اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اڳوڻي سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته تيل جي اگهن ۾ واڌ وچولي طبقي جي پيٽ ۾ خنجر هڻڻ جي برابر آهي.ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي حوالي سان سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي جاري ڪيل بيان ۾ مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته حڪمرانن جي نااهلي کي عوام آخر ڪيستائين منهن ڏيندو.مصطفيٰ نواز کوکر جو چوڻ آهي ته توهان آمدني کان وڌيڪ خرچ ڪيو ۽ عوام کي قيمت ادا ڪرڻ گهرجي، ڇو؟ خزاني ۾ پئسو عوام جي محنت سان گڏ ڪيو ويندو آهي.هن چيو ته ناڻي مان پئسا وٺڻ ائين آهي مالِ مفت دلِ بي رحم ، دل بي رحم آهي، خدا کان ڊڄو،چوندا آهن ته پنهنجي نااهلي سان عام ماڻهوءَ کان جيئڻ جو حق نه کسيو وڃي.










