ٿرين مٿان آيل مصيبت ۽ اسانجون ذميواريون 

ٿرين مٿان آيل مصيبت ۽ اسانجون ذميواريون 

محمد اسماعيل لانگاھ

گذريل هفتي پيل طوفاني برساتن ۽ وڄن سان ٿر ۾ جيڪو المناڪ سانحو پيش آيو جنهن ۾ 30 جي لڳ ڀڳ انسانيون جانيون ۽ سوين ڍور پڻ مري ويا آهن هن ڏُک جي گهڙي ۾ هر باشعور انسان کي ٿري ڀائرن سان همدردي لاء اڳتي اچڻ گهرجي ڇوته مصيبت ۾ همدردي ئي انسانيت چئبي آهي برساتون ڪڏهن رحمت ته ڪڏهن مصيبت بڻجي ٿرين لاء مشڪلاتون آڻينديون رهيون آهن 

ٿر هڪ اهڙو نانءُ آهي جنهن جا حال جانچجن ته ڏُکن ۽ دردن کانسواء ڪُجھ به نظر نٿو اچي ڪڏهن ڏُڪار ته ڪڏهن سُڪار هن سرزمين جي مسڪين ماروئڙن هميشه مصيبتن کي ئي منهن ڏنو آهي  بس هتي زندگي گذارڻ المين کانسواء ڄڻ اڌوري گذري ٿي, هن ديس واسين تي گذريل خميس ڏينهن الله تعالي طرفان مسڪين ماروئڙن مٿان جيڪا مصيبت برپا ڪئي اها شايد ڪڏهن به نه آئي هوندي گذريل ڪيترن ئي ورهين کان  موسمي توڙي غير موسمي طريقن سان برساتون وسنديون آيون آهن, پر ٿري  ماروئڙن جي منهن تان مرڪون ايئن نه موڪلائي ڪڏهن به نه ويون هونديون جيئن هن ڪُجھ ڪلاڪن جي پيل برسات ماروئڙن کان سڀ خوشيون, دلين منجھ سانڍيل اميدون ۽ ارمان کسي ڇڏيا ۽ دنيا جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ هر اک آلي ٿي وئي هوندي, ٿر جي وارياسن ڀٽن ۾ آهون ۽ سڏڪيون ٻڌيون ويون طوفاني برسات دوران هڪ طرف وڄن وسڻ جا ويس ڪيا اهي به مصيبت جي شڪل ۾ اکين ڏٺن گواهن طرفان آيل رپورٽن مطابق ٿر مٿان رب پاڪ پنهنجي ناراضگي جا جلوه پئي ڏيکاريا ,صدين کان ايڏي رب جي رحمت هن ڀيري زحمت بڻيل ڏٺيسين بس هر طرف ٿري ماروئڙن جي چهرن تي مسڪراهٽن بجاء ,مايوسي ڇانيل هئي

ٿر خالق ڪائنات جي تخليق جو اهڙو علائقو آهي جتي انسانيت جي درد کي سمجهڻ,ڏُک ونڊڻ, همدردي ڪرڻ کانسواء ٻيو ڪُجھ به نٿو ڏسي سگهجي ۽ نه وري سمجهي سگهجي ٿو بس جيڪڏهن هتي پهچي انسان جي اکين ۾ لُڙڪ نه وهيا سمجھو کڻي اها دل انسانيت سان سرشار ڪڏهن به نٿي سگهندي قدرتي طور ٿر پنهنجي خوبصورت منظرن سان مڃيل آهي هن سرزمين تان ڪارون سون ڪوئلو سميت ٻيون ڪيتريون ئي معدني شيون  دريافت ٿيڻ باوجود هتان جي رهواسين جا اهي انگ اگهاڙ اهي بنا جوتن جي ٽامي جيان ٽهڪندڙ  وارياسن ٻيٽن تي معصوم ٻار جانورن جي ڌڻن پويان ندگي بسر ڪرڻ هتي زندگي گذري ٿي پر ڪڏهن به هتان جي رهواسين کي سرڪار طرفان انسان نه سمجهيو ويو آهي ٿر جيڪو دنيا جي نگاهن جو مرڪز به  بڻيل رهيو آهي برساتن کانپوء وارياسن ڀٽن تي ڦُٽندڙ ساوڪ دلين کي موهي مستان ڪري ڇڏي ٿي گذريل ڏهن پندرنهن ورهين بعد ڏڪار کانپوء پيل برساتن جيتريون هتان جي ماروئڙن لاء مرڪون آنديون ايتريون مصيبتون برپا ڪيون آهن

قدرتي طور ڪافي  آفتون ۽ مصيبتون اينديون رهن ٿيون, جنهن ۾ ڪڏهن زلزلا, ٻوڏون, بيماريون, ۽ برساتون جيڪي انساني جيءُ جهوري ڇڏين ٿيون هينئر ٿر ۾ وڄن ساڻ ڪيترائي گهر اُجڙي ويا آهن ۽ ٿر سوڳ  جو ماحول آهي افسوس جهڙي ڳالھ  آ ته جڪڏهن  ڪا مصيبت شهري علائقن ۾ اچي ٿي ته اُن لاء امدادي ٽيمون به پهچن ٿيون, عالمي تنظيمون  به تحرڪ وٺن ٿيون , عالمي ادارن کي امداد ۽ مدد لاء اپيلون به ڪجن ٿيون جيڪڏهن ٿر جهڙن پٺتي پيل ڏتڙيل مصيبت جي ماريل ماروئڙن جي علائقن ۾ قدرتي آفت اچي  اهو ڪو عالمي سانحو يا الميو نه سمجهجي ٿر سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آسماني وڄن سان جيڪا تباهي ٿي آهي تنهن تي هر نرم دل انسان  جي دلين ۾  سانحي ۾ مري ويل ٿري ماروئڙن جي موت جو تڏو وڇايل هوندو  ڇو ته وڄن وسڻ سان  جتي جيڪي قيمتي انساني جانيون رَک ٿيون آهن اتي ماروئڙن جا سوين ڍور  به سڙي مري ويا آهن چوندا پرائو ماريو مشڪل سان برداشت ٿيندو آهي پر رب جو ماريو رضا سمجهي قبول ڪرڻو پوي پر جڏهن اسان کي هڪ ٻئي جي همدردي خاطر  قدرتي آفتن, انساني المين کي  دل جي درد سان محسوس ڪري اهڙن صدمن ۽ هاڃن ۽ قيامتن خيز سانحن کي منهن ڏيندڙ ماڻهن جا ڀرجهلو بڻجي کين اها آٿت ڏيون  انهن جي ڪريل هانون جون ٿوڻيون بڻجي سگهندئو . ٻي صورت ۾ ائين ئي ٿيندو جيئن تازو ٿر ۾ آيل مسڪين ماروئڙن مٿان قدرتي آفت کي نظر انداز ڪري ويهي رهنداسين ته هي ماروئِِڙا آخر هن حادثي کي به منهن ڏئي ويندا اهڙن حادثن ۾ انساني  همدردي عبادت جو ٻيو نانءُ آھي ان انساني الميي تي ڪنهن جي دل ڏُکي آهي، ڪنهن ٿري ڀائرن تي آيل ان آفت کي پنهنجي مٿان آيل آفت سمجهيو آهي پوري دنيا اندر ڪيترن ئي ملڪن ۾ اهڙا قدرتي طور المناڪ سانحا رونما ٿيندا اچن پياجتي اهڙن انساني المين کي منهن ڏيڻ لاء جديد ٽيڪنالاجي نظام ادارن کي سرگرم ۽ فعال بڻائڻ لاء متحرڪ رکيو ويندو هاڻي جتي معاشري جو هرفرد ادارن سان ملي ڪري گڏجي ڪم ڪندا آهن, هتي به قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاء کاتا به آهن ته عملو به آهي جنهن کي سالياني ڪروڙين رپيا اهڙن سانحن کي منهن ڏيڻ لاء ٿين ٿا پر ڪيتريون ٻوڏون, زلزلا, برساتون, ڏُڪار, ٿين جنهن کي ڪڏهن به سرگرم نه ڏٺو ويو آهي, قدرتي مصيبتن کي ماڻهون الله جي رضامندي سمجهي ويهي رهنٿا, ڇو ته اڄ هن معاشري ۾ انسانن کان گهرڻ ٻٻُرن کان ٻير گهرڻ جي برابر ئي آهي اسانجي حڪمرانن جي ناقص پاليسين سبب ڪو به اهڙو ادارو, يا کاتو, فعال ناهي جيڪو ڪنهن ايمرجنسي حالتن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکندڙ هجي, جڏهن ڪارڪردگيون ناقص هجن ٿيون ته پوء امدادي ڪمن لاء به انڪوائريون ۽ ڪاميٽيون جوڙيون وڃن ٿيون, جيڪڏهن سرڪار پاران ڪروڙين رپيا فنڊ به جمع هجن, عملو به مقرر هجي ته پوء اهڙين مصيبتن ۾ ڪاميٽين جوڙڻ جو ڪم ڪهڙو سڌو سنئو محتاجن جي مدد لاء نڪري پوڻ گهرجي اسانجي ملڪ ۾  قدرتي آفتن واري کاتو جنهن وٽ اهڙين حالتن کي منهن ڏيڻ لاء اڳواِٽ فنڊ مخصوص ٿيل آهن، جيڪي متاثر ماڻهن لاءِ استعمال ٿين ٿا اهو کڻي مڃجي ته  قدرتي آفتن ک روڪڻ  انسان جي  وس ناهي پر انهن جي نقصان کي گھٽ ڪرڻ جي ڪوششن جو مقصد عين ٽائم  پهچي ڪري ڪيتريون ئي حياتيون بچائي سگهجي ٿو, ڪنهن جو آسرو, اميد, ڀرجهلو بڻجي سگهجي ٿو سو هاڻي هن جيء جهوريندڙ المناڪ گهڙي ۾ پنهنجي دل کي نرم کي ٿري ڀائرن کي ڪُجھ ڏيڻ بجاءآٿت به نه ڏني ته پوء اسان کي هن معاشري جو انسان چورائڻ نٿو سونهين اسان سڀني کي گڏجي ڪري ٿر تي آيل قدرتي آفت زده متاثر خاندان جي انهن بيواھ بڻجي ويل ڀينرن, جا ڀائر بڻجي وڃون, ماءُ پيءُ جهڙي انمول رشتي کان محروم بڻجي ويل ڇورن ڇنن معصوم ٻارن جا ڀاءُ ڀينر, ماءُ پيءُ بڻجي وڃون ۽ انهن کي اهو محسوس ٿيڻ نه ڏنو وڃي ته اوهان ڪنهن مصيبت جا ماريل اهوئي انسانيت جو اولين فرض آهي

پهنجو تبصرو موڪليو