ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ
سنڌ جي ٻن ڊويزنن جي 16 ضلعن ۾ ٿيندڙ ٻئي مرحلي جي بلدياتي اليڪشن ان وقت ملتوي ڪئي وئي، جڏهن پولنگ ٿيڻ ۾ ڪجهه ڪلاڪ ئي وڃي بچيا هئا، اوچتو اها خبر آئي ته برساتن جي ڪري چيف اليڪشن ڪمشنر سنڌ جي چيف سيڪريٽري ۽ اليڪشن ڪميشن سنڌ جي ان درخواست تي ته موسميات کاتي طرفان ٻڌايو ويو آهي ته 23 جولاءِ کان 26 جولاءِ تائين سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي سميت هيدرآباد ۽ بين ضلعن ۾ شديد برساتن جو امڪان آهي، درخواست م اهو به ڄاڻايو ويو ته برساتن سوڌو عاشوري جا ڏينهن به ويجها آهن، تنهن ڪري ٻئي مرحلي جي بلدياتي الڪيشن في الحال ملتوي ڪئي وڃي، اهڙي درخواست کانپوءِ چيف اليڪشن ڪمشنر اهي سموريون سفارشون ۽ تجويزون نظر ۾ رکندي هِن مهيني ٿيندڙ چونڊون ملتوي ڪري ڇڏيون، گڏوگڏ اليڪشن ڪميشن جو ڪروڙن ۾ خرچ ٻڌايو پيو وڃي، پر ان ٻئي مرحلي واري اليڪشن ۾ جتي يقينن اميدوارن پاران ورڪ مهم هلائي وئي، چيئرمين ۽ ڪائونسلر تائين اميدواران پاران اخري ڏهاڙي تي جيڪو ورڪ ڪيو ويو، ۽ خرچ ڪيا ويا، اهو پڻ لکن جو ٿيو، ساڳئي وقت بلدياتي اليڪشن ويجهو ايندي خريد و فروخت ۽ وفاداريون تبديل ڪرائڻ جا معاملا به سامهون آيا، خوب اوڳاڙيون ڪيون ويون، هتي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سبب يقينن ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو، اتي ٻيڙي اميدوارن جي ٻوڙي وئي، پاڻ کي ياد هوندو ته اڄ کان هڪ مهينو اڳ جڏهن ايم ڪيو ايم پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائيندي اهو موقف اختيار ڪيو ويو هو ته لوڪل گورنمينٽ جي قانون تي کين اعتراض آهن، اها پڻ استدعا ڪئي وئي هئي ته بلدياتي اليڪشن في الحال ملتوي ڪئي وڃي، پر ان موقعي تي اليڪشن ڪميشن طرفان ٻڌايو ويو هو ته اي سي پي جو 30 ڪروڙ روپيا خرچ ٿي چڪو آهي، تنهن ڪري اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو ته بلدياتي چونڊون ملتوي ڪرائجن، بعد ۾ سنڌهاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم جي اهڙي پٽيشن خارج ڪري ڇڏي هئي، جنهن کانپوءِ ايم ڪيو ايم سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اهڙي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو آهي ۽ استدعا ڪئي وئي ته سندن خدشا ختم ٿيڻ تائين بلدياتي اليڪشن ملتوي ڪئي وڃي، خير هاڻ ته ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽي گذريل پي ٽي آءِ حڪومت کانپوءِ سنڌ ۾ ڪنهن هد تائين اتحادي آهن، تازو جيڪا اليڪشن ڪميشن ملتوي ڪرائي وئي آهي، ان ۾ انهي ڳالهه کي بلڪل به رد نٿو ڪري سگهجي ته جتي حڪومتي ڌر کي برساتن جو خوف هو، ساڳي ريت ايم ڪيو ايم به چونڊون ملتوي ڪرائڻ جي حق ۾ هئي، ٻئي پاسي ٻئي مرحلي جي چونڊن ۾ ٻيون مختلف پارٽيون پنهنجي پنهنجي ڪاميابي جا خوب ڏسي رهيون هيون، پر حقيقت ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ٻنهي ڊويزنن ۾ اصل مقابلو پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ۾ ٿيڻوهو، باقي جيستائين پي ٽي آءِ ۽ ڪراچي ۽ حيدرآباد تائين محدود جماعت اسلامي توڙي قومپرست جماعتن جو تعلق آهي ته سي پنهنجي زور آمائي ته ڪري سگهن ٿيون، پر ايتري ڪاميابي حاصل نٿيون ڪري سگهن، جنهن جي هو توقع رکن ٿيون. بظاهر ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزنن جي مک شهرن کانسواءِ ٻين ضلعن ۾ جتي پ پ جي ڪاميابي جا امڪان نظر پئي آيا، اتي ٻين اتهادين پارٽين جي پذيرائي ايتري ممڪن ناهي، جيتري سندن سوچ آهي. ڇوته پاڻ جڏهن ماضي ۾ وينداسون ته سڄي سڌ جي مڙني ضلعن ۾ هتي پ پ کي سوڀاري ٿيندي رهي آهي.
