پوليس قاتلن جي پٺڀرائي ڪري پئي، ٺاهه نه ڪنداسين

پوليس قاتلن جي پٺڀرائي ڪري پئي، ٺاهه نه ڪنداسين

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شهيد نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جو چالان پيش نه ٿيڻ خلاف مقتول صحافيءَ جي امڙ جي درخواست تي ٻڌڻي، ايس ايس پي گهوٽڪي قتل ڪيس جي چالان بابت پنهنجي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته چالان جي اسڪروٽني ٿي رهي آهي، اسڪروٽني بعد چالان ميرپور ماٿيلو جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو عدالت ميرپور ماٿيلو جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت کان ڪيس جي پڪي چالان بابت 4 هفتن اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ايس ايس پي گهوٽڪي کي به چئن هفتن اندر عملدرآمد رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو نصرالله گڏاڻي جي امڙ امان پٺاڻي چيو ته جوابدار ايم اين اي خالد لنڊ ۽ سندس ٻئي پٽ حاضرين تي سوين ماڻهو ۽ هٿياربند وٺي اچن ٿا، پوليس جوابدارن جي پٺڀرائي ڪري رهي آهي امان پٺاڻي چيو ته جوابدار اسان جي مائٽن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ۽ ڌمڪيون ڏئي هيسائي رهيا آهن، ضرورت پئي ته سپريم ڪورٽ تائين به وينديس

پهنجو تبصرو موڪليو