جنيوا(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي وفد سان گڏ ٻن ڏينهن جي دوري تي سوئٽزرلينڊ جي شهر جنيوا پهچي ويو.وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان موجب وفد ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار، شيري رحمان، احسن اقبال ۽ مريم اورنگزيب شامل آهن.جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم 9 جنوري تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان گڏ هڪ عالمي ڪانفرنس جي ميزباني ڪندو، پاڪستان ڪانفرنس ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي لاءِ فريم ورڪ پيش ڪندو ۽ فريم ورڪ تي عملدرآمد لاءِ عالمي تعاون جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ تي زور ڏيندو










