پنجاب انجيڪشن اسڪينڊل جو مک جوابدار گرفتار

پنجاب انجيڪشن اسڪينڊل جو مک جوابدار گرفتار

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ مخصوص انجيڪشن لڳڻ سبب بصارت ضايع ٿيڻ واري ڪيس ۾ اهم جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.پنجاب حڪومت جي ذريعن موجب انجيڪشن اسڪينڊل جي مک جوابدار کي فيصل آباد مان گرفتار ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار لاهور جي ٻاهران انجيڪشن فراهم ڪندو هو ۽ واقعي کانپوءِ ڪيترن ئي ڏينهن تائين روپوش هو.ذريعن موجب گرفتار جوابدار کي لاهور پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو