ٽرمپ سميت  پوري دنيا کي ايران حيران ڪري ڇڏيو

ٽرمپ سميت پوري دنيا کي ايران حيران ڪري ڇڏيو

عبدالمجيد بروهي
ھن وقت امريڪي صدر ٽرمپ پنھنجي ملڪ جي عوام سميت پوري دنيا جي ملڪن جي مخالفت کي منھن ڏئي رھيو آھي ٽرمپ کي پنھنجي ئي ملڪ جي عوام جي مخالفت جو منھن ڏسڻو پئجي رھيو آھي جڏنھن بـ ٽرمپ ڪٿي پريس ڪانفرنس ڪرڻ پھچي ٿو اتي سندس کان امريڪي ميڊيا وارا سخت سوال ڪري کيس پريشان ڪري ڇڏيندا آھن ايراني معصوم شاگردياڻين جي اسڪول مٿان حملو ڪري تقريبن 160 معصوم نياڻين کي تعليم پرائڻ دوران شھيد ڪيو ويو ان سسبب پوري دنيا ۾ ٽرمپ جي خلاف سخت ڪاوڙ جي لھر ڇانيل آھي ٽرمپ اسرائيل جي غلط بياني تي غلط حڪمت عملي جي ڪري ايران مٿان حملو ڪري اھو سوچيو ھيو تـ ايراني سپريم ليڊر کي مارڻ بعد اھي آرام سان ايران ۾ پنھنجي مرضي جو بادشاھ آڻي ايران جي تيل جي زخيرن ۽ گئس جي زخيرن سميت اڇي ڪاري جو مالڪ بڻجي ويندو ۽ پنھنجي ڪٺپتلي بادشاھ کان سمورا ڪم ڪرائيندا رھندا ۽ ايران سميت پاڪستان روس چين کي ٽوٽا چٻرائيندا پر شايد امريڪي صدر کي اسرائيلين اھو نـ ٻڌايو ھيو تـ ھو جنھن قوم سان جنگ ڪري رھيو آھي اھي شيعان مولا علي عليھ سلام آھن جن پنھنجي مرشد مولا علي کان صرف اھو سکيو آھي تـ شھادت انھن جي لاء ميراث آھي اھي اسلام خاطر سڀ ڪجھ قربان ڪري پنھنجي آقا مولا علي جي نقش قدم تي ھلندا پر جھڪڻ اھي سکيا ئي نـ آھن انھن جي مدد لاء اتي مولا رضا موجود آھي جنھن جي در جو امام ضامن پائي بـ پوري دنيا ۾ مسلمان پاڻ کي ان امام ضامن پائڻ ڪري ھر مصيبت ۽ ھر مشڪل کان محفوظ سمجھندو آھي مائرون ڀينرون پنھنجي ٻچڙن ڀائرن جي حفاظت لاء گھران نڪرڻ کان اڳ کين امام ضامن پارائي پوء ڪڍندا آھن جنھن جي روضي مبارڪ جي چادر جو ٽڪڙو پائي پاڻ کي ھر مصيبت کان محفوظ سمجھندڙ قوم جي مدد لاء اھو مولا جو شير ايران ۾ موجود آھي اڄ سڀ ڏسي رھيا آھن تـ ايران جھڙي ڪمزور ملڪ جنھن ريت دنيا جي سپر پاور ۽ انجي ناجائز اولاد ايران کي ٽوٽا چٻايا آھن اھو سڀ ڪجھ دنيا وارا ڏسي پريشان آھن خود ٽرمپ حيران پريشان آھي ۽ اھو سوچڻ تي مجبور ٿي ويو آھي تـ ھن ڇا ڪري ڇڏيو آھي ڪھڙي ڪنڃر جي چوڻ تي لڳي ان پنھنجي ڳچيء ۾ ھنن کي لڳايو آھي دنيا وارا ڏسن پيا تـ ڪھڙي ريت ايران جي غيبي مدد ٿي رھي آھي نـ تـ اسرائيل ۽ امريڪا جھڙي مضبوط دفاعي صلاحيت رکندڙن جي ٺڪاڻن تي آساني سان ايران جا ميزائل وڃي ڪرن ٿا اسرائيلي ۽ امريڪين جو سمورو دفاعي نظام کي برباد ڪيو ويو آھي امريڪا کي جنھن دنيا جي وڏي ۾ وڏي جنگي ٻيڙي ابراھيم لنڪن تي غرور ھيو ان جنگي ٻيڙي کي وڏو نقصان پھچائي ايران واپس موٽڻ تي مجبور ڪيو آھي ايران جي طاقت آڏو اسرائيلي ۽ امريڪي جھاز لغڙن وانگر ڪري تباھ ٿي رھيا آھن اھو سڀ ڪجھ غيبي مدد ئي آھي جو سپر پاور ملڪ سان مھاڏو اٽڪائيندڙ ايران جا بھادر اڳواڻ يوم القدس جي ڏينھن ان شھر جي روڊن تي نڪري اچن ٿا جنھن تي اسرائيلي ۽ امريڪي جھاز مسلسل بم ڪيرائي رھيا آھن تھران ۾ صدر مسعود سميت علي لاريجي ۽ سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس سميت سمورا ايران ليڊر سرعام عام ماڻھن وانگر روڊن تي گھمندي نظر اچن ٿا ان دوران امريڪي اسرائيلي جنگي جھاز ۽ انھن جا ميزائل حملا انھن جي مٿان گذري شھر مٿان ڪرن ٿا پر انھوندي ايراني صدر چيف جسٽس ۽ ٻيا عملدار اتان ڀڃڻ بجاء لکين ماڻھن سان گڏجي اللـ اڪبر جا۔ نعرا بلند ڪندي نظر آيا ٻئي طرف اسرائيلي صدر جنگ شروع ٿيڻ بعد ھن وقت تائين لڪي ويٺل آھي ڪجھ افواھ اھي بـ آھن تـ ھو ايراني حملن ۾ جھنم حوالي ٿي ويو آھي ھوڏانھن امريڪي صدر ايراني جي بھترين جنگي حڪمت عنلي سبب ھوش وڃائي ويٺو ھي جنھن کي نيٽو وارن پڻ سخت وارننگ ڏيندي جنگ بندي فورن بند ڪرڻ لاء چيو آھي امريڪي صدر کي سندس ويجھن ساٿين برطانيا فرانس اٽلي جاپان سميت تمام ملڪ ساٿ ڏيڻ کان صاف انڪار ڪندي کين چيو آھي تـ اوھان ايران سان ناجائزي ڪري رھيا آھيو اسان اوھان جو ساٿ نـ ڏينداسين ڪالھ کان وٺي امريڪي صدر جنگ بدران ڳالھيون ڪرڻ ۽ ايران سان جنگ بندي جون ڳالھيون ڪري رھيو آھي ان جو چوڻ آھي تـ اسان ھن وقت ايران سان ڳالھيون ڪرڻ چاھيون ٿا پر ايران ھن وقت اسان سان ڳالھيون ڪرڻ لاء تيار نـ آھي ان سلسلي ۾ فيس سيونگ وٺڻ لاء امريڪي صدر 31 مارچ تي ايران سان جنگ بندي ڪرائڻ لاء ايلاز منٿون ڪرڻ لاء امريڪي صدر چين جو دورو ڪري رھيو آھي 31 مارچ وارو سندس چين جو غير معمولي وارو دور وڏي اھيت رکي ٿو ان دوري بعد چين جي ٽياڪڙي ۾ جنگ بندي ٿي سگھي ٿي ۽ ڳالھيون شروع ٿي سگھن ٿا ان کان امريڪا پاران روس کان تيل وٺڻ جي لاء سمورن ملڪن کي اجازت ڏنئي وئي آھي سڀني کي ياد ھوندو تـ امريڪا روس کان تيل وٺڻ جو ڪٽر مخالف رھيو آھي جيڪو بـ ملڪ روس کان تيل وٺندو ھيو امريڪا ان خلاف سخت ڪاروائي ڪندي انھن ملڪن سان واپاري لاڳاپا ختم ڪري مڪمل پابندي لڳائيندو ھيو ان سان ٻيا ملڪ ساٿ ڏيندا ھيا ھن وقت نيٽو جي سيون اقوام متحدا سلامتي ڪائونسل مطلب تـ سمورا انٽرنيشنل اتحاد امريڪا کان ڦري ويا آھن سمورن جو اھو چوڻ آھي تـ ايران سان جنگ اسرائيلين جي ۽ امريڪين جي پنھنجي انا جي جنگ آھي ايران سان جنگ جو ڪو جواز نـ ھيو ايراني حڪمران جڏنھن ھر مسئلي لاء ڳالھيون ڪرڻ لاء تيار ھيا ايٽمي پروگرام اقوام متحدا جي ڏنل ڊيمانڊ موجب ختم ڪري چڪا ھيا پوء امريڪا ۽ اسرائيل وارن انھن مٿان حملا ڇو ڪيا ھن وقت ايران جيڪو ڪجھ ڪري رھيو آھي اھو پنھنجي ملڪ خلاف ٿيندڙ حملن جو جواب ڏئي رھيو آھي پنھنجي ملڪ جو دفاع ڪرڻ سڀني جو حق آھي ٽرمپ ھن وقت اسرائيلين سان سخت ڪاوڙيل آھي ھن وقت اسرائيلي نظام مڪمل تباھ حال آھي سمورا ايران ميزائل اسرائيل مٿان ڪرن پيا ۽ تباھي برپا ڪري رھيا آھن اسرائيلي عوام کي انھن بنڪرز ۾ پڻ ميزائل پڪڙي وٺن ٿا بنڪر پڻ ايراني ميزائلن سبب برباد ٿي ويا آھن اسرائيلي آسپاس جي ملڪن ڏانھن لکن جي تعداد ۾ ڀڄي پناھ وٺي چڪا آھن ھنـوقت اسرائيل ۽ امريڪا وارا ان ڳالھ تي زور ڏئي ر ھيا آھن ھاڻي ٽرمپ جي چين جي دوري بعد سڀ ڪجھ واضع ٿي ويندو

پهنجو تبصرو موڪليو