گذريل هڪ مهينو اڳ پاڻ سنڌ جي ٻين 14 ضلعن ۾ ڪرايل بلدياتي اليڪشن ڏٺي ته ان جو نتيجو اڳ ئي واضح هو ته فيصلو ڪنهن جي حق ۾ ايندو، گذريل ڪالم ۾ به مون اهو عرض ڪيو هو ته اسان وٽ سياسي شعور جو فقدان آهي، ڪير ڀلي پ پ جو متبادل آڻي يا سموريون پارٽيون اتحاد ڪري گرينڊ الائنس جوڙين، تڏهن به پ پ اڳيان هو ڪمزور ئي ثابت ٿيا آهن. بهرحال ٻئي مرحلي جون چونڊون ملتوي ڪيون ويون آهن، صرف اهو بهانو ڪري ته سنڌ ۾ شديد برساتون پونديون، پر ان جي اندروني ڪهاڻي ڪجهه ٻي حڪمت عملي سان وابسته آهي. ان حوالي سان عوامي حلقن جو تاثر به سوشل ميڊيا تي گهڻو اچي چڪو آهي، گڏوگڏ ڪجهه سياسي جماعتن جو اهتجاجي ردعمل به پاڻ ڏٺو. پيپلزپارٽي جي قيادت جو اهو چوڻ آهي ته حيدرآباد ڊويزن ۾ ته ان جا سوين اميدوار بنا مقابلي ڪاميابي ماڻي چڪا آهن، ٻين ضلعن ۾ به انهن جي ڪاميابي واضح هئي.
شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ مفاهمت جي بادشاهه طور سڃاتو ويندڙ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نياڻي به بلدياتي الڪيشن جي مهم هلائڻ جي سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ دورا ڪندي نظر آئي، يقينن عوام پنهنجي وچ ۾ آصفه ڀٽو کي ڏسي تمام گهڻي خوشي محسوس ڪئي پر اهڙي قسم جي ويجهڙائپ صرف چونڊن وقت نه بلڪه عام ڏهاڙن ۾ به هجڻ گهرجي، هن قافلي جي صورت ۾ هزارين ماڻهن جي وچ ۾ اچي پنهنجي شهيد والده جي ياد تازي ڪئي، ان کان اڳ پي ٽي آءِ جي اڳواڻ اسد عمر به حيدرآباد پهچي نه صرف مختلف ميڙاڪن ۾ شرڪت ڪئي بلڪه ڊسٽرڪٽ بار حيدرآباد جي وڪلن کي به خطاب ڪيو، مطلب ته ٻئي مرحلي جي چونڊن لاءِ تمام گهڻي گرما گرمي هئي پر اليڪشن ڪميشن جي اچانڪ آيل فيصلي سڀني کي ڇرڪائي وڌو. جنهن عوام ۾ ڪيئي خدشا به پيدا ڪيا آهن، پ پ مخالف ۽ قومپرستن ڌرين جا آيل موقف واضح ڪن ٿا ته هو اليڪشن ڪميشن جي اهڙي فيصلي تي راضي ناهن بلڪ هو ان فيصلي کي سياسي حڪمت عملي ۽ ان جي پٺيان سياسي چال سمجهن ٿا. پر اها ڳالهه مڃڻي پوندي ته ٻئي مرحلي وارين چونڊن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ اصل مقابلو پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ۾ ئي ٿيڻو هو، هن وقت جيڪا چونڊ ملتوي ٿئي آهي، ان مان اهو تاثر ملي پيو ته انهن ٻنهي پارٽين کي ڪٿي ڪٿي پنهنجي ناڪامي ڏسڻ ۾ پئي آئي، تنهن ڪري ئي بلدياتي اليڪشن ملتوي ڪرائي وئي آهي، پر ان ڳالهه ۾ ڪيتري صداقت آهي، اها خبر ته اليڪشن ڪميشن جي اختيارين کي ئي هوندي، جيڪڏهن برسات ئي ان جو ڪارڻ هو ته اهڙو فيصلو اچانڪ نه بلڪه پندرنهن ويهه ڏينهن اڳ ڏنو وڃي ها. اها ڳالهه به ذڪر لائق آهي ته پنجاب جي ضمني چونڊن ۾ 20 تڪن تي تحريڪ انصاف ڪامياب ٿي، نتيجي ۾ وزيراعليٰ پنجاب حمزه شهباز جو تخت به لوڏي ۾ اچي ويو، باوجود ان جي ته چوٽي جو مقابلو هو پر ق ليگ جا 10 ووٽ رد ڪري وزيراعليٰ پنجاب لاءِ حمزه شهباز کي ڪامياب قرار ڏنو ويو، جيڪو معاملو به ٻيهر سپريم ڪورٽ ۾ ويو ۽ هاڻ حمزه شهباز صرف ٽرسٽي وزيراعليٰ طور ڪم ڪري رهيو آهي، هاڻ بازي ڪنهن به طرف تبديلي ٿي سگهي ٿي. خطرا ۽ خدشا موجود آهن، پر اصل حقيقت ظاهر ڪرڻ بدران معاملن جو رخ موڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، گڏوگڏ انهي سياسي بحران ۾ اهي مطالبا به اچي رهيا آهن ته ملڪ ۾ جلد کان جلد عام چوندون ڪرايون وڃن، پر جيڪي اهو مطالبو ڪن پيا، اهي جڏهن حڪومت ۾ هئا ته کين عوام جي مسئلن جي ڪا پرواهه ئي نه هئي، جيتوڻيڪ پي ٽي آءِ پنجاب ۾ مقابلي جي پوزيشن ۾ آهي، پر اها ڳالهه به نه وسارڻ گهرجي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو ته موجوده حڪومت پنهنجو مدو پورو نه ڪري سگهندي، جنهن تي گهرو وزير رانا ثناءُ الله جو رد عمل به سامهون آيو ته جيڪڏهن عمران خان نئين چونڊن جي ڳالهه ڪري ٿو ته پهرين ڪي پي ڪي جي اسيمبلي ٽوڙي، پوءِ عام چونڊن بابت سوچبو. هاڻ ملڪ جي سياسي صورتحال تمام گهڻي ٻڏتر جو شڪار نظر اچي رهي آهي، جيستائين سڀئي سياسي ڌريون افهام تفهيم سان معاملن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪنديون ۽ مخالف پاڻ کي هروڀرو جا ضد ڇڏي سرينڊر نه ڪندا، ڳالهين جا در نه کوليندا، ملڪ ويتر مشڪلاتن ۾ گهيرجندو ويندو. تنهن ڪري ضروري آهي ته سموريون سياسي ڌريون ۽ اسٽيڪ هولڊرز عوام ۽ هن ملڪ تي رحم ڪن ۽ پنهنجون انائون ختم ڪري معاملن کي قومي مفادن تحت حل ڪن، بجاءِ ان جي ته ادارن کي استعمال ڪري سياسي ٽوٽڪا استعمال ڪجن.










