نوجوانن جي صلاحيت جا چرچا ، جهونا سڀ رٽائرڊ ٿين

نوجوانن جي صلاحيت جا چرچا ، جهونا سڀ رٽائرڊ ٿين

سيد زوار حسين شاه
جيڪڏهن مان پاڪستان آزاد ٿيڻ کان وٺي ڳالهه ڪندس ته ملڪ جو ٻيڙو هٿ سان سازش ڪري پنهنجا پيٽ ڀرڻ لاء ملڪ کي تباهه ڪيو ويو آهي ، پاڪستان جي تاريخ گواه آهي ته جنهن به ملڪ کي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ، يا ته اهو ماريو ويو آهي يا گھم ٿي ويو يا چچريل لاش هٿ آيا ، يا اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ڊيڄارڻ جي ناڪام ڪوشش ٿيندي رهي ، اهڙي صوبتن تڪليفن بعد مان سمجهان ٿو ته سون ۾ ڪو هوندو جيڪو اهڙيون تڪليفون برداشت ڪرڻ لکان پوء به ملڪ سان وفا ڪندو ، جڏهن ته پاڪستان جي تاريخ گواهي ڏيئي رهي آهي ته يجترو نقصان هن ملڪ کي موروثي ٻن خاندانن سميت ڪجهه ننڊن وڏن خاندانن ڏنو آهي اهو ڪنهن کان لڪيل ناهي ، جيڪڏهن چند سياستدانن يا انهن جي سهولتڪارن جا نالا وٺنداسين ته اهي ڪک پتي مان لکا پتي نه ڪروڙها پتي نه پر ارب پتي ڪيئن ٿيا ، انهن هن ملڪ سميت عوام سان بار بار ڇا ڪيو اهو ڪنهن کان لڪيل ناهي ، پوء سوال جنم وٺي رهيو اهي ته پاڪستان سان آخر وفا ڪير ڪندو ، عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪير ڪندو ، اهي سوال آهن جن جا جواب گهرجن پر بدقسمتي سان ملڪ اندر اهڙي ته سدائين قيادت ووٽ حاصل رڪي ڪهڙي به طريقي سان اچي ٿي جن کي عوام جي خدمت جي پرواهه گهت ڏوڪڙ ٺاهي ٻين ملڪن م ڪاروبار ڪرڻ ، پنهنجا علاج ڪرائڻ گهمڻ ڦرڻ جا شوقين آهن ، برحال هن وقت به ڪجهه ائين ئي ٿي رهيو آهي ، هن وقت به جڏهن ڪپتان جنهن صرف ساڍا ٽي سال هن ملڪ مٿان حڪومت ڪئي ، مهنگائي ڪرڻ تي احتجاج لانگ مارچ سميت ڌرڻا ڏيئي هڪ سوچي سمجهي سازش جنهن لاء ڪپتان چيو آهي نيٺ ٽريڪٽرن ٽرالين تي مرد اڳواڻ توڙي عورتون چڙهي لانگ مارچ ڪيو برحال اهو هڪ سلسلو هلندو رهندو آهي ، هن وقت جڏهن ته حڪمران هي ملڪ نه ٿيا هلائي سگهن ، ملڪ جي معيشت مڪمل تباهه ٿي چڪي آهي ته پوء مان گزارس ڪندس ته عوام جو آخر ڪهڙو قصور آهي جڏهن ته سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته نوجوان پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جا سڀ کان وڏا ضامن آهن، نوجوان اسان جو اثاثو آهن، جيڪي پوري دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري قوم جو فخر بڻجندا، اسان کي مايوس نه ٿيڻ گهرجي، همت ۽ حوصلي سان مشڪل حالتن کي منهن ڏئي سگهجي ٿو، اهڙن خيالن جو اظهار هن اقرا يونيورسٽي جي 20هين تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، گورنر سنڌ حنيد لاکاڻي جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته هن ملڪ کي اقرا يونيورسٽي جهڙو مثالي ادارو ڏنو، اقرا يونيورسٽي