واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي آمريڪي صدر جوبائيڊن سان ملاقات ڪئي.ملاقات آمريڪي صدر جو بائيڊن پاران ڏنل آجياڻي جي موقعي تي ٿي.آمريڪي صدر پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب سوين ماڻهن جي فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪندي متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو.وزيراعظم يو ايس ايڊ جي سربراهه جي پاڪستان دوري ۽ امداد موڪلڻ تي آمريڪي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا.ڪالهه اڱاري ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف عالمي برادري کي پاڪستان جي مدد جي اپيل تي آمريڪي صدر جا ٿورا مڃيا.










