لاهور: (ويب ڊيسڪ) لاهور جي احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بزدار جي ضمانت منظور ڪري ورتي.پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير عثمان بزدار آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ لاهور جي احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو جتي ٻڌڻي دوران سندس وڪيل دليل ڏيندي چيو ته نيب عثمان بزدار جي طلبي جو نوٽيس اماڻيو آهي سندس گرفتاري جو امڪان آهي ان ڪري سندس عبوري ضمانت منظور ڪئي وڃي.احتساب عدالت عثمان بزدار جي درخواست منظور ڪندي کيس عبوري ضمانت ڏئي ڇڏي ۽ نيب کي 27 فيبروي تائين پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.عدالت عثمان بزدار کي 5 لک روپين جا 2 ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ايندڙ ٻڌڻي تي نيب کان جواب طلب ڪري ورتو.
مشهور خبرون