ڪيترن ئي سالن کان شاگردن کي معياري تعليم فراهم ڪري رهي آهي، سنڌ جي گورنر چيو ته الله تعاليٰ انسان کي قرآن ۾ پهرين هدايت پڙهڻ لاءِ ڪئي آهي ۽ سڄي ڪائنات اقرا چيو ۽ پوءِ سڄي ڪائنات جدوجهد شروع ڪئي ۽ ان جي ڪري ئي اڄ انسان باشعور آهي، ڪامران خان ٽيسوري چيو ته گورنر جي حيثيت سان سڀ کان وڌيڪ خوشي يونيورسٽين جي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ سان ٿيندي آهي، اهڙن پروگرامن ۾ پاڪستان جي روشن مستقبل جي خوشي ملندي آهي، هن وڌيڪ چيو ته هر محب وطن پاڪستاني هن ملڪ جي مستقبل لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ترقي يافته، مستحڪم ۽ خوشحال پاڪستان جو خواب اوهان نوجوانن جي روپ ۾ منهنجي سامهون آهي، گورنر سنڌ چيو ته اسان ڊاڪٽر ۽ انجنيئر پيدا ڪري رهيا آهيون، پر سٺا انسان پيدا نه ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته صوبي جي شاگردن کي بهتر موقعا فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي، طالب علم ڊگريون وٺڻ کان پوءِ پنھنجي مستقبل لاءِ پريشان نہ ٿين، هن چيو ته تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ عملي زندگيءَ ڏانهن رخ ڪيو ته جيئن هو ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ ڀرپور حصو وٺي سگهن، هن چيو ته صبر ۽ شڪر سان ڪيترائي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا، تقريب کي ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر طارق يوسف ۽ پروفيسر ڊاڪٽر عارفه حسن پڻ خطاب ڪيو، ان موقعي تي چيئرمين نويد لاکاڻي، وائيس چانسيلر ارم لاکاڻي، وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر وسيم قاضي ۽ اقرا يونيورسٽي جي بورڊ آف گورنرز جا ميمبر پڻ موجود هئا غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير ۽ چيئرپرسن بي آءِ ايس پي شازيه مري چيو آهي ته پاڪستان ۾ باصلاحيت نوجوانن جي کوٽ ناهي، ملڪي مسئلن جو حل جمهوريت جو تسلسل آهي. وفاقي وزير اهڙو اظهار ترڪي جي سي ايم او سمٽ کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته گذريل حڪومت پاڪستاني معيشت کي بُريءَ طرح تباهه ڪيو، گذريل حڪومت جي پاليسين سان ڪاروبار کي نقصان پهتو. هن چيو ته پاڪستان ۾ باصلاحيت نوجوانن جي کوٽ ناهي، پاڪستان تمام جلد سمورن بحرانن تي قابو پائيندو. ملڪي مسئلن جو حل جمهوريت جو تسلسل آهي، هر ڪنهن کي انفرادي طور سٺو ڪرڻو ۽ سوچڻو پوندو. هن پنهنجي خطاب ۾ بي آءِ ايس پي جي مقصدن بابت ڳالهائيندي ٻُڌايو ته بي آءِ ايس پي پاڪستان جي 90 لک حقدار عورتن کي مالي معاونت فراهم ڪري ٿو. هي پروگرام سماجي تحفظ جو بهترين پروگرام آهي ، مان گذارش ڪندس ته هن وقت جيڪڏهن هن ملڪ جي بچائڻ ڪو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو