اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اليڪشن ڪميشن جي اعلان کي چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ڪور ڪميٽي جي ميمبر ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ نياز الله نيازي چيو ته آئين 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ٿو، ان کان ٻاهر وڃڻ غير آئيني آهي.نياز الله نيازي جو چوڻ آهي ته هو اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي چيلينج ڪندا، اليڪشن ڪميشن جنهن طريقي سان ڪم ڪري رهي آهي ان مان آئيني ادارو نٿو لڳي.هن چيو ته صدر کي چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو اختيار آهي.










