ڪيف (ويب ڊيسڪ)يوڪرين گذريل رات 30 کان وڌيڪ روسي ميزائل ۽ ڊرون کي تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب يوڪرين جي فوج جو چوڻ آهي ته روس گذريل رات راڄڌاني ڪيف ۽ ان جي آس پاس تي ميزائل ۽ ڊرون فائر ڪيا.يوڪرين جي فوج موجب روس گذريل رات 15 ميزائل ۽ 18 ڊرون فائر ڪيا.ان حوالي سان مقامي انتظاميا جو چوڻ آهي ته ميزائل ۽ ڊرون جا ملبہ گرڻ سبب 2 ڄڻا زخمي ۽ 5 گهرن کي نقصان پهتو آهي.










