ليکڪ طفيل مگسي
سنڌ جي عظيم سپوت ڪامريڊ حيدربخش جتوئي 1نومبر 1901ع ۾ سنڌ جي تهذيب موهن جي دڙو جي ويجهو بکو ديرو نالي ڳوٺ ۾ جنم ورتو.ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جڏھن هن دنيا ۾ اک کولي ته ستت ئي سندس ڇپر ۽ ڇانو جي حيثيت رکندڙ مٺڙي امڙ ھن فاني دنيا کان لاڏاڻو ڪري وئي.ان ڪري هو جيجل جي شفقت ۽ محبت کان محروم رهيو.11سالن جي عمر ۾ ھن کي اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو.جيڪو سندس ڳوٺ کان ڪجه ڏور ڳوٺ“پٺاڻ“ ۾ ھو.هڪ ڀيري لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنر اسڪول جي وزٽ تي آيو ته حيدربخش جتوئي کان ان قدر متاثر ٿيو ته هن جي والد سان ملاقات ڪيائين ۽ ان وقت ڊپٽي ڪمشنر هن کي مشورو ڏنو ته پنهنجي فرزند کي اعلي تعليم ڏياريو.ڇاڪاڻ ته هو ڏاھپ ۽ شعور جو چشمو آھي.شروعاتي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوء سنڌ مدرست الاسلام ڪراچي ۾ هن داخلا ورتي.جتي هر ڀيري پوزيشن حاصل ڪندو رهيو.۽ ڏھين جماعت ۾ سڄي سنڌ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي.
1922ع ز۾ ھن بمبئي يونيورسٽي کان گريجويشن ۽ 1923غ ۾آنرز ڪئي. بعد ۾ ھو سرڪاري ملازمت سان لاڳاپجي ويو.۽ ڊپٽي ڪمشنر جي عهدي تائين وڃي پهتو.1945ع ۾ حيدربخش جتوئي سرڪاري نوڪري کي الوداع ڪيو ۽ هارين جي تحريڪ ۾ شامل ٿي ويو.1946ع ۾ ھو سنڌ ھاري ڪاميٽي جو صدر چونڊجي ويو.1950ع هاري ڪونسل جو مرتب ڪيل آئين منظور ڪري ورتو ۽ انهيء سال سندس جدوجهد جي بدولت سنڌ جي حڪومت زراعت جو قانون منظور ڪري ڇڏيو. حيدربخش جتوئي سنڌ جي هارين جي حقن جي بحالي جي لاء زندگي جا ست سال جيل ۾ گهراريا.حيدربخش جتوئي هڪ عظيم شاعر پڻ ھو.برصغير پاڪ وهند جي آزادي واري جدوجهد تي لکيل سندس نظم جيڪو قوم جي آزادي جي جدوجهد جي نالي سان چپيو هو.سندس شاهڪار نظم سمجهيو وڃي ٿو.هن جي ٻين ڪتابن ۾ درياه شاه. تحفو سنڌ.هاري گيت. هاري انقلاب ۽ پياري سنڌ شامل آھن.
1969ع ۾ ھن تي اڌ رنگ(فالج) جو حملو ٿيو. جنهن جي ڪري هو مريض ٿي ويو. 23 سالن جي عمر ۾ شادي ڪيائين ۽ سڄي عمر گهر واري ۽ ٻارڙن سان محبت ڪيائين. سندس شادي ماسي جي نياڻي سمول سان ٿي. جيڪا ڪريم بخش خان جتوئي جي نينگري هئي.۽ ھو کيس کي پيار وچان ممتاز چئي ڪري سڏيندو هو.شادي جي شروعاتي ڏھاڙن ۾ اولاد کان محروم رهيو ته سندس بابا هن کي ٻي شادي ڪرڻ جو مشورو ڏنو.مگر حيدربخش نه مڃيو.ڪجه سالن گذرڻ کانپوء هن کي هڪ نينگر ڄائو ۽ ان کانپوء رب پاڪ هن کي وڌيڪ پٽن سان نوازيو.هن کي نياڻي جو ڪو اولاد نه هو.جنهن جي هن کي وڏي خواهش ۽ اميد هئي.
سنڌ ھاري ڪميٽي ڏانهن سندس لاڙي جو ڪارڻ اھو هئو ته هن کي هارين جي ابتر حالتن تي تمام گهڻو ڏک ٿيندو هو.هن محسوس ڪيو ته هو پنهنجي ملازمت جي دوران هارين جي لاء ڪجه نٿو ڪري سگهي.ته ملازمت کان استعيفا ڏيڻ جو فيصلو ڪيائين ته جيئن هارين جي حالت بدلائڻ ۽ بهتر بنائڻ جي لاء وڌ کان وڌ وقت ڏئي سگهجي.جڏھن مختيارڪار جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو هو.تڏھن به ملازمت کان استيعفي پيش ڪيائين.مگر والد ۽ ضلعي جي ڪليڪٽر جي اصرار تي استعيفي واپس ورتائين.بعد ۾ 1945ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جي حيثيت سان استعيفي ڏئي ڪري “سنڌ ھاري ڪاميٽي“سان لاڳاپجي ويو.
1946ع ۾ سنڌ ھاري ڪاميٽي جو صدر چونڊيو ۽ ڪجه عرصو ڇڏي ڪري پنهنجي وفات تائين ساڳئي عهدي تي ڪم ڪندو رهيو.حيدربخش جتوئيء پنهنجي سياسي سفر جي شروعات انڊين نيشنل ڪانگريس.ٿيوسوفيڪل سوسائٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽي هندستان جي هڪ ميمبر جي حيثيت سان ڪئي.هو ڪميونسٽ پارٽي جو وفادار ميمبر هو.ليڪن حڪمت عملي جي باري ۾ تنگ نظر نه رهيو بلڪ .سدائين روداري.آزاد خيال ۽ ڪشادي فهم وفڪر جو مظاھرو سياسي پاليسسز ۽ مذھبي فلسفياڻي سوچ جي تحت ڪيو.سندس خيال هو ته ائين ڪرڻ ئي مناسب آھي.هو انهن روايتي سڌارن جو جيڪي سر راجر ٿامسSIR RAJOR THOMAS ڪميٽي هارين تي لکيا هئا.سخت خلاف هو.هن جو خدال هو ته سر راجر ٿامس پاڻ زميندار هو.ان ڪري هن هارين کي مالڪاڻن حقن ڏيڻ جي صورت ۾ سنڌ ۾ سياسي افراتفري پکيڙڻڻ جي ڳاله ڪئي هئي.جيڪو هاري قرضن جي ادائيگي ۾ ناڪام رهندو.ان تي صرف سول ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪري سگهبو هو.ليڪن سر راجر ٿامس رٿ ڏني ته ان قسم جي ادائيگي کي ڏوھاري ڪيسن جي حيثيت ڏئي ڪري سزا ڏني وڃي.جنهن ۾ قيد به شامل هئي.جڏھن انهن رٿن تي ڪميٽي ٺاهي وڃي جنهن ۾ به هاري هجن جن جي مقرري ڪليڪٽر ڪئي هجي.اها به رٿ ڏني ته جيڪڏھن ڪنهن هاريء ڪو غيرقانوني ڪم ڪيو ته کيس کي سندس حقن کان محروم.ڪري سگهجي ٿو.ڪامريڊ حيدربخش جتوئي چيو هو ته “اسان ماڻھو تيار هئاسين ته ان هڪ طرفي بي انصافي کي برداشت ڪري وٺنداسين.ليڪن ان شرط سان گڏ ته زميندار جي لاء به اهڙو ئي قانون هجي.جنهن جي تحت ان کي به ڏوھ جي صورت ۾ زمينداري کان محروم ڪري سگهجي ٿو.هاڻي اسان کي ان کان وڌيڪ ٻيو ڪجه به نه گهرجي.۽ اھو به ڪنهن معاوضي جي بنا“ان کانپوء هن هڪ قرارداد پاس ڪئي.جنهن جي تحت بٽائي(اناج ۾ حصي جي بجاء) روڪ رقم ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.هن ئي عوام کي“جيئي سنڌ جو نعرو ڏنو“يعني هو جيئي سنڌ تحريڪ جو باني هو.هن ڪافي ڀيرا چونڊن ۾ حصو ورتو.مگر ڪامياب نٿي سگهيو.حيدربخش جتوئي ڳوٺ.تعلقي ۽ ضلعي ۽ صوبي جي سطح تي “سنڌ ھاري ڪاميٽي“کي منظم ڪيو.هن جو آئين ترتيب ڏنائين .جنهن جي جنرل باڊي منظوري ڏني.ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي جي دروازي جي سامهون سندس اڳواڻي ۾َھارين هڪ تمام وڏو مظاھرو ڪيو.مارچ1950ع ۾“ڍل “ جو بل پاس ڪرايائين ۽ پورهيت طبقي جي لاء ڪانفرنس ڪوٺايائين.
1950ع ۾ تعلقي ڏوڪري جي هارين جي جنرل ميٽنگ گهرائي وئي.ڇوته هارين وياج جي هڪ نئين شڪل ““جي خلاف شڪايت ڪئي هئي.ان وياجي طريقي ۾ پورهيت .شاھوڪار کان ڏکيئي طريقي سان قرض وٺي سگهندو هو.جنهن ۾ وياج جي شرح عام شرح کان وڌيڪ هوندي هئي.گهربل وياج جي قيمت في مڻ ڏھ روپيا هوندي هئي.ليڪن هاري ان کي روڪ رقم جي بدلي ۾ نه بلڪ ٽن مهينن جي قرض جي بدلي 6رپيا وٺي سگهندو هو.ليڪن حقيقت ۾ ان حالت ۾ وياج جي شرح هر مهيني ۾ پنجاه سيڪڙو وڌيڪ هوندي هئي.ڪامريڊ جتوئي هارين کي چيو ته اهي رقم کي ڪيش(روپين) جي شڪل ۾ بلڪل اهڙي ريت شاهوڪارن کي ڏين ته .جهڙي ريت انهن ٽن مهينن ۾ شروعات ۾ حاصل ڪئي هئي.ان ميٽنگ ۾ شاهوڪار به هئا ته انهن وڏيون رڙيون ڪيون ته ڪامريڊ جتوئي“ حآڪميتي “نظام جي خلاف انڪاريت ڪئي.ليڪن پڇآڙي ۾“حاڪميتي “جي خلاف هارين متحد ٿي ڪري سڄي سنڌ ۾ جدوجهد ڪئي ۽ ان جو خاتمو ڪري ڇڏيائون.خطرناڪ ماڻھو.جڏھن صدر ايوب حيدرآباد جو دورو ڪيو ته قاضي محمد اڪبر هن کي جتوئي صاحب جي آزادي جي لاء راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي .جنهن تي صدر ايوب چيو “حيدربخش جتوئي هڪ وڏو خطرناڪ ماڻھو آھي.ان کي ڪيئن آزاد ڪجي“باوجود ان جي حيدربخش جتوئي تاشقند معاهدي تي ان قدر خوش ٿيو ته فوري طور تي ايوب خان کي مبارڪباد جو خط موڪليائين.جڏھن ڇين جو وزيراعظم چو اين لائي ڄامشورو سنڌ جو دورو ڪيو ته ڪامريڊ جتوئي سان به هن جو تعارف ڪرايو ويو.
