ليکڪ اعجاز علي سوڍر سڀ تعريفون ان مالڪ کي سونهن ٿيون جيڪو جهانن جو پالڻهار آهي. الله رب العزت جي تخليق جو نادر نمونو حضرت انسان خود آهي. انسان جي تخليق فرمائڻ کان اڳ ئي سندس خدمت ۽ حفاظت لاءِ هڪ انمول نظام جوڙيائين. ان مالڪ جي احسانن کي شمار نه ٿو ڪري سگھجي. مالڪ ڪائنات جي احسانن منجھان هڪ احسان انسان کي عطا ڪرده علم ۽ عقل به آهي، جنهن جي ڪري انسانيت اشرف المخلوقات جو درجو ماڻيو. سڀني انسانن کي هڪ ئي جان منجھان پيدا فرمايائين ته جيئن پاڻ ۾ اُنس ۽ محبت سان رهي سگھجي. بعد ۾ مختلف قومن ۽ ذاتين ۾ ورهايو ويو ته جيئن سڃاڻپ حاصل ٿي سگھي. هر اها قوم جيڪا ڪامياب سمجھي وڃي ٿي، ان جي ڪاميابيءَ جو هڪ سبب پنهنجي ماضيءَ کي ياد رکڻ به آهي. جن قومن پنهنجي تاريخ کي ياد رکيو سي ڪامياب رهيون ۽ جن پنهنجي تاريخ کي وساري ڇڏيو، اهي جهالت جي انڌيري ۾ گم ٿي ويون. اسان سنڌ وارن جو ماضي ڏاڍو شاندار رهيو آهي. اسان جي سرزمين سنڌ کي باب الاسلام هئڻ جو عظيم اعزاز پڻ حاصل آهي. هن مقدس سرزمين تي عظيم انسانن جنم ورتو آهي. اسان جا آباء واجداد دين اسلام جا سچا ۽ عظيم سپاهي ٿي گذريا آهن. اسان انهن جي باقيات آهيون، پر اڄ افسوس سان اهو چوڻو پوي ٿو ته اسان پنهنجي ماضيءَ کي وساري ويٺا آهيون. راقم الحروف جو تعلق دادو ضلعي جي تعلقي ميهڙ سان آهي. هتي ڪافي مَهان شخصيتون جنم وٺي چڪيون آهن.

انهن ناياب انسانن جي سوانح حيات ۽ خدمات کان اسان بي خبر رهجي ويا آهيون. هنن بزرگن منجھان صرف چند بزرگن جون زندگيون قلمبند ڪيون ويون آهن. اهو به سندن شاگردن احسان ڪيو جو پنهنجن استادن جي باري ۾ ڪجھه رقم طرازي ڪري اسان لاءِ ڪجھه مثالي زندگين جا نمونا پيش ڪري چڪا آهن. اسان باقي گمنام رهي خدمت ۾ مصروف زندگيون گذاري دارالبقا جي طرف راهي ٿيڻ وارن کان اڻ ڄاڻ رهجي وياسين. دل ۾ هڪ درد جاڳيو ته ڇونه انهن بزرگن جي سوانحن ۽ خدمات کي موجوده نسل ۽ ايندڙ نسل لاءِ بطور مثالي زندگين جا نمونا پيش ڪرڻ جي جسارت ڪجي. ان سلسلي ۾ پنهنجي ماضيءَ جي ڪجھه ورق گرداني ڪري تحقيقي خدمت کي لڳي ويس. اهڙن گمنام عالمن سڳورن جي باري ۾ معلومات کي حاصل ڪرڻ ڏاڍو مشڪل ڪم محسوس ٿيو. انهيءَ جو هڪ سبب هيءُ آهي ته انهن بزرگن جي باري ۾ معلومات حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ جڏهن سندن اولاد وٽ حاضر ٿيس ته اڪثر اتان سواءِ مايوسي جي ٻيو ڪجھه به حاصل نه ٿيو. کين پنهنجن وڏڙن جي باري ۾ ڪابه معلومات نه هئي. صرف اها معلومات وٽن هئي ته اسان جا وڏڙا عالم سڳورا هئا، پنهنجي وقت جا مُدرس رهيا آهن، عبادت ۾ به هڪ نمايان مقام حاصل هئن. بس، باقي وڌيڪ تفصيل کين به معلوم نه هو. ٻيو سبب ته ڪجھ الله وارن جي اولاد کي اڻ پڙهيل ڏٺم، جنهن ڪري کين صرف پنهنجن وڏڙن جا نالا ئي ياد رهيا. اڪثر عالمن سڳورن جي اولاد کي علم کان بلڪل ڪورو پاتم. ڏاڍو ڏک ٿيو ته عظيم انسانن جو نسل علم کان صفا وانجھيل رهيو. جنهن ڪري اتان ڪابه معلومات حاصل نه ٿي سگھي. ٽيون اڪثر ماڻهن کي پنهنجن وڏڙن جي باري ۾ معلومات ڏيڻ جي سلسلي ۾ ڪنجوس ۽ لاپرواھ ڏٺم. ڪٿي ڪٿي ته بلڪل ايئن محسوس ٿيو ته اسان جو اچڻ کين تمام برو لڳو يا هو اسان جي اچڻ تي ناگواري محسوس ڪري رهيا هئا. ڪٿي ته وري بار بار منٿن ڪرڻ جي باوجود ڪجھ معلومات ملي ته ان کي قلمبند ڪندي پڙهندڙن جو خوف ٿيو ته هو هنن ڳالهين کي محض افسانو يا وڌاءُ سمجھندا، ان ڪري ان مواد کي لکڻ وقت تمام گھڻي احتياط جي ضرورت پئي. ڪجھه اهڙا به هئا جن اسان جي اچڻ کي پنهنجي لاءِ قابل فخر ۽ اعزاز سمجھيو. انهن ڏاڍي عزت ۽ احترام سان هر ممڪن سهڪار ڪيو. تحقيقي ڪم ۾ ڪيتريون ڏکيائيون ۽ مشڪلاتون درپيش هونديون آهن، انهن جو صحيح اندازو هڪ محقق ئي ڪري سگھي ٿو. خير مون هي ڪم محض پنهنجي آخرت لاءِ ذخيري جي نيت سان ئي لکيو آهي. هن مواد کي جمع ڪرڻ جي سلسلي ۾ پنهنجي تر جي اڪثر ڳوٺن ۽ شهرن ڏانهن پنڌ ڪري مواد جمع ڪرڻ شروع ڪيم. هن مواد کي ٻين ڳوٺن يا شهرن ۾ رهندڙ عمر رسيده اهل علم ماڻهن کان حاصل ڪيم. هن مواد کي گڏ ڪندي اهو محسوس ٿيو ته اسان جو ضلعو اهڙين عظيم شخصيتن سان مالا مال آهي، اگر صرف انهن جي سوانحن ۽ خدمتن کي جمع ڪجي ته ڪئي جلدن تي مشتمل هڪ ڪتاب مرتب ٿي ويندو. سو معاشي حالتن کي مدِ نظر رکندي پاڻ کي صرف ميهڙ تعلقي جي شخصيتن تائين محدود ڪرڻ جو ارادو ڪيم. ايندڙ وقت ۾ ان شاءَ الله ٻين تعلقن جي خدمت جو موقعو نصيب ٿيو ته اها سعادت سمجھي ضرور ڪبي. هن مواد کي سهيڙڻ لاءِ ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ شهرن جا سفر ڪرڻا پيا، بلڪه ڪن علائقن ۾ ته بار بار به وڃڻ ٿيو، ان لاءِ به خرچ جي ضرورت پوندي هئي. اهو سمورو خرچ راقم جي وڏي ڀاءُ ڊاڪٽر الله بخش سوڍر صاحب خوشي خوشي برداشت ڪيو ۽ راقم کي دنياداري جي ڪئي ڪمن کان آجو رکيو. مون هي ڪتاب الله وارن جو تذڪرو ڪري ذخيره آخرت جي نيت سان لکيو ۽ ترتيب ڏنو آهي، ته جيئن قيامت جي ڏينهن پنهنجي رب جي اڳيان اهو چوڻ جي لائق بڻجي سگھان ته: “ اي منهنجا مالڪ ٻيو ڪو خاص عمل ته ڪونه اٿم، پر عالمن سڳورن ۽ تنهنجي نيڪ بندن جون جتيون سِڌيون ڪرڻ جي اڻ پوري ڪوشش ڪئي اٿم.” دعا آهي ته مالڪ ڪائنات جي درٻار ۾ راقم جي هيءَ محنت شل قبول پوي. آمين. هن ڪتاب تي تقريظ لکڻ لاءِ پاڪستان جي مشهور ۽ معروف علمي شخصيت حضرت مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ صاحب جن کي عرض رکيم. سائين جن پنهنجي بيحد مصروفيت ۽ ضعف جي باوجود هن ناچيز جي محنت جي حوصله افزائي ڪندي پنهنجي قلم سان چند جملا لکي عنايت ڪيا. ان کان علاوه پنهنجي استاد محترم حضرت مولانا ڊاڪٽر محمد ادريس سومرو صاحب (ڪنڊيارو) کي هن ڪتاب جو مهاڳ لکڻ لاءِ عرض ڪيم. الحمد لله شيخ صاحب جي تمام گھڻي مصروفيت جي باوجود منهنجي لاءِ مهاڳ لکڻ جو وقت عنايت ٿي ويو. منهنجو ٻيو استاد محترم ڊاڪٽر حافظ مختيار احمد ڪانڌڙو صاحب (شڪارپور) کي هن ڪتاب تي ٻه اکر لکڻ لاءِ ڪيل عرض به ڏاڍي پيار ۽ پاٻوھ سان قبول ٿيو. هن بزرگ شخصيتن“سلمهم الله تعالى عليهم اجمعين” جي مصروفيتن جو اندازو خوب چڱيءَ ريت اٿم پر پوءِ به پنهنجي هن ڪاوش کي اعزاز ڏيارڻ لاءِ کانئن حجت ڪري وقت ورتم. سندن هن مهربانيءَ تي سندن بيحد شڪريو ادا ڪريان ٿو. سندن هي احسان ناچيز هميشه ڳائيندو رهندو. هن ڪتاب ۾ 110 اهل علم ۽ معزز شخصيتن جي سوانح ۽ خدمات تي مشتمل مضمون شامل آهن. هن ڪتاب جو پهريون ڀاڱو شاد پبليڪيشن حيدرآباد طرفان جنوري 2021ع ۾ ڇپجي چڪو آهي. 340 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 500 روپيه مقرر ڪئي وئي آهي. هن ڪتاب ۾ هرهڪ شخصيت تي مضمون سندس نالي جي اعتبار سان الفابيٽ جي ترتيب کي مدِنظر رکي ترتيب ڏنو آهي. هن ڪتاب ۾ حاصل ڪيل معلومات مطابق مضمون ترتيب ڏنا اٿم، ان شاءَ الله هن جو ٻيو ڀاڱو به جلد پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. هن ۾ اهل علم ماڻهن کان حاصل ڪيل معلومات ۽ ڪتابن منجھان معلومات کي سهيڙي گڏ ڪيو آهي. aijazsodhar58@gmail.com










