ليکڪ ذوالفقار قادري
بنديال پنجابي راجپوتن جي شاخ آھن ٖ جن جي اڪثريت پنجاب جي ضلع خوشاب ۾ رهي ٿي ٖ بنديال اڪثر شير شاه سوري جي لشڪر ۾ شامل هئا جڏھن شير شاه سوري ميانوالي ٖ سرگوڌا ۽ خوشاب وارا علائقا فتح ڪيا تہ بنديال ان علائقي ۾ آباد ٿي ويا ٖ اڳتي هلي جڏھن پنجاب تي رنجيت سنگهہ جي حاڪميت قائم ٿي تہ بنديالن کي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا ٖ پر جڏھن انگريزن رنجيت سنگهہ جي پٽ کڙڪ سنگهہ کي شڪست ڏئي پنجاب تي قبضو ڪيو تہ بنديالن انگريزن جو ساٿ ڏنو جنهن جي بدلي ۾ بنديالن کي خوشاب ۾ جاگيرون عطا ٿيون ٖ پاڪستان جي بيوروڪريسي ۾ غلام محمد ٖ غلام اسحاق خان ٖ عزيز احمد ٖ قدرت الله شھاب ٖ سرتاج عزيز ٖ آ۽ اي امتيازي ٖ جاويد برڪي ٖ اي جي اين قاضي ٖ متوڪل قاضي ٖ فاروق لغاري ٖ ايس ايم قريشي ٖ مظهر الحق صديقي ٖ طارق باجوه ٖ محمد اڪرام الله ٖ تسنيم نوراني ٖ اجلال حيدر زيدي ٖ سليم عباس جيلاني ٖ الطاف گوهر ٖ سيد محب الله شاهہ ٖ مصطفئ زيدي ٖ ڪيپٽن عثمان علي عيساڻي ۽ ٻين وڏو نالو ڪڍيو پر پاڪستان جي قيام بعد 1954ع واري سپريئر سول سروس امتحان ۾ جيڪي بيوروڪريٽ ڪامياب ٿيا انهن ۾ موجوده چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جو پيءُ فتح خان بنديال جنهن ايف ڪي بنديال جي نالي سان وڏي شهريت ماڻي ٖ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي جسٽس اطهر من الله جو پيءُ نصر من الله ٖ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي جسٽس يحئ آفريدي جي پيءُ عمر آفريدي ٖ خواجہ محمد احمد صمداني ( اهو پو۽ لاهور ها۽ ڪورٽ جو جج بڻيو ۽ جنرل ضياء دور ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي ضمانت تي آزاد ڪيائين سندس بابت الڳ آرٽيڪل پيش ڪبو ) روئيداد خان ۽ ٻيا شامل هئا ٖ موجوده چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جو پيءُ فتح خان بنديال 1968ع ۾ ڊپٽي ڪمشنر لاهور هو تہ انهن ڏينهن ۾ پنجابي فلمن جي بدمعاش ڪردار جگا گجر جي لاهور ۾ وڏي ھاڪ هئي ٖ اصل ۾ جگا گجر کي مغربي پاڪستان جي گورنر ملڪ امير محمد خان آف ڪالا باغ جي سرپرستي حاصل هئي ٖ هڪ ڏينهن ڊپٽي ڪمشنر لاهور فتح خان بنديال عام شهري جيان هڪ دڪان تي ويو تہ ايتري ۾ هڪ پراڻي کليل “ ويليز “ جيپ اچي دڪان سامهون اچي بيٺي دوڪاندار جلدي جلدي ڪافي سامان ۽ پئسا کڻي وڃي جيپ ۾ سوار همراهن جي اڳواڻ کي عاجزي مان پيش ڪيا ٖ ڊي سي لاهور ايف ڪي بنديال جي پڇڻ تي دڪاندار کيس ٻڌايو تہ “ اوهان شايد لاهور ۾ نوان آيا آھيو ٖ هي لاهور جو مشهور ڊان سڏائيندڙ “ جگا گجر “ آھي ٖ ڊي سي لاهور ايف ڪي بنديال اهو ٻڌي خاموشي سان هليو ويو ٖ انهن ڏينهن ۾ ايس ايس پي لاهور حاجي حبيب الرحمان هو جيڪو اڳتي هلي آ۽ جي پوليس پنجاب بہ بڻيو ٖ ڊي سي لاهور فتح خان بنديال ۽ ايس ايس پي لاهور حاجي حبيب الرحمان هڪ پلان جوڙي پوليس پارٽي تشڪيل ڏني جنهن ۾ اي ايس آ۽ اسرار الله بہ شامل هو اي ايس آ۽ اسرار الله اڳتي هلي ڊي آ۽ جي پوليس لاهور بہ ٿيو جنهن وزيراعظم بينظير ڀٽو صاحبہ جي دور ۾ نواز شريف جي پيءُ ميان شريف کي گرفتار ڪري هٿڪڙيون بہ هنيون هيون ھڪ پوليس آپريشن ۾ بدمعاش جگا گجر پنهنجي ساٿي راجو گجر سميت مقابلي ۾ مارجي ويو ٖ لاهور جي لالي ووڊ ۾ ڪئين سال جگا گجر جي نالي پويان سلطان راهي ۽ مصطفئ قريشي جي ڪاسٽ ۾ فلمون ٺھنديون رهيون ٖ فتح خان بنديال ترقي ڪندو ڪمشنر ٖ سيڪريٽري ۽ چيف سيڪريٽري جي عهدي تي پهتو ٖ 20 ڊسمبر 1971ع تي ذوالفقار علي ڀٽو جيئن اقتدار سنڀاليو تہ حيات محمد خان شيرپاؤ کي سرحد جو گورنر ۽ فتح خان بنديال کي چيف سيڪريٽري سرحد مقرر ڪيائين ٖ وري وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو پنجاب جي وزيراعلئ غلام مصطفئ کر کي عهدي تان هٽائي ميان محمد حنيف رامي کي پنجاب جو چيف منسٽر مقرر ڪيو تہ فتح خان بنديال کي سرحد مان بدلي ڪري چيف سيڪريٽري پنجاب مقرر ڪيائين ٖ 5 جولا۽ 1977ع تي جنرل ضياء مارشل نافذ ڪري ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت برطرف ڪئي تہ پوري وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي بيوروڪريسي ۾ ڦيرڦار ڪئي وئي پر پنجاب جي چيف سيڪريٽري فتح خان بنديال کي جنرل ضياء پنجاب ۾ ڪم جاري رکڻ جو حڪم ڏنو ٖ فتح خان بنديال پنجاب جي چيف سيڪريٽري جي عهدي تي فائز هو تہ لاهور ۾ ھڪ واقعو پيش آيو ٖ ٿيو هيئن جو 13 مئي 1978ع تي فجر جي وقت گلبرگ لاهور ۾ پاڪستان جي مشهور اداڪاره شبنم جي بنگلي ۾ جنهن وقت اداڪاره شبنم سندس مڙس روبن گهوش ۽ ننڍو پٽ روفي بيڊ روم ۾ ننڊ ۾ ستا پيا هئا تہ ست هٿياربند سندن گهر ۾ گهڙي آيا شبنم جي مڙس روبن گهوش ۽ معصوم پٽ روفي کي هٿيارن جي زور يرغمال بڻائي اداڪاره شبنم کي زبردستي ٻئي ڪمري ۾ کڻي ويا ۽ ساڻس سان جنسي ڏاڍائي ڪرڻ بعد گهر مان ڌاڙو پڻ هڻي فرار ٿي ويا ٖ صبح جو جيئن ئي اها خبر اخبارن ۽ فلم انڊسٽري وارن کي پئي تہ لاهور سميت سموري ملڪ ۾ ان واقعي جي مذمت ڪئي وئي ٖ جنرل ضياء جي زال شفيقہ ضياءالحق پڻ شبنم جي وڏي فين هئي ٖ اهو ڪيس مارشل لا اٿارٽيز جي منهن تي چماٽ ھو ٖ جنرل ضياء جي حڪم تي انٽيليجنس ايجنسيز آخر جوابدارن جو سراغ لڳائي ورتو ۽ ڇاپا هڻي جوابدار پڪڙيا ويا ٖ شبنم زيادتي ڪيس جو مک جوابدار ۽ ماسٽر مائنڊ پنجاب جي سٽنگ چيف سيڪريٽري فتح خان بنديال جي ڀيڻ جو پٽ مطلب سڳو ڀاڻيجو فاروق بنديال هو جڏھن