پاڪستان غزه ڏانهن طبي سامان، خيما ۽ ڪمبل موڪلي پيو

پاڪستان غزه ڏانهن طبي سامان، خيما ۽ ڪمبل موڪلي پيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پرڏيهي آفيس جو چوڻ آهي ته هڪ چارٽرڊ جهاز 100 ٽن ضروري طبي سامان، خيما ۽ ڪمبل کڻي اڄ اڱاري ڏينهن اسلام آباد کان مصر لاءِ روانو ٿيندو جتان کين غزه پهچايو ويندو.هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پرڏيهي وزير سعودي عرب، ڪويت، ترڪي، اردن ۽ گڏيل عرب امارات ۾ پنهنجي هم منصب سان به ملاقات ڪئي جنهن ۾ موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.هن وڌيڪ چيو ته ڳالهه ٻولهه غزه جي بدلجندڙ صورتحال، فلسطينين جي حالت زار ۽ غزه جي محاصري تي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو