محمد ارسلان بخش چانڊيو
حڪومت پاران صنعتي شعبي تي وڌيڪ ٽيڪس نه لڳائڻ جو اعلان ڪيو ويو.اهڙي طرح عالمي مارڪيٽن ۾ قيمتن ۾ گهٽتائي، ترقي يافته ملڪن ۾ خام مال جي اسٽاڪ ۾ واڌ ۽ خام مال جي بهتر دستيابي سبب ايل ايس ايم ۾ بهتري جو امڪان آهي.ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو ته بجيٽ پيش ڪرڻ تي الله جو شڪر گذار آهيان.مالي سال 24-2023 جي بجيٽ جا انگ اکر پيش ڪرڻ کان اڳ، مان 2017ع جي نواز شريف جي حڪومت ۽ 2022ع جي پي ٽي آءِ جي نااهل حڪومت جي بجيٽ جو تقابلي جائزو پيش ڪجي ٿو. هن چيو ته مالي سال 17-2016ع ۾ پاڪستاني معيشت جي ترقي جي شرح 6.1 سيڪڙو تائين پهچي وئي هئي.مهانگائي 4 سيڪڙو هئي. کاڌي جي مهانگائي صرف 2 سيڪڙو هئي.پاليسي جي شرح 5.5 سيڪڙو هئي، اسٽاڪ ايڪسچينج ڏکڻ ايشيا ۾ پهرين ۽ دنيا ۾ پنجين نمبر تي هئي.پاڪستاني معيشت ترقي جي راهه تي گامزن هئي .پاڪستاني ڪرنسي مستحڪم هئي ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا 24 ارب ڊالرن جي رڪارڊ سطح تي هئا.بجلي جي نون منصوبن سان 12 کان 16 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ختم ٿي وئي هئي.دهشتگرديءَ جي ناسور جو خاتمو ٿي چڪو هو.ملڪ ۾ امن امان هو. آگسٽ 2018ع ۾ هڪ چونڊيل حڪومت وجود ۾ آئي، ان چونڊيل حڪومت جي ناڪام معاشي ڪارڪردگيءَ سبب پاڪستان 24هين وڏي معيشت واري لسٽ مان 47هين نمبر تي اچي ويو.اڄ پاڪستان پنهنجي تاريخ جي مشڪل ترين مرحلن مان گذري رهيو آهي.خراب معاشي صورتحال جي ذميوار اڳوڻي پي ٽي آءِ حڪومت آهي.پي ٽي آءِ جي غلط معاشي حڪمت عملي سبب ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 17.5 ڊالر تائين پهچي ويو . آءِ ايم ايف پروگرام جو مڪمل ٿيڻ پاڪستان لاءِ اهم هو پر پي ٽي آءِ حڪومت ڄاڻي واڻي صورتحال خراب ڪئي.اسحاق ڊار چيو ته پيٽرول ۽ بجلي جي قيمتن ۾ سبسڊي ڏئي اهڙو قدم کنيو جيڪو آءِ ايم ايف جي شرطن جي خلاف ورزي هئي.هن چيو ته انهن قدمن نئين حڪومت لاءِ بارودي سرنگون وڇائي ڇڏيون. جنهن نه صرف مالي خسارو وڌايوبلڪه ان سان پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جا لاڳاپا به خراب ٿيا. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت جي معاشي حڪمت عملي جي ناڪامي جو سڀ کان وڏو ثبوت مالي خساري ۾ اضافو آهي. مالي سال 2021-22 لاءِ خسارو جي ڊي پي جي 7.89 سيڪڙو جي برابر آهي. جڏهن ته پرائمري خسارو جي ڊي پي جي 3.1 سيڪڙو تائين پهچي ويو. جون 2018ع ۾ پاڪستان جو قرض 250 ٽريلين جي لڳ ڀڳ هو. پي ٽي آءِ جي معاشي بدانتظامي سبب مالي سال 22-2021ع ۾ هي قرض 490 ٽريلين تائين پهچي ويو. 4 سالن جي عرصي ۾ 1947 کان 2018 تائين 96 سيڪڙو قرض ورتو ويو.اهڙي طرح قرض ۽ واجبات ساڳئي عرصي ۾ 100 سيڪڙو وڌي 300 ٽريلين کان 600 ٽريلين رپيا ٿي ويا.جون 2018 ۾، پرڏيهي قرض ۽ واجبات $ 95 بلين تي بيٺاجيڪو جون 2022 تائين 130 بلين ڊالر تائين پهچي چڪو هو.هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت کي 2013ع ۾ 503 ارب رپين جو گردشي قرض ورثي ۾ مليو، جيڪو 208 کان وڌي 1148 ارب رپيا ٿي ويو.اهو پي ٽي آءِ جي 4 سالن جي دور ۾ 1319 ارب رپين جي اضافي سان 2467 ارب رپين تائين پهچي ويو.هن چيو ته موجوده حڪومت صورتحال جي سنگينيءَ جو اندازو لڳائيندي خساري کي گهٽائڻ لاءِ سادگي جا قدم کنيا آهن ۽ خرچ گهٽ ڪيا ويا آهن.انهن قدمن جي نتيجي ۾ بجيٽ خسارو گذريل مالي سال جي جي ڊي پي جي 7.9 سيڪڙو کان گهٽجي هلندڙ مالي سال ۾ جي ڊي پي جي 7.0 سيڪڙو تي اچي ويو آهي.بنيادي خسارو صرف هڪ سال جي عرصي ۾ جي ڊي پي جي 3.1 سيڪڙو کان گهٽجي 0.5 سيڪڙو تي آندو ويو. ملڪ جي معيشت کي سال دوران ڪيترن ئي اندروني ۽ بيروني چئلينجن کي منهن ڏيڻو پيو، ٻوڏ سبب ٿيندڙ معاشي نقصان جو اندازو 30 ارب ڊالرن کان وڌيڪ آهي.هن چيو ته گڏيل قومن جي اداري ايف اي او جي اندازي موجب سال 2021ع جي مقابلي ۾ 2022ع دوران خوراڪ جي قيمتن ۾ 14.3 سيڪڙو اضافو ٿيو.يوڪرين جي جنگ، تيل ۽ گئس جي عالمي قيمتن ۾ اضافو ۽ مغربي ملڪن ۾ وڌندڙ سود جي شرح ملڪ جي معاشي خرابين ۾ اضافو ڪيو.اسحاق ڊار چيو ته ملڪ جلد عام چونڊن طرف وڃي رهيو آهي.انهن حالتن کي نظر ۾ رکندي اسان ايندڙ مالي سال لاءِ جي ڊي پي جو هدف صرف 3.5 سيڪڙو مقرر ڪيو آهي، جيڪو هڪ معقول حدف آهي.اتحادي حڪومت جي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار مالي سال 24-2023 لاءِ 145 کرب رپين جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي آهي.بجيٽ ۾ مالي مشڪلاتن باوجود عوام کي وڏو رليف ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.اسحاق ڊار چيو ته موجوده حڪومت جي مشڪل فيصلن سبب ملڪ ڊفالٽ ٿيڻ کان بچي ويو آهي۽ پرڏيهي مٽا سٽا جي ذخيرن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي.حڪومت آءِ ايم ايف پروگرام جي نائين جائزي جون سموريون شرطون پوريون ڪري ڇڏيون آهن.باقاعده ڳالهيون جاري آهن،اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته جلد کان جلد SLA تي دستخط ڪريون. هن وڌيڪ چيو ته مهانگائي کي سامهون رکندي حڪومت ڪجهه مهينا اڳ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت ڏنل ڪيش ٽرانسفر ۾ 25 سيڪڙو اضافو ڪيو آهي.بجيٽ 260 ارب مان وڌائي 400 ارب ڪئي وئي آهي. اهو 1 جنوري 2023 کان لاڳو ڪيو ويو آهي.وفاقي وزير چيو ته مفت اٽو ورهايو پيو وڃي.سستي شين جي فراهمي لاءِ 26 ارب رپين جي سبسڊي ڏني وئي. گذريل هڪ مهيني ۾ حڪومت پيٽروليم شين ۾ ٻه ڀيرا گهٽتائي ڪئي.اميد آهي ته ان جي نتيجي ۾ مهانگائي ۾ گهٽتائي ايندي.هن چيو ته اندروني ۽ بيروني مشڪلاتن سبب هلندڙ مالي سال وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ منفي واڌ جو رجحان رهيو. ان جو بنيادي سبب پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ گهٽتائي جو رجحان هو.جنهن سبب خام مال جي دستيابي ۾ مسئلا پيدا ٿيا. انهن حالتن کي نظر ۾ رکندي خام مال کي ترجيحي بنيادن تي ايل سي کولڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.صحافين ۽ فنڪارن لاءِ هيلٿ انشورنس ڪارڊ جاري ڪيا پيا وڃن.ان کان علاوه اقليتن، رانديگرن ۽ شاگردن جي ڀلائي لاءِ به فنڊ آهن. مستقبل جي پينشن جي خرچن جي ذميواري کي پورو ڪرڻ لاءِ پينشن فنڊ قائم ڪيو ويندو.جنهن ۾ ترقياتي منصوبن لاءِ 1150 رپيا تاريخي رقم مختص ڪئي وئي آهي. سرڪاري ملازمن جي پينشن ۾ واڌ، سرڪاري ملازمن جي گهٽ ۾ گهٽ پينشن 10 هزار مان وڌائي 12 هزار، وفاقي حدن ۾ گهٽ ۾ گهٽ اجرت 32 هزار رپيا ڪرڻ جو فيصلو.ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽ انسٽيٽيوٽ ذريعي پينشن حاصل ڪندڙ پينشنرز جي گهٽ ۾ گهٽ پينشن 8500 رپين مان وڌائي 10 هزار رپيا ڪئي وئي آهي.نيشنل سيونگز شهيد اڪائونٽ ۾ جمع ڪرڻ جي حد 50 لک رپين مان وڌائي 75 لک رپيا ڪئي وئي آهي.بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي بجيٽ کي 360 ارب مان وڌائي 400 ارب رپيا ڪيو وڃي.حڪومت قرضدارن جي بيواهن جا 10 لک رپيا قرض ادا ڪندي.ترسيل ذريعي غير منقوله ملڪيت جي خريداري تي 2 سيڪڙو ٽيڪس ختم ڪيو پيو وڃي.اوورسيز پاڪستاني پرڏيهي مٽاسٽا جو سڀ کان اهم ذريعو آهن ۽ ترسيل اسان جي برآمدات جو 90 سيڪڙو حصو آهن.فارن ايڪسچينج ڪارڊ جي ڪيٽيگري ۾ هڪ نئون ”ڊائمنڊ ڪارڊ“ شروع ڪيو پيو وڃي جيڪو ساليانو 50 هزار ڊالرن کان وڌيڪ پرڏيهي مٽاسٽا موڪلڻ وارن کي جاري ڪيو ويندو.هائير ايجوڪيشن ڪميشن (HEC) لاءِ موجوده خرچن لاءِ 65 ارب رپيا ۽ ترقياتي خرچن لاءِ 70 ارب رپيا رکيا ويا آهن. تعليم جي شعبي ۾ مالي مدد لاءِ پاڪستان انڊومينٽ فنڊ قائم ڪيو پيو وڃي.جنهن لاءِ بجيٽ ۾ 5 ارب رپيا رکيا پيا وڃن.اهي فنڊ اعليٰ اسڪولن ۽ ڪاليجن جي شاگردن کي ميرٽ جي بنياد تي اسڪالرشپ فراهم ڪندا.هن فنڊ قائم ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته ڪو به ذهين شاگرد وسيلن جي کوٽ سبب اعليٰ تعليم کان محروم نه رهي.ليپ ٽاپ اسڪيم کي جاري رکڻ لاءِ ايندڙ مالي سال ۾ 10 ارب رپيا رکيا ويا آهن. ڪاليج ۽ پروفيشنل راندين جي ترقي لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن.حڪومت پاڪستاني ڪوئلي ۽ شمسي توانائي جي استعمال کي فروغ ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي.ان سلسلي ۾ ڪوئلي تي هلندڙ پاور پلانٽس کي مقامي ڪوئلي جي استعمال لاءِ همٿايو پيو وڃي.سولر پينلز، انورٽرز ۽ بيٽري جي خام مال تي ڇوٽ ڏني پئي وڃي. وفاقي حڪومت ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ لاءِ K4 گريٽر واٽر سپلاءِ اسڪيم لاءِ به رقم مختص ڪئي آهي.ڪي 4 گريٽر واٽر سپلائي اسڪيم لاءِ 17 ارب 50 ڪروڙ رپيا ڏنا ويندا.هلندڙ مالي سال ۾ زرعي قرضن جي حد 1800 ارب رپين مان وڌائي 2250 ارب رپيا ڪئي وئي آهي. بجلي ۽ ڊيزل جا بل هاري جي سڀ کان وڏي خرچن مان آهن. ان ڪري ايندڙ مالي سال ۾ 50 هزار زرعي ٽيوب ويلن کي شمسي توانائي تي تبديل ڪرڻ لاءِ 30 ارب رپيا رکيا ويا آهن.معياري ٻج سٺي فصل جو بنياد آهن، ملڪ ۾ معياري ٻجن جي استعمال کي فروغ ڏيڻ لاءِ انهن جي درآمد تي لڳل سمورا ٽيڪس ۽ ڊيوٽيون ختم ڪيون پيون وڃن.چانورن جي پيداوار وڌائڻ لاءِ ڊيوٽي ۽ ٽيڪسن کان ڇوٽ جي تجويز ڏني وئي آهي. ايندڙ مالي سال 24-2023 جي بجيٽ ۾ فري لانسرز لاءِ ٽيڪس سهولتن جو اعلان ڪيو ويو آهي.انڪم ٽيڪس جي رعايتي شرح 0.25 سيڪڙو آئي ٽي برآمدات کي وڌائڻ لاءِ لاڳو آهي۽ اها سهولت 30 جون 2026 تائين جاري رهندي.فري لانسرز کي ماهوار سيلز ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيوتنهن ڪري، ڪاروباري ماحول کي آسان بڻائڻ لاءِ، فري لانسرز کي سيلز ٽيڪس جي رجسٽريشن ۽ 24,000 ڊالرن تائين سالياني برآمدات تي واپسي کان مستثنيٰ ڪيو ويو آهي.آئي ٽي سروس فراهم ڪندڙن کي اجازت هوندي ته هو ڊيوٽي فري سافٽ ويئر ۽ هارڊويئر درآمد ڪن جن جي قيمت هڪ سيڪڙو برآمد ٿيندي. ان درآمد جي حد 50 هزار ڊالر في سال مقرر ڪئي وئي آهي.اسلام آباد جي حدن اندر آءِ ٽي سروسز تي سيلز ٽيڪس جي موجوده شرح 15 سيڪڙو کان گهٽائي 5 سيڪڙو ڪئي پئي وڃي.ان کان علاوه، آئي ٽي شعبي ۾ قرض ڏيڻ جي حوصلا افزائي ڪرڻ لاء، بئنڪ ان شعبي ۾ 20 سيڪڙو جي ٽيڪس رعايت مان فائدو وٺندا.ايندڙ مالي سال ۾ 50 هزار آئي ٽي گريجوئيٽس کي ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڏني ويندي.قومي دفاع لاءِ 18 کرب 4 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن.گذريل مالي سال دفاعي بجيٽ 15 کرب 23 ارب رپيا هئي، جيڪا هن سال وڌي وئي آهي.سول انتظامي خرچن لاءِ 7 کرب 14 ارب رپيا ڏنا ويندا.پينشن لاءِ 7 کرب 61 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. بجلي، گيس ۽ ٻين شعبن لاءِ سبسڊي طور 10 کرب 74 ارب رپيا رکيا ويا آهن.آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان، خيبرپختونخواهه ۾ ضم ٿيل ضلعن، بينظير پروگرام، هائير ايجوڪيشن ڪميشن، ريلوي ۽ ٻين کاتن لاءِ 14 کرب 64 ارب رپين جي گرانٽ مختص ڪئي وئي آهي. پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام لاءِ ايندڙ سال جي بجيٽ ۾ 9.50 ارب رپيا رکيا ويا آهن.ان کان علاوه پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي 2 کرب 50 ارب رپين جي اضافي رقم کانپوءِ مجموعي ترقياتي بجيٽ 11 کرب 50 ارب رپين جي تاريخي بلند ترين سطح تي پهچي ويندي.بجيٽ دستاويز موجب فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ٽيڪس وصولي جو هدف 92 کرب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي.جنهن مان سڌي ريت ٽيڪس وصولي جو حجم 37 کرب 59 ارب رپيا جڏهن ته اڻ سڌي طرح ٽيڪسن جو حجم 54 کرب 41 ارب رپيا هوندو.ان کان علاوه غير ٽيڪس آمدني 29 کرب 63 ارب رپيا هوندي.ايندڙ سال لاءِ ايف بي آر جي روينيو جو تخمينو 92 کرب رپيا آهي.جنهن ۾ صوبن جو حصو 52 کرب 76 ارب رپيا هوندو.وفاقي نان ٽيڪس روينيو 29 کرب 63 ارب رپيا هوندو.وفاقي حڪومت جي ڪل آمدني 68 کرب 87 ارب رپيا ٿيندي.انهن قدمن کي نظر ۾ رکندي اها اميد ڪري سگهجي ٿي تهپاڪستاني معيشت بهتر ٿيندي.










