ڀٽائي جي ڪلام ۾ وحدت واري وائي، اعجاز ممنائي

ڀٽائي جي ڪلام ۾ وحدت واري وائي، اعجاز ممنائي

شاھ عبداللطيف ڀٽائيء جي رسالي جي ابتدا سُر ڪلياڻ جي ھن بيت سان ته جيڪي سالڪ ھڪ ڌڻيءَ جي ھيڪڙائيءَ جا ڪٺل آھن اھي اھو ورد پيا ڪن ته سواءِ ڌڻيءَ جي ٻيو ڪوبه سائين نه آھي ھو پنھنجو ھينئون حقيقت سان ھڪ ڪري طريقت جي واٽ تي تور سان پيا ھلن ھُو سچي معرفت واري سن سان روحاني ولايت پيا ڳولينِ ھُو ڪڏھن به سک سان نه ٿا سمھن بلڪه پنھنجي ھستيءَ کي وڍي فنا ڪريو ڇڏينِ.

وحدھو جي وڍيا ، الااللّٰه سين اورين،

ھنيون حقيقت گڏيو ، طريقت تورينِ،

معرفت جي ماٺ سين ڏيساندر ڏورينِ،

سک نه ستا ڪڏھين ويھي نه ووڙينِ،

ڪلھنئون ڪورين ، عاشق عبداللطيف چئي

شاھه عبداللطيف ڀٽائي اھو عظيم رھنما آھي جنھن انسان ذات کي صراط المستقيم جو رستو ڏيکاريو ھونءَ ته شاھه سائينءَ جو سمورو توحيد جي تنوار پيو ڪري پر ان توحيد کي سمجهڻ لاءِ معرفت جو ھجڻ لازم آھي جيڪڏھن معرفت نه ھوندي ته پرينءَ جي پرک ٿيڻ ناممڪن آھي ان ڪري شاھه سائينءَ سڌو سبق پاڙھيو آھي ته،

