لنڊن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي ذاتي معالج ڊاڪٽر عدنان تي ٻن نامعلوم نقاب پوشن حملو ڪري کيس زخمي ڪري ڇڏيو آهي. پارڪ لين جي علائقي ۾ لوهي راڊ سان مٿس حملو ڪيو ويو ۽ ٺوئنشا به کيس هنيا ويا. هن کي مٿي، منهن ۽ سيني ۾ ڌڪ هنيا ويا. جنهن کي فوري طور اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. اڳ ۾ هن کي فون تي ڌمڪيون ملنديون هيون جنهن جي لنڊن پوليس کي شڪايت به ڪئي وئي آهي ۽ پوليس جاچ ڪري رهي آهي. شريف فيملي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته هو قانوني دائري ۾ رهي ڪاروائي ڪندا.










