نواز شريف سياسي گرمي پد گهٽائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري: فواد چوڌري

نواز شريف سياسي گرمي پد گهٽائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري: فواد چوڌري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته نواز شريف سياسي گرمي پد گهٽائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري.پنهنجي بيان ۾ فواد چوڌري چيو آهي ته خبر ناهي ڳالهين ۾ ڇا ٿيو پر پي ٽي آءِ ۽ پي ڊي ايم وچ ۾ ڳالهيون ناڪام ٿيون، ڳالهيون سٺيون هيون، ڳالهيون 100 سيڪڙو ٿي سگهن ٿيون ۽ ٿيڻ گهرجن.هن چيو ته نواز شريف کي چوندس ته 50 سالن کانپوءِ به اهڙي اليڪشن کٽي ته اهڙي اليڪشن کٽي ته ڪير مڃيندو؟،اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته سياسي پارٽين ۾ ڳالهين جي ضرورت آهي، نواز شريف سياسي گرمي پد گهٽائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري. هن ايوب خان جي واکاڻ ڪندي چيو ته سندس دور معاشي نقطه نظر کان سٺو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو