چونڊيل نمائندن ۽ انتظاميا جي بي حسي جي انتها!

چونڊيل نمائندن ۽ انتظاميا جي بي حسي جي انتها!

رپورٽر ڊائري: ٽنڊو غلام حيدر مان مير حسن رند جي زباني

تعلقي ٽنڊو غلام حيدر جي سموري عوام انتظاميه ۽ سياسي چونڊيل نمائندن جي مجرماڻي خاموشي سبب بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل قدرتي مالي وسلين سان مالا ۽ ڏيڍ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ماهوار بجيٽ رکندڙ تعلقي ٽنڊو غلام حيدر جا بنيادي مسئلا 15 سال جي وڏي عرصي گذرڻ باوجود به حل نه ٿي سگهيا. تعلقي جي سموري عوام کي ٽڪي برابر به بنيادي سهولتون ميسر نه ٿي سگهيون گذريل ڪيترن ئي سالن کان اليڪٽرونڪ ميڊيا پرنٽ ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا تي تعلقي ٽنڊو غلام حيدر جي چونڊيل نمائندن ۽ انتظاميا مٿان تنقيدن جا ڍير گڏ ٿيڻ لڳا سوشل ميڊيا تي تعلقي رهواسين عوام ۽ شھرين پاران پاڪستان پيپلزپارٽي جي اعلي قيادت کان بار بار دانهن ڪوڪن التجائن ۽ سندن ڪيل واعدن بجاء هاڻي تائين عملي طور تي ڪنهن به ڳاله جو نوٽيس نه وٺڻ جائز مطالبا نه مڃڻ خلاف تعلقي ٽنڊو غلام حيدر سميت ننڍن وڏن شهرن يونين ڪائونسلن ۽ ٻھراڙي واري ڳوٺن جي رهواسين جي اڄ به ساڳئي هاء گهوڙا برقرار آهي تعلقي ٽنڊي غلام حيدر جي بنيادي مسئلن کي حل نه ڪرڻ تي تڪ جي چونڊيل نمائيندن سميت صحافين تي به تنقيدن جا تير وسڻ شروع ٿيڻ لڳا آهن تعلقي ٽنڊي غلام حيدر جا اهم بنيادي مسئلا جنھن ۾ تعلقي ٽنڊي غلام حيدر جي ٽائون ملازمن جي حقن تي ڌاڙا ۽ سالون گذري وڃڻ باوجود انهن ملازمن سان انصاف نه ٿيڻ توڙي رهواسين لاء صحت جون سھولتون بجلي گئس اسپتال ايمبولينس اڻلڀ سمورا لنڪ روڊ ٽٽي تباھ ٿي ويا آهن جيتوڻيڪ پيئڻ جو صاف پاڻي به سئولي نموني ميسر ناھي سوين ماڻھون مختلف خطرناڪ بيمارين جھڙي موضي مرضن ۾ مبتلا ٿيل آهن پر سٺي علاج جي ڪا به سھولت موجود ناھي ان کان علاوه وسندڙ برساتن جي مند ۾  پوري تعلقي ٽنڊي غلام حيدر جي تباھي جو سڀ کان وڏي ۾ وڏو سبب بڻيل اهو به آهي ته  ڪافي سم نالن جون کاٽيون نه ٿيڻ ڪري مقامي آبادگارن کي برساتو پوڻ ڪري ڪروڙين روپين جو تمام وڏو نقصان درپيش اچڻ جو خدشو ھوندو آھي ۽ لکين ايڪڙ زرعي زمينون بنجر بڻجي وڃن ٿيون ٻي طرف مختلف شاخن ۽ واھن جون کاٽيون به اڄ تائين ناھن ٿي سگهيون ٽنڊي غلام حيدر جي سموري مذڪوره غريب مسڪين عوام چئني پاسن کان ويتر گهڻن عذابن مشڪلاتن پريشانين ۾ جڪڙجي چڪي آهي پر وڏيون وڏيون داعوائون ڪندڙ هتان جي  انتظاميا ۽  سياسي قيادت ڪنهن به حد تائين ڪو عملي ڪردار ادا ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام رهي آهي جڏهن ته تعلقي اندر رهندڙ  لکئين رهواسين جا مسئلا مسائل ۽ انهن جي حل لاء اثرائتا قدم  نه کڻي سنڌ اسيمبلين ۾ ويٺل سياسي ليڊر به انهن جي جائز حقن ۽ مطالبن جي مڃتا لاء پنهنجي حقيقي آواز کي ڪڏهن ڪنهن نموني سان به نه اٿاريو جنهن جي ڪري بنيادي سهولتن جا هزارين مسئلا حل نه ٿيڻ بدران روز به روز وڌڻ لڳا آهن ڪڏهن ڪڏهن سالون گذرڻ کان پوء ڪو منسٽر يا وري ڪو وزير ايم پي اي يا ايم اين اي مختلف هنڌن شهرن جي دوري تي اچانڪ اوچتو اچي ٿو ته مقامي صحافي به انھن کي تعلقي جي مسئلن کان آگاھ ڪرڻ بجاء مختلف نوان سنوان سوال ڪرڻ تائين محدود ھوندا آهن پر باوجود ان جي پنھنجي تعلقي ۾ ننڍن وڏن شهرن يونين ڪائونسلن ۽ ٻھراڙي توڙي پسگردائي جي ڳوٺن جي مسئلن بابت سڌي ريت ڪير به فائيديمند سوال ڪرڻ لاء تيار ناھي ھوندو سڄي تعلقي ٽنڊي غلام حيدر جا ڪيترائي سوين اسڪول ڪاليج زبون حالي جي ور چڙهي ڀوت بنگلن جو  شڪار ٿي ويا پر اڄ تائين ان جو ڪو به کڙ تيل نه نڪري سگهيو آهي ٽنڊي غلام حيدر شھر جي مين ڊگري ڪاليج جي عمارت ته ٺهي جڙي راس ٿي پر اها ڪروڙين روپين جي ماليت سان ٺهيل بلڊنگ تعلقي رهواسين کي ڪو لاڀ ڏيئي نه سگهي واڳ ڌڻين جي  بي ڌياني ۽ عدم دلچسپي سبب ڪوبه به فائدو نه پهچي سگهيو جيڪا بلڊنگ هاڻي گند ڪچري سان ڀرجي آهستي آهستي مڪمل نموني زبون حالي جو شڪار ٿي تباه ۽ برباد ٿي رهي آهي تعلقي ٽنڊي غلام حيدر  شھر جا اڃا ٻيا به ڪافي مسئلا مسائل رهيل  آهن جنھن ۾ ڊرينيج سسٽم مڪمل ناڪارا پيل آهن واٽر اسڪيمون سالن کان بيڪار ٿيل آهن تعلقي اندر شھر جا فلٽر پلانٽ به ڪافي عرصو گذرڻ باوجود اڃا تائين بند ٿيل آهن تعلقي اندر ڪافي سرڪاري عمارتن تي قبضا پڻ ٿيل آهن روڊن رستن جي حالت وڌيڪ بدترين ۽ بيڪار ٿي چڪي آهي تعلقي جا ڪافي سوين سرڪاري اسڪول به بد نظمي طور بند پيل آهن ڪافي اسڪول وڏيرن ڀوتارن جي قبضن هيٺ آيل آهن اها ڪيڏي نه وڏي افسوس جهڙي ڳاله آهي ته تعلقي ٽنڊي غلام حيدر جي ھنن خاص توڙي اھم مسئلن جي حل لاء ڪنهن به چونڊيل سياسي نمائندي يا لاڳاپيل انتظاميه جو ايماندار ۽ ذميوار آفيسر اهڙن جائز مطالبن جي مڃتا خاطر پنهنجو آواز اٿارڻ لاء دلي طور تيار ئي ڪونه آهي تعلقي ٽنڊي غلام حيدر جا اهم ۽ جائز بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ سبب تعلقي جو عوام سخت مايوس ۽ پريشان حال آهي موجوده وقت سڄي تعلقي اندر فروخت ٿيندڙ هر نموني جي منشيات باقائدي صنعت اختيار ڪري ورتي آهي جتي قانوني  خاموشي ڪيترا ئي سوال پيدا ڪري ڇڏيا آهن ان لاءِ بلاول ڀٽو زرداري سميت پ پ پ جي اعلي قيادت تڪ جي چونڊيل سياسي نمائيندن ضلعي توڙي تعلقي انتظاميه کان پرزور مطالبو ڪجي ٿو ته فوري طور تي تعلقي ٽنڊي غلام حيدر جا سمورا جائز مسئلا ترت حل ڪري ڏنا وڃن ته جئين تعلقي جي عوام مان وڌندڙ بيچيني جلد از جلد ختم ٿي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو