ليکڪ اي اي عباسي
پنهنجي ملڪ ۾ واپڊا جي لاءِ مختلف سياسي ماڻهن جا مختلف رايا رهيا آهن، جنهن لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني ۽ ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جو واپڊا جي نااهليءَ ۽ ڪرپشن جي حوالي سان اهو بيان وڏي اهميت رکي ٿو ته واپڊا ادارو سفيد هاٿي مثل آهي.جنهن کانپوءِ ڪافي سال بعد وري سنڌ جي سابق وزير اعليٰ سردار علي محمد مهر به اها ئي ڳالهه ورجائي ته واپڊا سفيد هاٿي آهي نواز شريف ۽ انجي ڀاءَ شهباز شريف انهن به اهي لفظ چيا پر انهن پ پ پ حڪومت ۾ مينار پاڪستان لاهور جي کليل ميدان تي پ پ حڪومت خلاف احتجاج ڪندي هٿ جا وهنجڻا پکا کڻي ڪهڙي طرح احتجاج ڪيو ۽ بار بار نواز ليگ وارن اهي دعوائون ۽ ٻٽاڪون پئي هنيون ته ن ليگ ڇهن مهينن،هڪ سال ۾ ڏيڍ سال، ٻن سالن ۾ اقتدار ملڻ بعد مڪمل بجلي جي لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪيو ويندو، جنهن کانپوءِ وزيراعظم عمران نيازي ساڍن ٽن سالن کان وڌيڪ اقتدار ۾ رهڻ بعد جيڪي ڳالهيون ۽ ڪوڙ مٿان ڪوڙ هنيا انهيءَ جو ڪو حساب ڪتاب ئي ڪونهي. معنيٰ ته عمران نيازي حڪومت ڪوڙ ۽ ٺڳيءَ ۾ سڀني کان گوءِ کڻي وئي آهي. جنهن ڪري اڄ سنڌ جو عوام گرميءَ جي موسم ۾ به سنڌ جو ڪو اهڙو شهر علائقو ناهي جتي بجلي صارفين سان ڏاڍ ۽ ظلم زياتي جاري ناهي. هاڻي ته هرهڪ باشعور شخص چوڻ تي مجبور آهي ته هن ملڪ ۾ پوليس اسٽريٽ جي ڳالهه ڪئي ويندي آهي پر شايد هن واپڊا جي اداري اڳيان پوليس به بيوس بڻجي وئي آهي. پوليس کان وڌيڪ واپڊا سيپڪو گردي، ڪي ايس سي گردي ۽ محڪمانه غفلت جي انتها اها آهي جو سنڌ جي اندر نه ڄاڻ ڪيترو 18 کن 20 ڪلاڪ غير اعلانيه لوڊ شيڊنگ شهرن ۾ ڪئي پئي وڃي. وڏي عجب ۽ حيرت جي اها ڳالهه آهي ته سنڌ اندر واپڊا سيپڪو انتظاميه وارن جي کليل غفلت ۽ لاپرواهي سبب هاڻي پاڙي پاڙي ،محلي محلي ۽ گهٽي گهٽي ۾ پرائيويٽ ماڻهن جي حوالي سان بجلي صارفين کي تنگ ڪرڻ لاءِ ماڻهو مقرر ڪيا ويا آهن جيڪي انهن علائقن ۾ ڪرائي تي دڪان وٺي اتي رهائشي بڻجي ويا آهن ۽ ڪي نجي ماڻهو پنهنجي طريقن سان رکيا ويا آهن.جيڪي نام نهاد هٿ ٺوڪين قيمتن سان سادن ماڻهن کي ٻنهي هٿن سان لوٽمار ڪندي بجلي وڪرو ڪري رهيا آهن انهي ۾ واپڊا عملدارن جو انهن سان باقائده حصو پتي مقرر ٿيل آهي ۽ ريٽ ۾ اي سي هلائيندڙن کان سيزنل 20 کان 30 هزار رپيا ورتا وڃن ٿا ۽ ٻين عام صارفين کان مختلف ريٽن ۾ سودو ڪيو وڃي ٿو ۽ پوءِ انهن لاءِ اهي ايجنت دلال قسم جا ماڻهو انهن واپڊا وارن لاءِ ٺٺ ۽ ٽانگر جو سامان مهيا ڪري رهيا آهن.انهن علائقن جو ڪڏهن به بجلي ٽرانسفارمر خراب نه ٿيندو آهي ڇاڪاڻ ته پاڙي پاڙي محلي محلي م هڪ لک رپيا مقرر ٿيڻ جي صورت ۾ 50 هزار رپيا ايجنٽ کڻندا آهن ۽ 50 هزار واپڊا عملدار کڻندا آهن ۽ جنهن ڪري نه ئي وري انهن جي بجليءَ ۾ ڪو فالٽ،بجلي جي وولٽيج گهٽ وڌ ،ڊڊڪشن بل، اوور ريڊنگ جهڙا مسئلا درپيش نٿا اچن.ٻئي پاسي انهن هٿ ٺوڪين نام نهاد پرائيويٽ ماڻهن جي چنبي ۾ نه ايندڙن ۽ انهن سان تعاون نه ڪندڙن کي سزا طور تي بجليءَ جا ميٽر خراب هجڻ، تعاون نه ڪرڻ، لوڊ وڌيڪ جهڙا بهانا بڻائي هزارين رپين جا هروڀرو جا بجلي جا بل اماڻيا وڃن ٿا.اسان جي سامهون اهڙن ٻين ماڻهن جي ڪري بجلي جا اصل صارفين مهينن جا مهينا بجلي جي سڙيل ٽرانسفارمرن لاءِ تبديل ڪرڻ لاءِ پنهنجا بجليءَ بل ساڻ ڪري شهري پرامن احتجاج ڪندا رهن ٿا. پر لاڙڪاڻي جو انجنيئر رسمي کليل ڪچهريون ڪندي بجلي صارفين کي ڪو به ريليف ڏيڻ بجاءِ رڳو فوٽو سيشن ۾ مصروف عمل رهندي ۽ لولي پاپ ڏيندو رهي ٿو ۽ هڪ مخصوص طبقي سان واسطو رکندڙن کي نوازڻ شروع ڪري ٿو باقي ٻينِ بجلي صارفين لاءِ ڪا به اميد ۽ آسرو ناهي.انهي آڏو بار بار لاڙڪاڻي شهر جا بجلي صارفين پنهنجو پرامن احتجاج رڪارڊ درج ڪرائيندي شڪايت ڪن ٿا ته بجلي صارفين جي سهولت لاءِ توهان غريب آبادين ۾ ڪنڊي ڪنيڪشن لڳائڻ،نوان ميٽر مفت لڳائڻ لاءِ علائقن ۾ عوامي کليل ڪچهريون لڳايون وڃن جنهن لاءِ سماجي سوشل سرگرمين ۾ حصو وٺندڙ نوجوانن ۽ صارفين ۾ عوامي پئڪيج ڏيڻ جيان بجلي صارفين کي سهولت مهيا ڪئي وڃي نه ڪي بجلي صارفين سان ڏاڍ مڙسي داداگيري ۽ واپڊا گردي شروع ڪري بجلي صارفين سان پوليس واري ٻولي ڳالهائي پنهنجي غلط سوچ جي عڪاسي نه ڪئي وڃي ۽ مهينن جا مهينا بجلي ٽرانسفارمر درست نه ڪرائڻ سان بجلي صارفين ۾ نه صرف واپڊا خلاف نفرت ڦهلجي رهي آهي پر وڏي مايوسي جنم وٺي رهي آهي.سنڌ جي ماڻهن کي بجلي چور چوندڙ اهو ٻڌائي ته پنجاب جي گاديءَ واري شهر لاهور ۾ 6 مهينن اندر 20 ارب رپين جي چوري جو مثال ڪيئن وساري سگهي ٿو.اها ڳالهه ميڊيا جي هر هڪ نيوز پيپر ۾ وڏين سرخين سان خبر واپڊا ۽ انهن جي وزيرن لاءِ باعث شرم جوڳي ڳالهه آهي اهي سنڌ جي ماڻهن کي بجلي چور جا طعنا ڏيئي رهيا آهن جڏهن ته پاڻ پنهنجي صوبي ۾ گهر گهر ڪارخانن،ملن،فيڪٽرين ۽ زمينن لاءِ موٽر مشينن تي بجلي چوريءَ کي ڪيئن وساري سگهجي ٿو.جيڪڏهن واپڊا کي هن ملڪ ۾ هلائڻو آهي ته پوءِ انهي لاءِ اها ظلم زيادتي ۽ ڏاڍ واري ٻولي نه ڳالهائي وڃي بلڪ پنهنجي بجلي صارفين کي هڪ نه پر ڪيترن موقعن تي رد ڪرڻ بجاءِ موقعا فراهم ڪيا وڃن ڇاڪاڻ ته هن وقت ملڪ جو هڪ وڏو تعداد سولر سسٽم ۾ اچي ويو آهي جنهن ڪري هاڻي بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪرڻ يا نه ڪرڻ سان ڪيترن جاين ۽ علائقن ۾ ڪا باقي اهميت نه رهي آهي.هر هڪ ماڻهو هاڻي گرمي جي وڌيڪ شدت ۽ واپڊا جي ظلم زياتين ڪري پنهنجي بجلي سولر سسٽم لڳائي پنهنجي نجات سمجهي رهيو آهي ڪو زمانو هوندو هيو ته هن ملڪ ۾ ٽيليفون ڪنيڪشن وٺڻ ايڏو مشڪل هيو جو ڪهڙي ڳالهه ڪجي.ماڻهو ڏينهن جا ڏينهن آفيسن جا چڪر ڪاٽيندا هيا پوءِ وڃي فون ڪنيڪشن ملندو هيو پر هاڻي پاڪستان ٽيليفون ڪمپني لميٽيڊ ( پي ٽي سي ايل ) کان ڪو پڇڻ لاءِ تيار ناهي ۽ انهيءَ اداري جي ڪهڙي حالت وڃي بچي آهي جڏهن واپڊا به پرائيويٽ ٿيندي ۽ ضرور ٿيندي ڇاڪاڻ ته هيءُ واپڊا جي عروج کان زوال جا ڏينهن شروع ٿي چڪا آهن. واپڊا جي اڪثر نااهل انتظاميه سبب اڄ علائقن ۾ بجلي صارفين کي بجلي جا سڙيل ٽرانسفارمر مهينن جا مهينا درست ڪري نٿا علائقن ۾ نٿا لڳايا وڃن جنهن ڪري لاڙڪاڻي جي ملڪ گير رڪارڊ گرمي ۾ به جڏهن بجلي صارفين کي بجلي جي سهولت مهيا ڪري نٿي ڪري ڏني وڃي ته پوءِ ڪهڙي سياري جي موسم ۾ بجلي ڏني ويندي. بجلي صارفين کي خدارا مخلوق خدا سمجهي انهن تي رحم ڪندي بجلي ڏني وڃي باقي واپڊا وارن جي ناجائز فرمائشن سان ڪير ڪيئن پوري ڪري سگهي ٿو. واپڊا لاءِ ڪجهه تجويزون ؛ ملڪ جي عوام کي ميٽرو بس، موٽروي روڊ، گرين ٽرين، پيلي ٽيڪسي، ليپ ٽاپ ڪمپيوٽر وغيره جهڙن منصوبن بجاءِ اهميت بجلي توانائي جي منصوبن کي ڏني وڃي ۽ اها ڳالهه نه ڪئي وڃي ۽ اهو واعدو ڪيئن پورو ٿي سگهي ٿو، نيازي حڪومت 22 ڪروڙ عوام کي ضرو ڪو نه ڪو بجلي جي حوالي سان ريليف ڏي . هن وقت 2022ع ۾ بجلي جي شديد بحران کي عملي طرح حل ڪرڻ بجاءِ رڳو هر حڪومت بيان بازي ڪري عوام کي بيوقوف ڪندي رهي آهي ته پوءِ اهڙي عمران نيازي جي حڪومت جو رهڻ جو باقي ڪو به جواز نٿو رهي.انهي لاءِ پ پ سرڪار ۽ پ پ قيادت پنهنجي عوام سان بجلي جي مامري ۾ عملي طرح ساٿ ڏيندي وفاقي رويي جي اهڙي متعصبانه رويي ۽ عمل خلاف سراپا احتجاج بڻجندي پنهنجو احتجاج جيئن جو تيئن برقرار رکندي اچي.، اوور ريڊنگ بل ، ڊڊڪشن بل جتي هڪ هزار بل اچڻو آهي اتي 12 هزار ڪنهن ننڍي پورهيت مزدور جو بل هڪ مهيني جو ايندو ته ضرور اهو واپڊا آفيسن جا در کڙڪائيندو پر بدقسمتي سان اتي ويٺل واپڊا آفيسر به انهن جي 12 ، 20، 30 ڪنهن جو 80 ، 80 هزار جو هڪ مهيني بجلي بل کي ڪٽڻ يا درست ڪرڻ بجاءِ اهو بل ادا ڪرڻ لاءِ زور ڀرين ٿا .اڪثر عوامي راءِ اها آهي ته نيازي سرڪار کي گهرجي ته اها 22 ڪروڙ عوام کي بجلي جي سهولت ڏيڻ لاءِ عملي طرح هڪ وک اڳتي ايندي هر هڪ عام صارف تي 500 رپيا ۽ اي سي هلائيندڙن کان هڪ هزار رپيا في گهر مقرر ڪري ته ڪو به توڙي جو غريب آبادين تي مشتمل صارف به ڪنڊو نه لڳائيندو ۽ ڪا به بجلي جي چوري نه ٿي سگهندي ڪو به بجلي جو باقي بحران نه رهندو ۽ وڏي ڳالهه ته انهي بجلي جي ڪمائيءَ مان پورو ملڪ خوشحال ٿيندو ۽ ترقيءَ جي راهه تي گامزن ٿيندو.