نيب آفيسرن جي پگهارن ۾ واڌ،ڪابينه منظوري ڏئي ڇڏي

نيب آفيسرن جي پگهارن ۾ واڌ،ڪابينه منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) نگران وفاقي ڪابينه نيب جي ڊپٽي چيئرمين ۽ پراسيڪيوٽر جنرل نيب جي پگهارن ۽ ٻين مراعتن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.ذريعن موجب نيب جي ڊپٽي چيئرمين سهيل ناصر کي 15 لک روپيه ماهوار ۽ ٻيون مراعتون ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي جڏهن ته پراسيڪيوٽر جنرل نيب سيد احتشام شاهه لاءِ 16 لک 58 هزار روپيه پگهار ۽ ٻين مراعتن جي منظوري ڏني وئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب جي ڊپٽي چيئرمين کي 500 ليٽر پيٽرول، بجلي، گيس ۽ ٻيا الائونس هاءِ ڪورٽ جي جج جي برابر ملندا. جڏهن ته پراسيڪيوٽر جنرل نيب کي 600 ليٽر پيٽرل، گاڏي ڊرائيور سميت، بجلي، گيس ۽ ٻيا الائونس سپريم ڪورٽ جي جج جي برابر ملندا.ذريعن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته ڊپٽي چيئرمين نيب ۽ پراسيڪيوٽر جنرل نيب کي ريڪوري تي بونس به نه ڏنو ويندو. ذريعن موجب قانون واري وزارت جي سمري تي وفاقي ڪابينه کان سرڪوليشن ذريعي منظوري حاصل ڪئي وئي. نيب چيئرمين نذير احمد جي سفارش تي پگهارون ۽ ٻين مراعتن جي منظوري ڏني وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو