لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ سخت ڪوهيڙي سبب هاءِ ويز ڍڪيل آهن ۽ مختلف هنڌن تي موٽر وي بند ڪيا ويا آهن.سينٽرل ريجن جي ترجمان موجب، موٽر وي ايم-3 جڙانوالا کان درخانه تائين، موٽر وي ايم-4 پنڊي ڀٽيان کان عبدالحڪيم ۽ گوجره کان عبدالحڪيم تائين، موٽر وي ايم-5 ملتان کان ظهير پير تائين، ۽ ملتان کان سکر تائين ڪوهيڙي سبب بند ڪيا ويا آهن.ترجمان چيو ته موٽر ويز کي بند ڪرڻ جو مقصد عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ آهي. ڪوهيڙي ۾ لين جي خلاف ورزي خطرناڪ حادثن جو سبب بڻجي سگهي ٿي. روڊ استعمال ڪندڙن کي لين جي نظم و ضبط تي سختي سان عمل ڪرڻ گهرجي. شهري ڏينهن جي وقت سفر ڪرڻ کي ترجيح ڏين. ڪوهيڙي ۾ محفوظ سفر جو وقت صبح 10 وڳي کان شام 6 وڳي تائين آهي.موٽر وي سينٽرل ريجن جي ترجمان وڌيڪ چيو ته ڊرائيورن کي فوگ لائيٽون استعمال ڪرڻ گهرجن، غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ گهرجي، تيز رفتاري نه ڪرڻ گهرجي، اڳيان گاڏي کان محفوظ فاصلو رکڻ گهرجي ۽ رهنمائي ۽ مدد لاءِ هيلپ لائن 130 تي رابطو ڪرڻ گهرجي.