ته فرد واحد ڪپتان آهي ، جنهن ملڪ جي بقا ، عوام کي ڳالهائڻ جي سگهه پڻ ڏني ، جن انهن ڪرپٽ مافيه جنهن جنهن به هن ملڪ کي لٽيو آهي تباهه ڪيو آهي جنهن جنهن به عوام سان ڪوڙ ڳالهائي ڌوڪا ڏنا انهن خلاف هن وقت جيڪڏهن ڳالهائي ٿو ته اهو به پاڪستان جو نوجوان آهي ، ڪپتان جي سکيا بعد مان سمجهان ٿو ته شعور جنم وٺي رهيو آهي ، پر ان لاء به اسان کي اڃان تاريخي فيصلا ڪرڻ پوندا ، جڏهن ته پوري دنيا تي نظر وجهنداسين ته اهو به معلوم ٿيندو ته نوجوان اها صلاحيت رکن ٿا ته پاڪستان جي قبا ڪهڙي ڳالهه ۾ آهي ، جڏهن ته جيڪڏهن پاڪستان يج انهن جهونن سياستدانن جن وارا بندي ڪري موروثي خاندانن جي ذريعي حڪومتون هاصل يون انهن عڳوام لاء ڪججهه به نه ڪيو آهي پر انهن ملڪ کي ٻنهي هٿن سان لٽيو آهي معيشت کي تباهه ڪيو آهي پاڻ مٿان اربين روپين يج رڪپشن جا ڪيس ختم ڪرايا آهن ، جيڪو به ملڪ لاء بهتر انهي ، هن وقت جيڪڏهن ڪو تاريخي فيصلو نه ٿيو ته پوء اسان جو ملڪ ڊيفالٽ ٿي ويندو ، جنهن بعد سريلنڪا سميت بنگلاديش واري صورت حال به ٿي سگهي ٿي ، ربه پاڪ ڪندو ائين نه ٿيندو پر جيڪي موجوده صورت حال آهي اها انتهائي خطرناڪ آهي ، هن وقت به جيڪڏهن ملڪ جي اڳواڻن نه سوچيو ته ملڪ واقعي تباهه يٿ يوندو ، اچو ته سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري جي ڳالهه يجان ان تي اهڻ عمل به ڪيو پر شرط اهو آهي ته چودري شجاعت ، جناب آصف علي زرداري ، پرويز الاهي ، شيخ رشيد اياز صادق، ڪپتان عمران خان سميت هر هڪ جيڪو به بزرگ آهي هاڻ پاڻ رتائرڊ ٿي سڀ ملڪ جي هلائڻ جو زميواريون نوجوان قيادت کي ڏين جيئن ملڪ ترقي به ڪري ته ان مٿان ٻيا ملڪ اعتماد به ڪن ، ائين نه ٿيئي جو هن وقت جي وزيراعظم جناب شهباز شريف ، جيڪو مجرم جنهن مٿان الزمن سميت ڪيس ثابت به ٿي چڪو هيو سزا به مليل هئي سابق وزيراعظم ميان نواز شريف کي چئن هفتن لاء عدالت سڳوري ۾ هڪ استامپ پيپر لکي ڏنو اجزت ورتي ته هو پواپس ايندو پر هن وقت ڪو ان کان پچڻ گواره به نه ٿو ڪري ته توهان ملڪ جا وزيراعظم آهيو ، واعدو وفا ناهي ڪيو جڏهن ته ترڪي ۾ آيل زلزلي ۾ انتهائي خطرناڪ حد تائين نقصان ٿيو آهي پر اسان جي لاء شرم جي ٻڏي مرڻ جو اهو به مقام آهي ته جيڪو سامان ترقي موڪليو ويو آهي ، ان مٿان حڪومت سنڌ جو ٽپو ، حڪومت پاڪستان جو لڳل آهي پر جيڪو اندر سامان آهي ،ا هو ان ملڪ ترقي جو ئي موڪليل آهي جيڪو سيلاب بارشن جي ڪري ترقي موڪليو هو ، ڪيڏي شرم جي ڳالهه آهي ، ان ڪري بحيثيت پاڪستاني شهر شهباز شريف کي به عرض ڪيان ٿو ته توهان به رتائرڊ ٿي هاڻ گهر آرام ڪيو ، مهنگائي ٿڻ لاء توهان جا خطاب موجود آهن ته ڪپڙا لاهي به عوام جي خدمت ڪندس ، پر هاڻ عوام بک مري رهيو آهي ، بس رحم رحم ڪيو

پهنجو تبصرو موڪليو