ٽانڪ  ۾ فورسز جي ڪارروائي، 10 دهشتگرد مارجي ويا، هٿيارن هٿ

ٽانڪ ۾ فورسز جي ڪارروائي، 10 دهشتگرد مارجي ويا، هٿيارن هٿ

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي ضلعي ٽانڪ جي علائقي پيزو ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڳجهي ڪارروائي ۾ 10 دهشتگرد مارجي ويا.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب سڪيورٽي فورسز ضلعي ٽانڪ ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڳجهي آپريشن ڪيو، آپريشن دوران سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. جنهن ۾ 10 دهشتگرد مارجي ويا،آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد سڪيورٽي فورسز خلاف ڪيترن ئي دهشتگرد حملن، ڀتا خوري ۽ بيگناهه شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا.آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ بارود جو وڏو ذخيرو هٿ ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته علائقي جي رهواسين دهشتگردن خلاف آپريشن کي ساراهيو، سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو