وڇوڙي جي وير ۽ پرين جي پيار جي خوشبو

وڇوڙي جي وير ۽ پرين جي پيار جي خوشبو

دلدار سيلرو
پيار ۾ وڇوڙي بعد ٻيهر ملڻ جون ڳالهيون ڪتابن ۾ پڙهيو هيون ۽ فلمن به پڻ اهڙا قصا ڏسڻ ۾ ملندا آھن پر حقيقي زندگي ۾ ائين لڳندو آهي جيئن وينٽيليٽر تي پيل مريض کي نئين زندگي ملي پوي. اهڙي طرح منهنجي زندگي ۾ هن ٻيهر محبت جو پيغام ڏئي منهنجي روح ۾ نوان جذبا ڦوڪي ڇڏيا آهن اڄ مان هن دلربا جي نيڻن جو وري اهڙو ته پرستار بڻجي ويو آهيان جو دل چوي ٿي ته هن جون اکيون هڪ پل به پري نه ٿين پر حالتون ماڻهو کي بي وس ڪري نيڻن جي ٺار کان پري رهي جيئڻ تي مجبور ڪري ڇڏين ٿيون زندگي جي ٻهارن جي ساٿ بنا هن جي پيار جي يادن جي سهاري جيئڻو پوي ٿو. محبت اوچتو اکڙين ذريعي دل ۾ ديرو ڄمائي ٿي هي اها انمول چيز آهي جيڪا ڪنهن به قيمت تي خريدي نه ٿي سگهجي. محبت هڪ احساس جو نالو آهي جيڪو محبوب جي يادن کي دل ۾ سانڍي رکي ٿي انهي بدولت پيار پريمين جي وڇڙي وڃڻ باوجود به اندر منجھ پيار زنده رهي ٿو اهو سبب آهي جو اڄ ورهين جي وڇوڙي باوجود اسين وري پاڻ ۾ ملي پيار جي اڙانگي سفر تي گامزن ٿيا آهن. مٺي ۽ ساگر جي محبت ٻالڪ پڻ ۾ ٿي اها عمر اهڙي ديوانگي واري هوندي آهي جو پيار جي رستي تي محبوب جي ديد کان سواءِ ٻئي ڪابه شئي نظر ناهي ايندي انهي انڌي پيار جي وهڪري ۾ ماڻهو کي اها به خبر ناهي پوندي ته اسين جيڪي حرڪتون ڪيون ٿا ان سان پنهنجي پيار کي ڪيترو بدنام ڪريون ٿا. برحال الڙ جواني ديواني ھوندي آھي جنھن کي ڪا به پرواهه ناهي هوندو ڇاڪاڻ ته عام چواڻي آهي ته جواني ديواني هوندي آهي. جنهن ۾ دل جي اڪير سبب محبوب جي اکڙين جي ڪشش کان پري رهڻ به مشڪل هجي ٿو پيار جي راهه تي هلندي ڪائي به خبر ناهي پوندي ته هن جي منزل ڪٿي ختم ٿيندي پيار نالو ئي تڙپ ۽ وڇوڙي جو آهي. اهڙي طرح پيار جي احساس ۽ جذبي تي هلندي چند سالن کان بعد اسين به هڪٻئي کان اهڙو جدا ٿي وياسين جهڙوڪ ڪڏهن پاڻ مليا ئي نه هجون. ان جدائي جا به ڪجهه سبب هئا پر ان ۾ گهڻي قدر ساگر جي ڪوتاهي شامل هئي. جنهن ڪڏهن پنهنجي جان جي سارسنڀال نه لڌي پر اندر منجهه پرين جي جدائي جو گهاء سانڍي رکيو. ٻنهي دلربا دوستن جي دلين ۾ وڇوڙي جي عذاب سان اندر ۾ پي پناهه پيار سمايل هو جنهن جو اظهار دل ئي دل ۾ رکندي هو ورهين تائين هڪٻئي کان جدا رهيا.عورت جنهن کي اسانجي معاشري ۾ اڪثر بي وفا جو نالو ڏنو ويندو آهي پر مٺي وفا جي علامت بڻجي ڊگهي عرصي جي جدائي کان بعد هڪ صبح جو اچانڪ موبائل فون تي هڪ ڪال ڪئي جنهن جي هيلو ڪرڻ سڌو دل سان وڃي رابطو ڪري دل جي اڪير کي جيئاري ڇڏيو. بعد هن فورن ڪال بند ڪري ڇڏي. ان محبوب جي آواز جي گونج دل ۾ جيڪا تڙپ پئدا ڪئي اهو پيار ۾ وڇوڙي جو عذاب ڀوڳيندڙ ماڻهو سمجهي سگهي ٿو. مان هن کي رٽرن ڪال ڪرڻ چاهيو وري دل ۾ خيال آيو ته ته متان منهنجي اهڙي حرڪت جاني کي ڪنهن پريشاني ۾ نه وجهي ڇڏي مان اڃا ان سوچ ۾ ئي هئس ته چند منٽن بعد وري ان دلبر جي فون آئي جنهن وري به صرف هيلو ڪري خاموشي اختيار ڪئي جڏهن مون سندس نالو وٺي چيو ته تون مٺي آهين ته هن ٽهڪ ڏيندي چيو ته ايترن سالن جي عرصي بعد منهنجو آواز سڃاڻي ورتئي چيو مانس ته روح جي رشتن وارا ماڻهو ڪڏهن به ناهن وسرندا وقت جي وهڪري ۾ جدائي جو عذاب ڀوڳڻو پيو. ائين وري ورهين بعد ٿيل رابطي اسانکي ننڍپڻ واري راهه تي آڻي ڇڏيو آهي. پيار جي نئين تڙپ اسان ٻنهي کي ملي سينو سيني سان لائڻ جي آس پئدا ڪري ڇڏي نيٺ اها گهڙي به اچي وئي جڏهن ورهين جي طويل وڇوڙي بعد اسان جي پاڻ ۾ ملاقات ٿي هن سهڻي من موهڻي وڇوڙي جي وير ۾ جيتوڻيڪ پنهنجي جوڀن جواني جي حسين ڏهاڙن کي بي رونق بڻائي زهر جدائي ۾ گذاريو پر پوءِ هن جي حسنا ساڳئي نظر آئي پيار جي تڙپ هن جي اکين ۾ سمايل هئي وڇوڙي کان بعد جڏهن هن جي مون تي پهرين نظر پئي ان ۾ جيڪا خوشي ۽ اکين تي چمڪ مون ترندي ڏٺي اهو منظر به اڻ وسرندڙ آهي. ڊگهي وڇوڙي بعد ٿيل ملاقات دوران اسان گڏجي چانهه پيتي جنهن دوران زندگي جي وڇڙي ويل گمنام پلن کي ساريندي انتهائي افسوس جو اظهار ڪيو. سکايل اکين ۾ ورهين جي سڪ ۽ هڪٻئي کي سيني سان لائڻ جي آس هن جي اکڙين مان بيان ڪري رهيون هيون پر ان لمحن کي حيقي روپ ڏيڻ وارو ماحول اسانجو ساٿ نه پيو ڏي جنهن ڪري اسان ٻنهي پاڻ ۾ قرب جون ڪچهريون ڪندي ڪافي وقت گذاريو. شام جي پهر هن واپس گهر ڏانهن وڃڻ لاءِ هن مونکان موڪلائي ڪئي. پر ويندي وچن وفا ڪندي هن اها پڪ ڏني ته هاڻ پنهنجي جدائي صرف موت جي صورت ۾ ممڪن ٿيندي. هن جي اهڙي چاهت ۽ ديوانگي دل ۾ اهڙو ته گهر ٺاهيو آهي جو هن کان هڪ پل به پري رهڻ مشڪل بڻجي ويو آهي. پيار جي تڙپ وڇوڙي جي ويرن بعد اسانجو وري پاڻ ۾ ملڻ هڪ اهڙو اتساهه پيدا ڪيو آهي جو هڪ پل پري رهڻ دل برداشت نه پئي ڪري هن محبوب سهڻي جي مٺڙي بدن جي خوشبو وارن جي ڇانوَ اکڙين جي جادو جو اهڙو ته اثر ڇڏيو آهي جو هر وقت دل هن سان گڏ رهڻ چاهي ٿي ورهين جو وڇوڙو ۽ مختصر ملاقاتون ڪٿي ٿيون سيني جي سڪ لاهي سگهن تڏهن ته آخري ڀاڪر ۾ ڀريندي هن وراڻيو هو ته پيار مان دل ناهي ڀرجندي بس هاڻي موڪلايون ٿا وري زندگي جي ڪنهن موڙ ملنداسين ائين چئي هو جان منهنجي اکين کان اوجهل ٿي هلي وئي آهي. هاڻ سندس ملڻ لاءِ دل ماندي آهي هن دلربا جاني کي به مون سان ملڻ جي پي پناهه آس دل ۾ آهي تڏهن ته ته آڌي رات جو هو مون وانگر ننڍ مان ڇرڪ ڀري جاڳي پوي ٿي. وڇوڙي جي عذاب کي سهندي پنهنجي دل وري ملڻ جي آٿت ڏيندي رهي ٿي. اڄ محبت جي عالمي ڏهاڙي تي مان پنهنجي جان کي ياد ڪندي سندس هي ڪالم ڪهاڻي به ان جي نالي ڪندي اهو وچن ٿو ڪريان ته پرين تون ماندو نه ٿي جلد وري ملاقاتون ٿينديون نيون بهارون جنم وٺنديون جنهن سان وڇوڙي جو عذاب ختم ٿيندو .هن موقعي تي رب پاڪ کان اها دعا آهي هو منهنجي دلبر جاني کي صحت سلامتي عطا ڪندو. سندس مٿان پنهنجي ڇپر ڇانو ڪندي هن کي همٿ ۽ حوصلو ڏيندو ته جيئن هو نئين وڇوڙي جو عذاب سهي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو