واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) صدر ڊاڪتر عارف علوي چيو آهي ته هاڻوڪي ٻوڏ جي ڪري پاڪستان ۾ غربت جي شرح ۾ واڌ جو خطرو آهي لکين گهرن ۽ لکين ايڪڙ تي بيٺل فصلن جي تباهي جي ڪري غريبن تي ٻوجهه وڌي ويو آهي جڏهن ته پاڪستان غربت جي خاتمي، عوام جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ جٽادار ترقي جا حدف حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪاوشون جاري رکندو ايوان صدر جي پريس ونگ مطابق صدر 17 آڪٽوبر تي غربت جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪتان ۾ غربت مڪمل ختم ڪرڻ لاءِ خوراڪ، روزگار، صحت، گهر، انصاف تائين پهچ وڌائڻ سان گڏوگڏ عوام پاران سياسي شموليت ۽ ان جا اختيار وڌائڻا پوندا صدر چيو ته غربت ۽ بدحالي بنيادي حقن جي خلاف آهي ٻوڏ ۽ ٻيون قدرتي آفتون غربت ۾ واڌ جو وڏو سبب آهن هاڻوڪي ٻوڏ جي ڪري پاڪستان ۾ غربت جي شرح ۾ واڌ جو خطرو آهي صدر چيو ته ٻوڏ سبب عالمي برادري کي پنهنجي ذميوارين جو احساس ڪرڻو پوندو. پاڪستان غربت جي خاتمي لاءِ مختلف پروگرام شروع ڪيا صدر چيو ته غربت جي پاڙ پٽڻ لاءِ نيشنل رورل سپورٽ پروگرام، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام، احساس پروگرام، صحت ڪارڊ جهڙا مختلف قدم کنيا ويا پاڪستان مستقبل ۾ به غربت جي خاتمي لاءِ قدم کڻندو رهندو.










