پڙھندي سنڌ ته وڌندي سنڌ

پڙھندي سنڌ ته وڌندي سنڌ

خيال کتري
”پڙھندي سنڌ ته وڌندي سنڌ“ جو نعرو ڏيندڙ حڪومت سنڌ، پنھنجي صوبي جي ڪرندڙ تعليمي معيار کي بھتر بنائڻ لاءِ تعليم کاتي ۾ ڪافي نواڻ آندي آھي. جيئن استادن جي حاضريءَ کي يقيني بنائڻ لاءِ، رواجي چڪاس جي طريقن کان وٺي، جديد حاضريءَ جي طريقن کي پڻ اپنائي چڪي آھي. جنھن ڪري استاد جي گوسڙو ھئڻ وارو لعن طعنو استادن تان لھي ڇڪو. جيڪڏھن اڃان بہ ڪير چوي ٿو تہ استاد گوسڙو آھن. تہ ان کي پنھنجي دماغ جو علاج ڪرائڻ کپي. ڇاڪاڻ تہ ھن جي دماغ جي ڪنھن ڪنڊ ۾ استاد فوبيا جو مرض گهر ڪري ويو آھي.ھن وقت استادن جي کوٽ کي بہ ڪافي حد تائين گهٽايو ويو آھي، تہ ڳچ بند پيل اسڪول پڻ نوان استاد مقرر ڪري کوليا ويا آھن. اڄ کان اسڪول پنھنجي معمول موجب کوليا ويندا ۽ داخلا مھم 24ـ2023 ھلائي، گهمندڙ ٻارن کي اسڪولن جي احاطن اندر آڻڻ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون وينديون. ۽ ننڍن ٻارن کي جن جي عمر 4 کان 5 سالن تائين آھي. انھن کي پڻ داخل ڪرڻ تي تمام گهڻو زور ڀريو ويندو. جن لاءِ سرڪاري توڙي غير سرڪاري طور تي آگاھي مھمون ھر ننڍي وڏي شھر ۾ ھلايون وينديون. جن تحت ماڻهن ۾ تعليمي جاڳرتا پيدا ڪئي ويندي. تہ جيئن ھو پنھنجي ٻارن کي علمي روشنيءَ سان منور ڪري، انھن کي جيئڻ ۽ ترقي ڪرڻ جي دڳن تائين پھچائين. اھو سڀ ڪجهـ ڪرڻ کانپوءِ جڏھن اسڪولن ۾ ٻارن جي گهڻائي ٿيندي، تہ انھن لاءِ سرڪار طرفان اعلانيل سھولتون ڪيتريون مھيا ڪيون وينديون. تن جو اندازو لڳائڻ لاءِ فقط ھڪڙوئي عمل اھڙو آھي. جيڪو سڄي معاملي کي پڌرو ڪري ڇڏي ٿو. تہ سرڪار واقعي پنھنجي ھن وقت ڏنل نعري ”پڙھندي سنڌ تہ وڌندي سنڌ“ جو ڪيترو ڀرم رکڻ ۾ ڪامياب وئي آھي. ڪجهـ اوھان بہ ملاحظہ ڪريو: تعليمي سال 24ـ2023 لاءِ سرڪار طرفان پرائمري سطح تي ملندڙ نصابي ڪتابن جو سلسلو جولاءِ 2023ع کان شروع ڪيو آھي. جنھن موجب ھر اسڪول کي گهربل ٻارن جي تعداد جو اڌ يعني 50 سيڪڙو ڏنو ويو آھي. باقي ڪتابن لاءِ انتظار ڪرڻ جو چيو ويو آھي. يعني ھنن ڪتابن مان ڪم ھلايو. ھڪڙن ٻارن کي ڪتاب ڏيو، ٻين کي آسري ۾ رھايو. اھو ھاڻي اوھان ھلندڙ سرڪاري روش منجهان سمجهي سگهو ٿا.ھر سال ڪتابن ڇپائڻ کان اڳ ھر اسڪول کان ٻارن جو تعداد ورتو ويندو آھي. جيڪو ھر تعلقي ۽ ضلعي تعليمي آفيسر ھڪ ھنڌ گڏ ڪري، لاڳاپيل اداري کي موڪليندو آھي. جنھن موجب ڪتابن جي ڇپائي ٿيندي آھي. ھن وقت ملندڙ ڪتابن لاءِ تہ ٻارن جي لسٽ پڻ ورتي ويئي ھئي. پر ڪتابن ڏيڻ وقت اڌوراڻا ڪتاب ڏئي سنڌ جي تعليم کي وڌايو ويندو يا تعليم کي ڇيھو رسايو ويندو. سنڌ سرڪار کي گهرجي، تہ سنڌ جي تعليمي حالت کي سڌارڻ لاءِ جيئن استادن تي ڪڙي نظر رکندي، انھن کي پابند بنايو ويو آھي. تيئن تعليم کاتي جي ٻين پاسن تي پڻ سخت قدم کنيا وڃن. جھڙوڪ آفيسن جي حالت کي سڌاريو وڃي، انھن جي بہ بايو ميٽرڪ حاضري ممڪن بنائي، انھن کي پنھنجي نوڪريءَ جو پابند بنايو وڃي. ايجوڪيشن ورڪس تي پڻ نظر رکي وڃي تہ جيئن، سرڪاري اسڪولن جي عمارتن کي ناقص مٽيريل ۽ مرمت صرف ڪاغذن تائين محدود نہ ھجي. اسڪولن کي ملندڙ فرنيچر جي رسد اسڪولن تائين ممڪن بنائي وڃي.اسڪولن جي نالي ايندڙ ڪانٽيجنسي فند اسڪولن تي ئي خرچ ڪرڻ جو آفيسرن کي پابند بنايو وڃي. سائنسي تعليمي روح حاصل ڪرڻ لاءِ ھر اسڪول جي ليبارٽريءَ کي فنڪشل ڪرائڻ لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن. جتي ليبس ناھن، اتي جوڙايون وڃن. تعليمي جدت آڻڻ لاء ھر اسڪول ۾ ڪمپيوٽر ليب ممڪن بنائي وڃي. ھر اسڪول ۾ لائبرريون قائم ڪيون وڃن. جتي موجود آھن انھن کي فعال بنايو وڃي. نصابي ۽ ھن نصابي سرگرمين تي ايندڙ لاڳت ھر اسڪول کي مھيا ڪري، سرگرمون ممڪن بنايون وڃن. صفائي سٿرائيءَ جي ماحول کي برقرار رکڻ لاءَ ھر اسڪول ۾ ٻھاريدار (سينيٽري ورڪر) مقرر ڪيا وڃن. مذڪورہ حقيقتن تي غور ويچار ڪري، جيڪڏھن قانوني قدم کنيا ويا، تہ ضرور تعليم سڌري پوندي ۽ اسان جي سنڌ وڌي پوندي. جي نہ تہ ڳالهيون فقط ڳالهيون ئي رھجي وينديون

پهنجو تبصرو موڪليو