نجف حميد جي ضمانت رد ڪرڻ خلاف اپيل تي نوٽيس جاري

نجف حميد جي ضمانت رد ڪرڻ خلاف اپيل تي نوٽيس جاري

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد جي ڀاءُ نجف حميد خلاف فراڊ ڪيس ۾ ضمانت جي بحالي جي درخواست تي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس راجا انعام امين منهاس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جتي اڳوڻو ڊپٽي تحصيلدار نجف حميد پنهنجي وڪيلن قدير جنجوعه ۽ احد کوکر سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو.
ٻڌڻي دوران وڪيلن عدالت کان درخواست ڪئي ته نجف حميد جي ضمانت رد ڪرڻ جي فيصلي کي معطل ڪيو وڃي.
ان موقعي تي جسٽس انعام امين منهاس وڪيلن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، پهريان ڌرين کي پنهنجا جواب جمع ڪرائڻ ڏيو، ان حوالي سان تحريري حڪم بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.
واضح رهي ته نجف حميد ايف آءِ اي پاران داخل ڪيل ڪيس ۾ پنهنجي ضمانت رد ڪرڻ جي فيصلي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو