اسلا م آباد (بيورو رپورٽ)نگران وزيراعظم انوار الحق وفد سميت چيني صدر جي دعوت تي بيجنگ پهچي ويو.وزيراعظم 17 ۽ 18 آڪٽوبر تي بيلٽ اينڊ روڊ فورم فار گلوبل ڪوآپريشن ۾ شرڪت ڪندو.انوارالحق ڪاڪڙ 10 سالن ۾ ترقياتي ڪاميابين سان گڏ مستقبل جي مقصدن ۽ اهم منصوبن تي پاڪستان جي تعاون کي ورجائيندو.نگران وزيراعظم بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندو.