تہ سندس ٻين ساٿين ۾ وسيم يعقوب بٽ ٖ جميل احمد ٖ طاهر تنوير ٖ جمشيد اڪبر ساهي ٖ آغا عقيل ۽ محمد مظفر شامل هئا ٖ جوابدارن جاچ دوران اداڪاره زمرد سميت ڪافي جنسي ڏاڍاين ۽ ڌاڙن جي وارداتن ۾ ملوٽ ھئڻ جو اعتراف ڪيو جنرل ضياء جي حڪم تي جوابدارن جو ڪيس هلائڻ لا۽ لاهور ۾ هڪ ڪرنل ٖ هڪ ميجر ۽ هڪ مئجسٽريٽ تي مشتمل اسپيشل ملٽري ڪورٽ نمبر 6 جوڙي وئي ٖ شبنم پاران نامياري قانوندان ايس ايم ظفر ڪيس جي پيروي ڪئي ٖ آخر 23 آڪٽوبر 1979ع تي اسپيشل ملٽري ڪورٽ لاهور مارشل لا ريگيوليشن نمبر 7 ۽ پي پي سي 412 تحت جوابدارن فاروق خان بنديال ٖ وسيم يعقوب بٽ ٖ طاهر تنوير ٖ جميل احمد ٖ جمشيد اڪبر ساهي کي موت جي سزا ٖ جوابدار آغا عقيل کي ڏوهہ جي معاونت جي الزام ۾ ڏھہ سال قيد بامشقت جي سزا ٻڌائي جڏھن تہ جوابدار مظفر کي ڏوهہ ثابت نہ ٿيڻ تي بري ڪري ڇڏيو ٖ جوابدارن کي سزا اچڻ بعد اداڪاره شبنم تي دٻاءُ وڌي ويو ۽ هن پاڪستان ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو پر کيس ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اين او سي نہ ملي رهي هئي آخر اداڪاره شبنم نامياري قانوندان ايس ايم ظفر ذريعي جنرل ضياء کي خط لکيو تہ هن سڀني جوابدارن کي معاف ڪري ڇڏيو آھي ٖ اهڙي طرح 1981ع ۾ سمورا جوابدار جيل مان آزاد ڪيا ويا ان بعد بہ ڪافي سال اداڪاره شبنم کي پاڪستان کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت نہ ملي ٖ ٻئي طرف جنرل ضياء چيف سيڪريٽري پنجاب فتح خان بنديال کي وفاقي سيڪريٽري بڻائي ڇڏيو ۽ 1986ع تائين وفاقي سيڪريٽري رهيو ٖ اڳتي هلي جڏھن 1993ع ۾َ وزيراعظم نواز شريف ۽ صدر غلام اسحاق خان درميان اختلافن جي نتيجي ۾ جنرل وحيد ڪاڪڙ فارمولي تحت نواز شريف ۽ اسحاق خان جي استعفئ بعد عبوري حڪومت ۾ فتح خان بنديال 22 جولا۽ 1993ع کان 19 آڪٽوبر 1993ع تائين وفاقي وزيرداخلا رهيو ٖ آڪٽوبر 1993ع جي چونڊن جي نتيجي ۾ بينظير ڀٽو صاحبہ ٻيو دفعو ملڪ جي وزير اعظم بڻي ٖ موجوده چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال 17 سيپٽمبر 1958ع تي پاڪستان جي مشهور اڳوڻي بيوروڪريٽ فتح خان بنديال جي گهر ۾ جنم ورتو ٖ ابتدائي تعليم سينٽ ميري اسڪول راولپنڊي ۾ حاصل ڪئي بعد ايٽچيسن ڪاليج لاهور مان تعليم پرائي اعلئ تعليم لا۽ ڪيمبرج يونيورسٽي مان گريجوئيشن ۽ لنڪن ان لنڊن مان قانون جي ڊگري بار ايٽ لا ڪري لاهور ۾ وڪالت جي پيشي سان سلهاڙجي ويو ٖ جنرل پرويز مشرف سن 2004ع ۾ عمر عطا بنديال کي لاهور ها۽ ڪورٽ جو ايڊهاڪ جج مقرر ڪيو ٖ 2006ع ۾ هو لاهور ها۽ ڪورٽ جو مستقل جج بڻيو ٖ 2007ع ۾ جڏھن جنرل پرويز مشرف ايمرجنسي ۽ پي سي او نافذ ڪري ججن کي ٻيهر پي سي او تحت حلف کڻڻ جو چيو تہ جسٽس عمر عطا بنديال انهن ججن ۾ شامل هو جن پي سي او تحت حلف نہ کنيو ۽ کيس گهر ڀيڙو ڪيو ويو ٖ 2009ع ۾ وڪيلن جي تحريڪ جي نتيجي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ججن کي بحال ڪيو تہ جسٽس عمر عطا بنديال بہ بحال ٿي ويو اڳتي هلي لاهور ها۽ ڪورٽ جو چيف جسٽس بڻايو ويو ٖ 2014ع ۾ کيس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو جج مقرر ڪيو ويو ٖ 2 فيبروري 2022ع کان چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي منصب تي فائز آھي جيڪڏھن ملڪ ۾ ڪا اهڙي غير معمولي صورتحال پيدا نہ ٿي تہ چيف جسٽس عمر عطا بنديال 17 سيپٽمبر 2023ع تي رٽائر ٿي ويندو سندس کان پو۽ جسٽس قاضي فائز عيسئ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو چيف جسٽس بڻجي ويندو ٖ چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي ويجهڙ وارن فيصلن ۽ سندس ڌيُ سحر زرين بنديال بابت ميڊيا ۾ تنقيد ٿي رهي آھي ٖ چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي ڌيءُ سحر زرين بنديال جي شادي مسلم ليگ نواز لاهور جي صدر ۽ لاهور مان پنج دفعا نواز ليگ جي مرحوم ايم اين اي پرويز ملڪ ۽ موجوده خاتون ايم اين اي شائستہ پرويز ملڪ جي ننهن ۽ بيريسٽر احمد پرويز ملڪ جي زال آھي سحر زرين جو هڪ ڏير علي پرويز ملڪ پڻ نواز ليگ جو ايم اين اي آھي ٖ چيف جسٽس عمر عطا بنديال تي ان ڏينهن کان تنقيد شروع ٿي جڏھن کان سندس ڌيۡ کي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان لکين روپيا پگهار ۽ ٻين سهوليتن عيوض پيمرا جو ميمبر ڪيو پر جيئن ئي عمران خان سرڪار کي عدم اعتماد ذريعي هٽايو ويو تہ چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي ڌيء سحر زرين بنديال پيمرا جي عهدي تان استعفئ ڏئي ڇڏي ٖ نواز ليگ ۽ سندس اتحادي پارٽيون سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال تي تنقيد ڪري رهيون آھن تہ سندس سربراهي ۾ جڙندڙ بينچون لڳاتار اڳوڻي وزير اعظم عمران خان کي رليف ڏئي رهيون آھن ان کان اڳ ساڳيو چيف جسٽس عمر عطا بنديال رات جو دير سان ڪورٽ کولرائي عمران خان خلاف فيصلا ڏئي رهيو هو تڏھن چيف جسٽس عمر عطا بنديال نواز ليگ ۽ سندس اتحادي جماعتن کي ڀلو لڳي رهيو هو ٻئي طرف سپريم ڪورٽ آف پاڪستان اندر سندس ساٿي ججن بہ بغاوت ڪندي موقف اختيار ڪيو آھي تہ چيف جسٽس عمر عطا بنديال ڪافي اهڙا فيصلا ۽ ڪورٽ اندر انتظامي قدم ۽ بينچن جي تشڪيل جو طريقہ ڪار خلاف ضابطہ آھي هاڻي ڏسجي تہ معاملو ڪٿي ٿو پهچي؟ (هي مضمون واٽس ايپ گروپ تان مليو آهي جيڪو سنڌيار جي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿو.)










