اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجه جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ملڪ ۾ ايندڙ سال چونڊن جي تياري جو جائزو ورتو ويو.چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ چونڊن جي تيارين بابت اجلاس ۾ آگاهي دوران ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن چونڊن لاءِ مڪمل تيار آهي ۽ تڪبندين جي حتمي فهرست 30 نومبر تي شائع ٿيندي.اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽين جي مشاورت کانپوءِ ضابطه اخلاق جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن نوٽيفڪيشن ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ جاري ڪيو ويندو.ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن اٺ فيبروري 2024ع جمعي جي ڏنهن سموري ملڪ ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو.