الله جي آس ڪري ، ٻيجل ڪي ٻاڪار

لاالٰه الاالله محمَّد رسُول اللَّه رکيائين تندن منجھه تنوار

ماڙيءَ ۾ ملوڪ جي ، سيباڻي سردار

جيڪين خلقئو خلقڻھار سو مڙوئي ڏنائين مڱڻي

ان مان صاف ظاھر ٿيو ته توحيد کان پوءِ رسالت تي ايمان آڻڻ يعني واحد جي وحدانيت کي سمجھڻ لاءِ رسالت جو وجود لازمي قرار ڏنو ويو آھي ان کي عقل به تسليم ڪري ٿو ته ڪنھن مٿاھين منزل تي پھچڻ لاءِ ڏاڪڻ يعني معرفت جو ھجڻ ضروري آھي اھو خدا جو قانون آھن ته  مون تائين پھچڻ جو رستو ڳوليو ھاڻي ڏسڻو اھو آھي ته عقلمند ۽ حق جي معرفت ڪنھن وٽ آھي؟ خداوند ڪريم پنھنجي نور مخفيءَ مان عقل جي تخليق ڪئي ۽ ڪجھه شين کي ان جو ساٿي قرار ڏنائين جيئن علم کي عقل جي جان چيائين فھم کي عقل جو روح چيائين راحت کي عقل جي جان قرار ڏنائين رحمت کي عقل جو ذھن سمجهايائين زھد کي عقل جو سر سڏيائين حلم کي عقل جو چھرو چيائين حياءَ کي عقل جون اکيون چيائين حڪمت کي عقل جي زبان سڏيائين نيڪيءَ کي عقل جي کاڻ چيائين ۽ غيرت کي عقل جو روح قرار ڏنائين اھو ئي سبب آھي جو عقل کي ڏهه اوصاف ڏئي کيس طاقت بخشيائين انھن ۾ خوف ، اميد، ايمان، يقين، سچائي، تسڪين، جوان مردي ، قناعت، رضا ۽ تسليم شامل آھن جڏھن اھي سڀ اوصاف ملي وڃن ٿا ته عقلمند انسان سوچ ۽ فڪر ڪرڻ لڳندو آھي ته مان ڇا آھيان؟ ڪٿان آيو آھيان؟ مان پاڻ آيو آھيان يا آندو ويو آھيان؟ مان ھتي ڇو آيو آھيان؟ پاڻ کي سڃاڻڻ لاءِ معرفت ڪٿان ۽ ڪيئن حاصل ڪريان ؟ ڇوته جنھن پاڻ کي سڃاتو تنھن پنھنجي رب کي سڃاتو. مان جنھن ماحول ۾ رھان ٿو اھو پاڻ ٺھيو آھي يا ان کي ٺاھيو ويو آھي دنيا ڇو ٺھي آھي ؟ ھيءَ زندگي ڇو ملي آھي؟ ھيءُ نعمتون ڇو مليون آھن؟ مان خالق آھيان يا مخلوق؟جيڪڏھن مخلوق آھيان ته مون کي پنھنجي خالق جي دربار ۾ ڪھڙي حالت ۾ وڃڻ گھرجي؟ مون تي ڪھڙا فرائض ۽ حقوق آھن؟ جيڪڏھن مان حق تي آھيان ته حق ڇا آھي؟ ۽ حق جي طرفداري ڇا آھي؟انھن سڀني سوالن جو جواب معرفت سان ئي ملي سگھي ٿو.معرفت کان خالي انسان ڪڏھن به حق کي سڃاڻي نٿو سگھي ان ڪري حق جي طرفدارجي گھرجي ته دولت، طاقت، اختيارات، تعليم، خوشامند، پيٽ ۽ جواني جي نشي کان پرھيز ڪري. ڇوته انھن نشن مان ڪو ھڪ نشو به مٿس چڙھيو ته سندس عقل خراب ڪري سگهي ٿو ۽ سندس وقار کي ڪيرائي سگهي ٿو حق لھڻ جي ڪاميابيءَ لاءِ چار مرحلا طئي ڪرڻ ضروري آھن ۱: معرفت ۲: عشق ۳: ارادو ۴: عقل . ھاڻي ڪنھن به ڪم جي لاءِ سڀ کان پھريان ان جي معرفت ضروري ھجي ٿي ته جيئن انسان منزل مقصود جو قدر ۽ قيمت ۽ ان جي معرفت رکندو ھجي جڏھن ٻيو مرحلو عشق انسان کي منزل جي طرف وڌڻ لاءِ حيڪت پيدا ڪري ٿو جنھن سان انسان ارادو ڪري اڳتي وڌي ٿو مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ عشق  ۽ ارادي رکڻ وايو انسان رڪاوٽن جو مقابلو  ڪري جبل وانگر مضبوط ۽ طاقتور ٿي ويندو آھي جڏھن ته عقل حق ۽ باطل ۾ بامقصد ۽ بي مقصد شين ۾ فرق پيدا ڪري ٿو حق ۽ سچ جي معرفت حاصل ڪرڻ جو اھم ذريعو انساني عقل آھي ۽ عقل جي ڪري ئي انسان کي باقي مخلوقات تي فوقيت حاصل ٿي آھي عقل ئي حق جو سڌارو آڻيندو آھي ۽ عقل سان معرفت حاصل ٿيندي آھي معرفت سان منزل مقرر ٿيندي آھي ۽ منزل جي قدر و قيمت نظر اچڻ سان منزل تائين پھچڻ جو عشق پيدا ٿيندو آھي ۽ ان عشق سان سڀ مشڪلاتون آسان ٿي وينديون آھن 

وحدھو لا شريڪ له جن اتوسين ايمان

تن مڃيو محمد ڪارڻي قلب ساڻ لسان

اوءِ فائق ۾ فرمان ، اوتڙ ڪنھن نه اوليا

جيڪڏھن سھڻيءَ ميھار ماڻيو ته معرفت جي وسيلي ،ھن کي دنيا ترڪ ڪرڻي پئي  ڇوته نينھن جي تک مھراڻ جي تک کان وڌيڪ جبري آھي. سچو عاشق عشق جي عميق ۾ ٻڏل آھي سھڻيءَ کي سير ۾ سيسار ۽ واڳون ورائي ويا پر ڪنھن جي پرواھه نه ڪيائين ايتري تائين جو ميھار جي معرفت تي کيس ايترو يقين ٿي ويو جو ڪچي ۽ پڪي دلي جي به کيس خبر نه پئي ۽ گهڙو ڀڳو ته سھڻيءَ سان سائر (ساگر) ۾ اچي ساھڙ مليو. جي سسئيءَ پنھونءَ سان ميلاپ ڪيو تڏھن به معرفت جي وسيلي ، جيڪڏھن منجھن معرفت وارو پھلو نه ھجي ھان ته سسئي رڻ ڇو رِلي ھان، جبل ڇو جهاڳي ھان ،ڇا معرفت کان خالي انسان سرتين ۽ ساھيڙين سان صلاحون ڪندو آھي؟ اھا معرفت ئي ته آھي جنھن سان سسئيءَ جھڙي اڀري ۽ معذور عورت وڻن ٽڻن ۽ پکين پکڻن، جهنگ جي مروئن کان پنھنجي پنھونءَ جو پڇندي ٿي وتي ۽ ھر بر پٽ ۾ دانھون ڪندي ٿي وتي ته  منھنجا ويري ھڪڙا اٺ آھن ٻيا اٺن وارا جت آھن ٽيان پنھونءَ جا ڀائر يعني ڏير آھن چوٿون ويري واچوڙو آھي جنھن پنھونءَ جا پير ڊاٺا ھئا پنجون وير سج ھو جيڪو جلدي لھي ويو ڇھون ويري پھاڙ ھو جنھن پنھنجا لنگھه ۽ پيچرا سنوان نه بيھاريا ستون ويري چنڊ ٿيو جيڪو ساجهر نه اڀريو ۽ سسئيءَ لاءِ پنھونءَ کان سواءِ نسوري اوندھه آھي. ليلا جو ليلائڻ تيستائين ڪارگر ئي نه ٿيو جيستائين چنيسر جي معرفت نه ٿي ورتائين ، ليلا جو ھار تي ھرکجڻ ھڪ الڳ مام آھي اھو دنيا جي شين ۾ دل لڳائڻ ۽ روحاني منزل تي پھچڻ ۾ رڪاوٽون آھن انھن شين ته ليلا کي ڪانڌ اڳيان ڪانيارو ڪري ڇڏيو . تيستائين مومل محلات ۾ ويڳاڻي ھئي جيستائين راڻي جي رھاڻ نه ھئي اھي ڪاڪ جا طلسمي اثر راڻي کي مومل کان پري نه ٿا رکي سگهن مومل جي سڪ راڻي کي جوڳي بڻائي مومل کي اکين ۾ مجاز جا انبور تبرون الماس ۽ ٻاڻ آھن جن سان ھوءٰ عاشقن کي وڍي ٿي ڇڏي  مومل ته راڻي جي تات ۾ ڏينھن جو ڪاڪ جا ڪانگ پيئي اڏائي ته رات جو شمع ٻاريندي انتظار جي عذاب ۾ گهڙيون پئي گهاري کيس راڻي بنا ھنڌ ۽ وھاڻا پلنگ ۽ پٿراڻيون باغ ۽ بستان گل ۽ وڻ عطر ۽ عنبير سڀ وھه پيا لڳن راڻي جي فراق ۾ سندس اکيون سڪي ويون آھن ۽ آب نه ٿيون ھارينِ ۽ دعائون ٿي گهري ته اي سوڍا اچي ڪاڪ محل ۾ قناتون کوڙي ويھه. تيستائين مارئي عمرڪوٽ ۾ اٻاڻڪي ھئي جيستائين مائٽن جي معرفت حاصل نه ڪيائين ھاڻي کيس ھر گهڙي ھر پلڪ کيس ملير ياد ٿو اچي سندس جسم ته ڪوٽ ۾ قيد آھي پر  سندس روح مارن وٽ پيو وسي کيس اھا اڪير آھي ته ملير پسان ۽ مارن سان مِلان انھن جي وڇوڙي ۾ پلپل جهري ۽ جهڄي پئي تقدير کيس امرڪوٽ ۾ اڙايو ۽ عمر بادشاھه کي التجا پئي ڪري ته مونکي ڇڏ ته مارن سان گڏ مال وڃي چاريان پر جيڪڏھن تنھنجي بند ۾ مري وڃان ته منھنجو مڙھه ملير موڪلجان ته مون مٿان ٿر جي ٿڌي مٽي پوي ته مان مري به جيئري رھنديس. تيستائين تماچيءَ نوريءَ کي نه ماڻيو جيستائين ملاحن جي معرفت نه ماڻيائين نوريءَ جي نياز ۽ نوڙت ته تماچيءَ کي موھي وڌو  ۽ تماچي نوريءَ تي مفتون ٿي پيو ۽ سڀني سمين کي ڇڏي رڳو نوريءَ کي ڪينجھر جو سير ڪرايو ۽ کيس پٽ راڻي بڻائي ڇڏيو ۽ مھاڻي موجون ماڻڻ لڳي مھاڻڻ جون ته کاريون ککيءَ ۽ ڇڄ ڇڇيءَ سان واسيل آھن سمو سردار انھن سان بيٺو سھج ڪري. تيستائين سورٺ ڏاگھه تي نه چڙھي جيستائين راءِ ڏياچ جو روح معرفت وٺي نه ريجهيو راجا وڏا ڏان ٿو آڇي پر مڱڻو سر ڌاران ٻيو ڪجھه به طلب نه ٿو گهري ھي مڱڻھار پنھنجي ساز سان دليون گهائي فنا ڪري ٿو ڇڏي ھيءُ دان ۾ سر ٿو گهري راجا کي رتولن ۾ ٻيجل جو ٻول سيباڻو آھي ۽ چوي ٿو آءُ ھيءُ سر تو قدمن تان قربان آھي ھاڻي راء ڏياچ ۽ مڱڻھار وچ ۾ ڪو حجاب ڪونھي مطلب ته شاھه لطيف وٽ “معرفت مرڪ اصل عاشقن جو”آھي معرفت محبت ڪندڙن لاءِ معراج آھي ۽ معرفت کان سواءِ ڪابه عبادت قابل قبول ناھي.

پهنجو تبصرو موڪليو