ناظم جوکيو ڪيس،  ايم اين اي ڄام عبدالڪريم غير حاضر قرار

ناظم جوکيو ڪيس، ايم اين اي ڄام عبدالڪريم غير حاضر قرار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ملير ۾ پکين جي شڪار کان روڪڻ تان بي دردي سان قتل ٿيل نوجوان ناظم جوکيو جي قتل جو ڪيس اڄ دھشتگردي ڪورٽ 15 ۾ ھليو‚ ڪورٽ ۾ ڪيس جي شاھد ايڊوڪيٽ مظھر جوڻيجو ايڊوڪيٽ شاهه زمان جوڻيجو‚ ايڊوڪيٽ جبران ناصر ۽ فريادي افضل جوکيو جو وڪيل شيراز ۽ جوابدار ڌرين جا وڪيل وزير احمد کوسو سميت ٻيا پيش ٿيا.ايڊوڪيٽ مظھر جوڻيجو ٻڌايو ته اڄ جي ڪاروائي ۾ ان ڳالهه تي دليل ڏنا ويا ته ھي ڪيس دھشتگردي جو آھي يا نه‚ ايڊويڪٽ مظھر جوڻيجو‚ ايڊوڪيٽ شاهه زمان جوڻيجو ۽ ايڊوڪيٽ جبران ناصر دليل ڏيندي چيو ته ڪيس دھشتگردي ڪورٽ جو آھي جنھن ھنڌ واقعو ٿيو آھي اھا ھڪ عوامي ھنڌ آھي جتي مختلف معامرن تي فيصلا ٿيندا آھن ۽ اچ وڃ جاري ھوندي آھي ھنن چيو ته واقعي سان ماڻھن ۾ خوف وحراس جو ماحول پيدا ٿيو آھي ٻئي طرف انويشٽيگيشن آفيسر سراج لاشاري ڪورٽ کي ٻڌايو ته واقعو دھشتگردي جي زمري ۾ نه ٿو اچي پر ڪورٽ سڳوري طرفان واقعو دھشتگردي قرار ڏينو ويو آھي‚ جڏھن پراسيڪيوشن ۽ فريادي جي وڪيلن پڻ سراج لاشاري جي تائيد ڪئي جڏھن ته جوابدار ڌر جي وڪيلن چيو ته ھي ڪيس دھشتگردي جي ڪورٽ جو ناھي ان ڪري ان کي واپس سيشن ڪورٽ موڪليو وڃي‚ ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کان پوء ڪورٽ 10 مئي تي پنھنجو آرڊر جاري ڪندي ته ڪيس ڪھڙي عدالت ۾ ھلڻ گھرجي‚ جڏھن ته ڪيس ۾ نامزد جوابدار ايم اين اي ڄام عبدالڪريم غير حاضر رھيو جنھن جي وڪيلن ٻڌايو ته ھو ڪيس مان باعزت بري ٿي چڪا آھن جنھن تي عدالت کين چيو ته ھو ڪيس ۾ جوابدار طور موجود آھن ۽ ڪيس مان سندس نالا ناھن ڪڍيا ويا آھن جنھن ڪري کين غير حاضر سمجھيو وڃي ٿو‚ ايم اين اي ڄام عبدالڪريم بغير ضمانت جي آھي ۽ ڪورٽ ۾ پڻ پيش نه ٿي رھيو آھي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو