لاهور (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته نوازشريف کي واپس اچڻ جي اجازت ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيون پر زندگي يا موت جي گارنٽي نٿا ڏئي سگهون.نجي چينل سان خصوصي ڳالهيون ڪندي شيخ رشيد احمد چيو ته مولانا فضل الرحمان گذريل ڏينهن تمام گهڻي ڪاوڙ ۾ نظر آيو اڳ ئي چيو هو ته مولانا فضل الرحمان سان هٿ ٿيندو، پي ڊي ايم جي سياست کي وڏو ڌڪ لڳو آهي. مولانا فضل الرحمان اڳ به لانگ مارچ ڪيو هو ۽ هڪ سال اڳ اسلام آباد ۾ ڌرڻو به هنيو هو. ڌرڻو هڻڻ تمام گهڻو مشڪل ڪم آهي. اپوزيشن جي سياسي پارٽين جا ميمبر به استعيفيٰ ڏيڻ نٿا چاهين ڇوته اسيمبلي ميمبر اهو ضرور سوچين ٿا ته تڪ ۾ ان جو مقابلي ۾ ڪير هوندو.ڪجهه ڏينهن کان پوءِ رمضان المبارڪ آهي ۽ ان کان پوءِ عيدالفطر کان پوءِ ئي ان جي منصوبي جي خبر پوندي. نوازشريف بابت شيخ رشيد چيو ته نوازشريف کي واپس اچڻ جي اجازت ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيون. زندگي يا موت جي ضمانت نٿا ڏئي سگهون. اها ته الله جي هٿ ۾ آهي. جيڪو اسان جي وس ۾ آهي اهو اسان ڪري سگهون ٿا. نوازشريف جي پاسپورٽ جو مدو ختم ٿي ويو آهي. کيس ملڪ واپس اچڻ جي ان صورت ۾ اجازت هوندي جڏهن هو گهرو وزارت کي لکت ۾ درخواست ڏئي ته کيس 24 ڪلاڪن ۾ اجازت نامو جاري ڪيو ويندو.مريم نواز طرفان حڪومت کي قائل ڪرڻ بابت شيخ رشيد چيو ته هي سمورو سوچ جو فرق آهي. مان ان اجلاس ۾ هئس جڏهن بينظير ڀٽو کي چيو ويو ته هو لياقت باغ راولپندي ۽ پشاور جا جلسا نه ڪري پر هن ائين نه ڪيو. موجوده ماحول جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته ڪراچي، پشاور، اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ دهشتگردي جا امڪان آهن پر ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال ڪافي بهتر آهي ڪنهن جي حياتي کي ڪڏهن ۽ ڪنهن کان خطرو آهي اهو الله ئي بهتر ڄاڻي ٿواستعيفائن بابت آصف زرداري جي موقف تي شيخ رشيد چيو ته اصف زرداري جي پنهنجي سياست آهي. هن سينيٽ کي حاصل ڪرڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي پر هو ان ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو. 2 کان 3 مهينن کان پوءِ سياست جي خبر پئجي ويندي ڇو ته ريلي ۽ لانگ مارچ جي لاءِ تمام گهڻي تياري جي ضرورت آهي.پي ڊي ايم اتحاد بابت شيخ رشيد احمد چيو ته پي ڊي ايم ۾ ڪافي اختلاف آهن اهي ماڻهو متحد نه هئا، بس هي عمران خان جي خلاف گڏ ٿيا هئا. گذريل ڏينهن پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ جيڪو فيصلو ٿيو اهو حڪومت ۽ گهرو وزارت جي لاءِ بهتر ٿيو. اسلام آٻاد ۾ ڪورونا تيزي سان پکڙجي رهيو آهي.لانگ مارچ جي صورت ۾ اهو وائرس وڌيڪ تيزي سان پکڙجي سگهيو ٿي. عام انسانن جي حياتين جو ته ڪوبه ناهي سوچيندو پي ڊي ايم جي افراتفري ۽ نااهلي جي سياست آهي. حڪومت کي فائدو ٿيندو ڇو ته اسان مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ ٻين ڪمن تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون. سياست ۾ جيتري تيزي اچي رهي هئي اها هاڻ نه ايندي ۽ رمضان المبارڪ جا روزا ٿڌا گذرندا.










