نوشهروفيروز (مشتاق حسين مري) هندو ناري سکر جي مدرسي ۾ اسلام قبول ڪري سکر جي ئي عدالت ۾ پيار پرڻو ڪرڻ بعد تحفظ لاءِ نوشهروفيروز جي عدالت ۾ پهچي وئي. سيڪنڊ سيشن جج مس ثمينه منگي جي عدالت ۾ زويا (خوشبو ڀيل) ايڊووڪيٽ محمد امين خاصخيلي جي معرفت 22 اي 6III تحت درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته مون سکر جي مدرسي ۾ دين اسلام قبول ڪري ۽ سکر جي عدالت ۾ ئي شريعت محمدي مطابق پنهنجي رضا خوشي سان درياخان جي رهواسي شمن علي موروجو سان پسند جو پرڻو ڪيو آهي ان سبب منهنجا مائٽ مسمات پٺاڻي ڀيل، روشن، رميش ۽ موهن ڀيل اسان جي جان جا دشمن بڻجي ويا آهن جنهن ڪري مون کي تحفظ فراهم ڪري ڏنو وڃي ته جيئن مان پنهنجي زندگي بهتر نموني گذاري سگهان. عدالت اهڙو موقف ٻڌڻ بعد نوشهروفيروز پوليس کي کين تحفظ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.