چون اين لائي هن کي ڀاڪر پاتو ۽ چيو“اهو اهڙو رستو آھي. جنهن تي هلي ڪري ٻن هاري اڳواڻن کي ملڻ گهرجي“جڏھن هو اٽڪ جيل کان آزاد ٿيو ۽ ريل گاڏي تي حيدرآباد پهتو ته هڪ هيرو جيان سندس استقبال ڪيو ويو.جتي هن خطاب ڪندي چيو ته“جيڪڏھن مون کي هزار زندگيون به هجن ها ته سموريون سنڌ تي قربان ڪري ڇڏيان ها.“هن جدوجهد جاري رکڻ جي لاء پنهنجي زمين جو ڪجه حصو .زال جا زينور ۽ ٻيون شيون وڪرو ڪري ڇڏيون هيون.جڏھن هو بدين ۾ مختيار ڪر هو ته هن پنهنجي سنڌي شاعري جو مجموعو“تحفه سنڌ“جي نالي سان ڇپرايو.65صفحن جي ان مجموعي ۾َنظم“دريا سآھ“۽ “شڪوه“به شامل آھن.جن جو انگريزي ۾ ترجمو ٿيو.“دريا شاه“۾ سنڌ دريا کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو آھي.۽ ان نظم کي سنڌي ادب ۾ لافاني حثيت حاصل آھي.1946ع ۾ ھن پنهنجي شاعري جو ٻيو مجموعو“آزادي قوم“ شايع ڪرايو.اهو ڊگهو نظم محض پنجن بندن تي مشتمل آھي ۽ ان جو موضوع برصغير ۾ برطانوي راڄ جي خلاف جدوجهد آھي.اهو نظم 69 صفن تي مشتمل آھي.جنهن ۾ 171بند آھن.ان جي ٻين نظمن سنڌ پياري.سلام سنڌ .اي سنڌي وڏيرا ڪجه انسان“ هئا(اي سنڌي وڏيرا ڪجه انسان ٿي“حيوان انسان.جيئي سنڌ جيئي سنڌ .اي سنڌ جيجل وغيره شامل آھن.ان ڪيترن ئي مشاعرن ۾ حصو ورتو.جنهن ۾ ھن سنڌي نظم پڙھيو آھي.هو بيباڪ مصنف هو.۽ ڪڏھن به اهڙو ڏينهن نه گذريو جڏھن سندس لکڻي نه ڇپي هجي.ون يونٽ جي خلاف ڪافي مواد لکيائين.
هو لاهور ويو ۽ اتي ڪتاب“جهموريا ۽ عدليا جو انصاف“جسٽس منير کي پيش ڪيائين .جڏھن ان اهو ڪتاب ڏٺو ته جسٽس منير آپي کان ٻاهر نڪري ويو. ان محمدعلي قصوري کي گهرايو ۽ چيو.“حيدربخش جتوئيء جيڪو ڪتاب لکيو آھي. ان تي توهين جو ڪيس داخل ڪندس“جنهن تي قصوري صاحب چيو“جتوئي به اهوئي چاهي ٿو ته چيف جسٽس پنهنجو پاڻ تي ڪيس داخل ڪري.“ ان سوال تي جسٽس منير ٿڌو ٿي ويو. حيدربخش جتوئي سنڌي ٻولي ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ انهن کي شايع پڻ ڪرايو.“هاري انقلاب ““زميندار شاھي عرف ڪمدار جا ڪارناما“۾ ڪهاڻين جي صورت ۾ زمينداري نظام جي خرابين ۽ خبيث ذھنيت کي ڏيکاريو ويو آھي.جنهن ڪتاب ۾ ھارين تي نظم.لکيا ويا آھن.ان جو نالو “هاري گيت “اآھي.“هاري ڪهاڻيون“اهو ڪتاب آھي.جنهن ۾ هارين تي ڪهاڻيون لکيون ويون آھن.هن پنهنجن دوستن کي خط پڻ لکيا جيڪي اخبارن ۾ ڇپيا.ڇاڪاڻ ته هو هڪ بهترين ترجمي نگار پڻ ھو.ان ڪري سنڌي ادبي بورڊ ڪارل مارڪس جي لکڻي“داس ڪيپيٽل“جو ترجمو ڪرڻ جي لاء چيو.هن ان منصوبي تي ڪم جي شروعات ڪئي.مگر مڪمل نه ڪري سگهيو.قرآن پاڪ تي پڻ يادگار ڪم ڪيائين.هن قرآن پاڪ جو تفصيلي مطالعو ڪيو ۽ پوء ان جو تت به لکيائين.ان يادگار ڪم جي دوران ۾ اٽڪل 30 سالن جو وقت لڳس.ان ڪم جي لاء ھن ڪيترن ئي عالمن سان مشورو ڪيو.اها تحقيق ڏھن حصن تي مشتمل آھي.۽ ھر حصي جا ڪسفي باب آھن.انگريزي ۾ ترجمي سان گڏوگڏ عربي پڻ اٿس.جنهن جو حوالو قرآن پاڪ کان ڏنو ويو آھي. ان ترجمي وتفسير جو نالو (SUBSTANCE OF THE QURAN )آھي.
1945ع کان1970ع جي وچ ۾ مختلف وقتن ۾ سنڌ. پنجاب ۽ بلوچستان ۾ نظربند ڪيو ويو. يعني هو اٽڪل ست سال جيل ۾ سياسي قيدي جي حيثيت سان رهيو.“جيل جو سڌارو“جي عنوان هيٺ هڪ تحقيقي مقالو لکيو آھي. جيڪو حڪومت کي پڻ ڏنو ويو. جيتوڻيڪ هن آزاد رهڻ کي اوليت ڏني، مگر جڏھن به گرفتار ٿيو ته مرڪ سان گڏ ھٿڪڙدن جو استقبال ڪيائين.“ حيدر منزل“ڪراچي جي ٻاهريان گرفتار ٿيو ته شيخ مجيب الرحمان ۽ ٻين سياسي اڳواڻن کي ڏندين آڱريون اچي ويون. ڇوته ان وقت به هن جي چپن تي ساڳئي مرڪ هئي.
جنوري1969ع ۾ اعلي عدليا جي حڪم تي آزادي کانپوء جتوئي صاحب سنڌ جو دورو ڪيو.جلسا ڪيائين. ۽ ون يونٽ جي خلاف مظاھرا ڪندو رهيو.سنڌ سان محبت جي بنياد تي هن کي “باباء سنڌ “جو لقب ڏنو ويو.جيڪو سنڌ جي عوام سان هن جي محبت ۽ عقيدت جي ترجماني ڪري ٿو.
پوئين ڏھاڙن ۾ ڊاڪٽر معين خواجا جي حيدربخش جتوئي سان اسپتال ۾ ملاقات ٿي. جيڪو هن جو بهترين دوست هو. هن ان تي زور ڏنو ته سنڌين کي گهرجي ته جيڪي مهاجر سنڌ جي حقن جي جدوجهد ۾ گڏ رهيا ۽ ان جدوجهد ۾ حصو ورتائون اهي انهن سڀني جو قدر ڪن“حيدربخش جتوئي 21مئي 1970ع خميس جي ڏينهن ۽ جمعي ڏينهن 69 سالن جي عمر ۾ اسان کان هن فاني دنيا منجهان وڇڙي ويو.حيدربخش پنهنجي زندگي ۾ پاڻ پنهنجي لاء هڪ لکي هئي.
“اي موت ؛ تو منهنجي هڪ هڪ رڳ ۽ رت جي نالين کي ٿڌو ڪري ڇڏيو. خوش ٿي وڃ اي دوست؛ ته توکانسواء زندگي ۾ آرام ممڪن نه هو.“ 2000ع ۾ ھن جي وفات جي 30 سالن کانپوء حڪومت پاڪستان هن کي هلال امتياز جي تغمي سان نوازيو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جيڪو سنڌ جي عوام جي دلين ۾ تيستائين موجود رهندو جيستائين هي فاني دنيا ڀسم نٿي ٿيئي.










