صاحب خان ڀٽي
پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ لاڳاپا بهتر رهيا آهن پر تازو ئي ٻنهي ملڪن ۾ واپار سميت مختلف شعبن ۾ معاهدا ٿيا، پر ماضي ۾ ايران تي عالمي پابندين سبب پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ واپاري معاهدا نه ٿي سگهيا هئا، جنهن سبب ٻنهي ملڪن ۾ واپاري سرگرميون خاص نه رهيون آهن، هاڻ عالمي سطح تي وڏي تبديلي اچي رهي آهي، سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ ٺاهه ٿي ويو آهي، جنهن بعد پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ به ويجهڙائي اچي رهي آهي. جيڪو هڪ سٺو سنوڻ آهي.
پاڪستان ۽ ايران وچ ۾واپاري معاهدن سان خطي ۾ خوشحالي ايندي ۽ ٻنهي ملڪن ۾ واپارين سرگرمين ۾ تيزي سان ماڻهن کي روزگار جا موقعا به ملندا، ڇاڪاڻ ته ڪورونا کانپوءِ دنيا ۾ معاشي بحران آيل آهي، جنهن سبب دنيا ۾ مهانگائي به عروج تي پهتل آهي، ڪورونا کانپوءِ پاڪستان جهڙن ملڪن کي تمام وڌيڪ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو آهي. هن وقت به ملڪ نازڪ دور مان گذري رهيو آهي ۽ حڪمران چئي رهيا آهن ته ملڪ ڏيوالي کان بچي ويو آهي.
2 ڏينهن اڳ پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ 5 سالن جو اسٽريٽيجڪ واپاري معاهدو طئي ٿي ويو آهي ۽ پرڏيهي وزارت ۾ پاڪ ايران پرڏيهي وزيرن واپار سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي معاهدن تي صحيحون به ڪيون آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو هو ته2023ع کان 2028ع تائين گڏيل واپاري معاهدي کي حتمي شڪل ڏني آهي، جنهن سان پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ گڏيل واپار 5 ارب ڊالرن تائين وڌندو، بلاول اهو به چيو آهي ته اڄوڪا قدم ايندڙ ڪيترن ئي سالن لاءِ عوام کي فائدو ڏيندا. جڏهن ته ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان چيو ته معيشت، واپار ۽ ڪلچر تي ٻنهي ملڪن ۾ ڪم ٿي رهيو آهي، گئس پائپ لائن منصوبو ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي، ايران، چين ۽ پاڪستان وچ ۾ گڏيل سيڙپڪاري جو منصوبو ٿيڻ گهرجي. پاڪ ايران بارڊر مارڪيٽون قائم ٿيڻ سان واپار ۾ سولائي ٿي رهي آهي، واپار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا.
ڏٺو وڃي ته ايران پاڪستان جي سرحد سان گڏ آهي، جيڪڏهن ٻنهي ملڪن ۾ معاهدو ڪامياب رهيو ته مستقبل ۾ پاڪستان کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري به پنهنجي دور ۾ ايران کان گئس جو معاهدو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر اهو معاهدو اڌ ۾ رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته ان وقت عالمي سطح تي ايران لاءِ حالتون ڪجهه ٻيون هيون، هاڻ وري ڪجهه ٻيون آهن، جيڪڏهن ان وقت ايران سان گئس پائپ لائن جو معاهدو ٿي وڃي ها ته اڄ ملڪ ۾ گئس جو بحران نه هجي ها.
اڄ ملڪ ۾ پيٽرول دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو مهانگو وڪرو ٿي رهيو آهي، جنهن سبب غريب ماڻهو هڪ ويلي جي ماني لاءِ به پريشان ٿي ويا آهن، جيڪڏهن ايران سان پيٽرول جو معاهدو به ٿي وڃي ته ملڪ کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو ۽ غريب ماڻهن کي سستو پيٽرول ملي ويندو، پر اهو تڏهن ئي ٿيندو، جڏهن حڪمران سنجيده ٿي ايران سان ڪيل معاهدن تي عمل ڪن ۽ ايران سان پيٽرول خريد ڪرڻ جو به معاهدو ڪن ته جيئن روس ۽ ٻين ملڪن کان مهانگو پيٽرول خريد ڪرڻ جي ضرورت نه پئي.
پاڪ ايران سان لاڳاپا مضبوط ٿيڻ خطي ۾ هڪ وڏي تبديلي آهي، جنهن سان رڳو پاڪستاني نه پر خطي جي ماڻهن کي به فائدو ٿيندو، هن وقت پاڪستان نازڪ حالتن مان گذري رهيو آهي، ان وقت ايران سان معاهدو ٿيڻ ڪنهن نعمت کان گهٽ نه آهي، اهو سڄو ڪريڊٽ به پيپلزپارٽي ڏانهن وڃي ٿو، جنهن پنهنجي اڳوڻي دور ۾ به ايران سان معاهدوڪيو ۽ هاڻ به نوان معاهدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي، اهو سمورو ڪريڊٽ پرڏيهي وزير ۽ پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڏانهن وڃي ٿو، جنهن پنهنجي جدوجهد ۽ سفارتي لاڳاپن کي استعمال ڪندي ايران سان معاهدو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.اميد ڪريون ٿا ته ايران سان ٿيل معاهدن سان ٻنهي ملڪن جي عوام کي فائدو ٿيندو ۽ جلد پيٽرول ۽ گئس جي حوالي سان به ايران سان معاهدا ڪري عوام کي رليف فراهم ڪيو ويندو.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته افغانستان سرحد کان اڄ تائين اسان جي ملڪ کي فائدو ناهي پهچي سگهيو، انهيءَ سرحد جيڪو نقصان ڏنو آهي، تاريخ ۾ ڪنهن به ملڪ پاڪستان کي نقصان نه ڏنو هوندو، ان باوجود حڪمران رڳو افغانستان جا سهولتڪار بڻيل رهندا آهن، افغانستان جي دهشتگردن پاڪ فوج سميت سمورن ادارن تي حملا ڪيا آهن، افغانستان جي دهشتگردي سبب پاڪستان توڙي خطي کي تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، تنهن جي ڪري افغانستان سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ بدران ايران سان لاڳاپا وڌيڪ بهتر ڪيا وڃن ته جيئن ملڪ کي سستو پيٽرول ملي سگهي،جنهن سان هن رياست کي به فائدو ٿيندو ۽ عوام کي به فائدو ٿيندو.
هن وقت ملڪ جون معاشي توڙي سيڪيورٽي صورتحال انتهائي خراب آهي، ماڻهو ڏينهن ڏٺي اغوا ٿي وڃن ٿا، پر حڪومت اغوا جي وارداتن تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي آهي، هر ماڻهو غير محفوظ ٿي ويو آهي، اسٽريٽ ڪرائيم به وڌي ويو آهي، ڪراچي ڳولا ڳولي سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن مان آيلن مان ڦر جي ارادي سان قتل ڪيو وڃي ٿو، معاشي صورتحال به خراب آهي، ملڪ اندر بيروزگاري به تمام گهڻي وڌي وئي آهي، حڪومت اربين روپيا بينظير انڪم سپورٽ، ليپ ٽاپ ۽ اسڪيمن تي خرچ ڪري ٿي پر روزگار جا ذريعا پيدا ڪرڻ لاءِ ڪا به حڪمت عملي جوڙي نه ٿي وڃي، جنهن سبب ملڪ ۾ بيروزگاري تمام گهڻي وڌي رهي آهي، حڪومت کي گهرجي ته ملڪ اندر روزگار جا ذريعا پيدا ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻي ته جيئن ماڻهو بيروزگاري ۽ بک بدحالي کان بچي سگهن.
پيپلزپارٽي جي اڳوڻي حڪومت جيڪو ايران سان گئس پائيپ لائن جو معاهدو ڪيو هو، اهو به عوامي معاهدو هو، جيڪڏهن ان تي عمل ٿي وڃي ها ته اڄ ملڪ اندر گئس جو بحران نه هجي ها، هن وقت پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ايران سان جيڪي معاهدا ڪيا آهن، انهن سان ملڪ توڙي خطي ۾ خوشحالي هوندي، حڪومت کي گهرجي ته ايران کان سستو پيٽرول خريد ڪيو وڃي ته جيئن عوام کي فائدو ٿي سگهي، رڳو ٻين جي فائدي جي باري ۾ نه سوچيو وڃي، جيئن ايران سان واپار سميت ٻين شعبن ۾ معاهدا ٿيا آهن، ائين پيٽرول بابت معاهدو ڪيو وڃي ته جئين جلد کان جلد عوام کي سستو پيٽرول ملي سگهي ۽ ملڪ خوشحالي جي دڳ تي هلي سگهي.










