ڀارت جا تباهه ڪيل، ايس 400 ۽ براهموس سسٽم ڇا آهن؟

ڀارت جا تباهه ڪيل، ايس 400 ۽ براهموس سسٽم ڇا آهن؟

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سڪيورٽي ذريعن موجب، پاڪستان ايئر فورس (PAF) پنهنجي جوابي حملي ۾ هائپر سونڪ ميزائل ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي JF-17 ٿنڊر جهاز ذريعي ڀارت جي روس کان ڏيٺ ارب ڊالر ۾ خريد ڪيل جديد ايئرڊفينس سسٽم ايس 400 کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هن نظام زمين کان هوا ۾ وار ڪندڙ دفاعي شيلڊ آهي، جنهن جي ماليت لڳ ڀڳ 1.5 ارب ڊالر آهي، ڀارت جي اهم ترين حڪمت عملي اثاثن مان هڪ شمار ٿيندو آهي.
ايس-400 ايئر ڊفينس سسٽم ڇا آهي؟
ڀارت آڪٽوبر 2018 ۾ روس سان 5.43 ارب ڊالر جو معاهدو ڪيو ته جيئن ايس 400 ٽريئمف ايئر ڊفينس ميزائل سسٽم جا پنج يونٽ (اسڪواڊرن) حاصل ڪري. ايس-400 هڪ موبائيل ڊگهي فاصلي تائين زمين کان هوا ۾ وار ڪندڙ ميزائل نظام آهي، جيڪو جهازن، ڊرونن، ڪروز ميزائلن، ۽ بيليسٽڪ ميزائلن کي 400 ڪلوميٽر تائين جي فاصلي تي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو، جڏهن ته خطري کي 600 ڪلوميٽر تائين پري کان سڃاڻي سگهي ٿو. هي نظام ٽن بنيادي حصن تي مشتمل آهي: ميزائل لانچر، هڪ طاقتور فريزڊ-ارَي ريڊار جيڪو هڪ ئي وقت ۾ 100 کان وڌيڪ هدفن کي ٽريڪ ڪري سگهي ٿو، ۽ هڪ ڪمانڊ سينٽر طور ڪم ڪري ٿو. ايس-400 نظام ڀارت جي گهڻ سطحي هوائي دفاعي صلاحيتن کي نمايان طور تي بهتر بڻايو آهي، جيئن تازو پاڪستان طرفان ميزائل حملي کي ڪاميابي سان روڪڻ وقت ظاهر ٿيو. هي نظام دنيا جي سڀ کان وڌيڪ ترقي يافته ۽ طاقتور هوائي دفاعي نظامن مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو، ۽ NATO ان کي ان جي ڊگهي فاصلي ۽ گهڻن هدفن تي هڪ ئي وقت حملي جي صلاحيت سبب وڏو خطرو تصور ڪري ٿو.
براهموس سسٽم ڇا آهي؟
هي نظام هڪ ئي وقت ۾ ڪيترن ئي هدفن کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو (36 هدفن تائين، 72 ميزائلن سان) ۽ تيزي سان حرڪت ڪندڙ هوائي خطرن سميت وچولي فاصلي وارن بيليسٽڪ ميزائلن کي روڪڻ جي قابل آهي. ڀارت پنج مان ٽن اسڪواڊرن کي اڳ ۾ ئي تعينات ڪري چڪو آهي: پهريون 2021ع ۾ پنجاب (پٺانڪوٽ سيڪٽر) ۾، ٻيو 2022ع ۾ سڪم (ايل اي سي سيڪٽر) ۾، ۽ ٽيون 2023ع ۾ راجسٿان-گجرات سيڪٽر ۾؛ باقي ٻه اسڪواڊرن 2025-2026 تائين پهچڻ جي اميد آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو