چونڊون 15 يا 25 جنوري تائين ٿي سگهن ٿيون:ڪنور دلشاد

چونڊون 15 يا 25 جنوري تائين ٿي سگهن ٿيون:ڪنور دلشاد

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير جي قانون بابت خاص مددگار ۽ اڳوڻي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ڪنور دلشاد چيو آهي ته ملڪ ۾ عام چونڊون 15 کان 25 جنوري تائين ٿينديون.ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪنور دلشاد چيو ته اليڪشن ڪميشن 12 ڪروڙ 50 لک کان وڌيڪ ووٽرن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، تڪ بندين جو ڪم 30 نومبر کان اڳ مڪمل ڪيو ويندو ۽ تڪبندين جو گزٽ نوٽيفڪيشن ۽ چونڊ لسٽون 30 نومبر تي جاري ڪيون وينديون. خاص مددگار موجب اليڪشن ڪميشن نوٽيفڪيشن کانپوءِ سيڪشن 57 تحت چونڊ شيڊول جاري ڪرڻ جو اختيار رکي ٿو. عام چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو اختيار رڳو اليڪشن ڪميشن کي آهي، ڪو به ادارو اليڪشن ڪميشن جي اختيارن ۾ مداخلت نٿو ڪري سگهي. ڪنور دلشاد چيو ته آرٽيڪل 230 ۽ 222 تحت اليڪشن ڪميشن پنهنجي معاملن ۾ مڪمل طور تي آزاد آهي، موجوده صورتحال مان لڳي ٿو ته چونڊن جو شيڊول نومبر جي ٻئي هفتي ۾ جاري ڪيو ويندو، اليڪشن ڪميشن 15 کان 25 جنوري جي وچ ۾ ٿيندي .اڳوڻي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته نگران حڪومت آرٽيڪل 224 تحت فنڊ استعمال ڪري رهي آهي، آرٽيڪل 224 تحت گران حڪومت کي فنڊز ۽ تعميراتي ڪمن جو مڪمل اختيار آهي، نگران پنجاب حڪومت ڪنهن سياسي پارٽي جي ماتحت ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو