنجي ماءُ مون کان هڪ مهيني بعد پڇيو ته ڇا تو دي ريپبلڪ ختم ڪيو، اسان ’منطق ۽ دليل‘ جي اها ڳالهه ڪئي جيڪا هوءَ 16 ورهين جي ٻار جي ذهن ۾ وجهڻ چاهي پئي، مون ڪڏهن به پنهنجي ماءُ سان فيصلو ڪرڻ ۾ جذبات جي ڪردار بابت نه ڳالهايو، پر جيڪڏهن هوءَ اڄ جيئري هجي ها ته اتفاق ڪري ها، امان! احساس کانسواءِ منطق ۽ دليلن تي ٻڌل زندگي خشڪ، بي رنگ ۽ نامڪمل زندگي آهي.
اڄ بهترين وقت آهي، تنهنڪري مان توهان سڀني کي جذباتي اپيل ڪريان ٿو، ڇو ته جذبي کانسواءِ اسان جي امت پنهنجي خواب کي ساڀيان نه ٿي ڪري سگهي، منهنجي ملڪ جا ماڻهو، اٿو! سجاڳ ٿيو! ماضي توهان کي روڪي نه سگهي! دنيا توهان جي انتظار ۾ آهي.