يا وري ٿر ڪول منصوبي تي عمل ڪندي چين ملڪ کي انهي منصوبي تي ڪم ڪرڻ جي لاءِ خودمختيار ڪيو وڃي،پر هتي ڪميشن جي مار سبب چين سان بجلي معاهدو ڪير به حڪمران نٿو ڪري ۽ ٿر جو هڪ سئو سال بجلي پيدا ڪندڙ ڪوئلو ضايع ٿي رهيو آهي جڏهن سي پيڪ منصوبي جي ڳالهه تي ايڏو زور ڏنو وڃي ٿو جنهن سان سنڌ کي ڪو به فائدو بظاهر ناهي رڳو رستي جي سهولت مهيا ٿيل آهي پوءِ انهيءَ لاءِ حڪمران وسان ڪين گهٽائين ٿا پر ٿر جي سون جهڙي ڪوئلي کي ڇو نظر انداز ڪيو پيو وڃي جڏهن ته ملڪ ۾ هن وقت سڀ کان وڌيڪ شديد بحران بجلي جو آهي. بجلي نه هجڻ ۽ غير اعلانيل لوڊشيڊنگ ملڪ جي ماڻهن وٽ شديد گرمي ۾ گرميءَ کان بچاءَ سميت ڪاروبار معشيت بزنس کي ڪاپاري ڌڪ رسي رهيو آهي.باقي بجلي جي مامري تي اجائي سجائي سياست نه ڪرڻ گهرجي ملڪ جي عوام کي بجلي صارفين کي پنهنجي ملڪ پنهنجي ڌرتيءَ جو سمجهي انهن کي سهولت فراهم ڪري واپڊا جي اداري کي خود ڪفيل ڪيو نه ته هيءُ ادارو به ٽيليفون اداري وانگر پرائيويٽ بنجڻ کان ڪير روڪي نٿو سگهي .واپڊا کاتو سدائين خساري ۾ رهي ٿو ۽ ماڻهن کي بجلي نه ڏيڻ باوجود ڳرا بجلي جا بل ڏنا وڃن ٿا. اهڙي طرح ئي واپڊا جو هن وقت ڪهڙو حال بچيو آهي انهي لاءِ بجلي صارفين کي سهولتون ڏيو ۽ بجلي هر هڪ صارف تائين بغير ڪنهن ڏکيائي جي پهچائي وڃي اهڙي سخت شديد گرميءَ ۾ بجلي جا سڙيل ٽرانسفارمر درست ڪري عوام کي وڌيڪ تڪليف کان بچايو وڃي جيئن واپڊا جي متاثر ٿيل ساک بحال ٿي سگهي ۽ ترقيءَ جي راهه تي هيءُ ملڪ به گامزن ٿي سگهي، جڏهن ته پاڙيسري ملڪ چين سان بجلي سستيءَ جو معاهدو ڪري عوام کي سک جو ساهه کڻڻ ڏنو وڃي. عدم اعتماد کان اڳ بجليءَ جي بحران کي پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت ختم ڪري ۽ اهو اعلان ڪيو وڃي ته 2 يا 3 پريل کان شروع ٿيندڙ رمضان المبارڪ ۾ پورو ڏينهن رات 24 ڪلاڪ هڪ منٽ به لوڊشيڊنگ نه ڪئي ويندي، جيڪڏهن لوڊشيڊنگ ڪئي ٿير وڃي ته پوءِ گهٽ ۾ گهٽ عملي طرح شيڊيول ٽائيم ٽيبل عوام الناس تائين پڌرو ڪيو وڃي ته شهر ۾ هيءُ ٽائيم ۽ ٻهراڙي ۾ ايترو ٽائيم بجلي بند رهندي انهي کان علاوهه جيڪي هٿرادو جهٽڪا، فالٽ ۽ فلاڻي علائقي جي بجلي ڪاٽڻي آهي ته ٻين علائقن جي بجلي سڄو ڏينهن بند ڪرڻ حقيقت ۾ بجلي صارفين کي ذهني اذيت ۽ پريشانيءَ ۾ مبتلا ڪيو وڃي ٿو جيڪو سلسلو گهٽ ۾ گهٽ رمضان المبارڪ مقدس مهيني ۾ بند ٿيڻ گهرجي.










