علي روشن قبولائي
سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي ۾ جيڪا نون آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ٽيچرس جي نئين ڀرتي ٿي آهي انهيءَ جي باري ۾ سنڌ جي هر ضلعي مان جعلي ڪوڙن ڊوميسائل رکندڙ ٻين صوبن پنجاب، خيبر پختونخوا، بلوچستان جي شهرن جهڙوڪ صادق آباد، سوات، پشاور، خضدار، قلات، ڪوئيٽا، سبي وغيرهه جي ماڻهن کي سنڌ جي ڪوٽا مان نوڪريون ڏنيون ويون آهن، جڏهن ته سنڌ جا نوجوان پنهنجي ئي شهرن، پنهنجن ئي يوسين ۾ بيروزگاري جي ور چڙهيل آهن، تازو تعليم کاتي ۾ سنڌ جي نوجوانن کي نوڪري ڏيڻ بجاءِ ٻين صوبن ايتري قدر جو وانا وزيرستان افغانستان جي ماڻهن کي به سنڌ جي ڳوٺن ٻهراڙين ۾ پرائمري ۽ جي ايس ٽي ٽيچرس جي نوڪرين ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت ۾ تعليم کاتي اندر ٿيندڙ ڀرتين ۾ تضاد ڀريون ۽ تڪراري قسم جون ڳالهيون شروعاتي ڏهاڙن کان جاري آهن، ڇاڪاڻ ته پهريان نمبر اسڪور تي تضاد رهيو پوءِ جيڪي پيپرز امتحان ٿيا انهن ۾ نامڪمل ۽ اڻ پورا سوال توڙي بي ترتيب سوال ناما رهيا، ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي صوبائي وزير سردار شاهه توڙي سيڪريٽري اڪبر لغاري کي پڻ آءِ بي اي ٽيسٽ وارن جون ٽيسٽون سمجهه ۾ نه پئي رهيون ۽ سوال ايترا مشڪل ترين ۽ ان پورا جو ڪنهن ايم اين اي توڙي ايم پي اي ۽ سينيٽر ته سينيٽر پر ڪنهن وزير، مشير، صلاحڪار کان به ڳالهه زور هئي، اهڙي حالت ۾ جتي 45 هزار نوجوانن جي ڀرتي ڪرڻي هئي اتي صرف 12 هزار زور مس سان پاس شاگرد ڪيا ويا، جن مان به هڪڙا ته واقعي ڪجهه پڙهي لکي آيا هيا پر ٻين ته سوال نامو سمجهه ۾ نه اچڻ جي صورت ۾ ڌوڪا مڙيئي سڙيئي خانه پوري ڪري گهر پهتا ۽ اهڙي ماحل بعد هزارين نه بلڪ لکين ماڻهن جا پيپر چيڪ ڪرڻ ۽ وري ڳالهه ته اهو ٽيسٽ ۾ ويهندڙ اميدوار واقعي سنڌ جي شهر ڳوٺ جو به رهواسي آهي به يا نه، انهي طرف لکين بيروزگارن جي پيهه ۾ سنڌ جي ڪوٽا مطابق پنهنجن شهرن ته شهرن پر پنهنجين يوسين ۾ يعني يوسي وائيز نوجوانن کي انهن کي پنهنجن ئي پاڙن محلن گهٽين ۾ نوڪريون ڏين جي ڳالهه سرڪار سڳوپري ڪندي رهي پر جڏهن اهي آءِ بي اي ٽيسٽ ڏيندڙ ميل فيميل نوجوان پنهنجن شهرن ۽ ڳوٺڻ ۾ استاد بڻجي آيا ته تڏهن خبر پئي ته ٻيلي ويل ٿي ويو سنڌ جي پڙهيل لکيل تعليم يافته نوجوانن سان جو جيڪي پنهنجي شهرن ڳوٺن جي يو سي وائيز بند پيل اسڪول ۾ استاد اتان جي ڳوٺ ۽ شهر جا نوجوان اچڻا هئا انهي جي جڳهه تي پشاور، صادق آباد، رحيم يار، خانيوال، وزيرستان وغيرهه ۽ دادو ضلع، قمبر شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻي شهر جي اندر وري ڪيترن اسڪولن ۾ ڀرتي ٿيندڙ خاص ڪري عورت ماسترياڻيون انهن شهرن بجاءِ ٻين شهرن جي بلڪ ٻين صوبن جون ڀرتي ٿي آيون آهن، جن کي پرائمري سنڌي پڙهائڻو آهي انهن ڀرتي ٿيندڙ ٽيچرس کي سنڌي زبان اچي ئي نٿي، ڇاڪاڻ اهي ٻين صوبن جا نوجوان آهن پر سنڌ جا ڪوڙا جعلي ڊوميسائيل، قومي شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ سان گڏ وري سنڌ جون ڪوڙيون جعلي ڊگريون ڪمپيوٽرز تي ٺهرائي ڀرتي ٿِن جا پڻ وڏا انڪشاف ٿيا آهن، هڪڙا وري اهڙا به اميدوار کنيا ويا آهن جن جي عمر اڃان ٻاراڻي آهي يعني انهن جي نوڪري ڪرڻ جي نه آهي ننڍي عمر وارا اميدوار الائي ڪيئن کنيا ويا آهن، ٻيا وري وڏي عمر وارا کنيا ويا آهن، اهڙن ٽيچرس کي به کنيو ويو آهي جيڪي انگلش ۾ ٻه چار جملا رٽي ڳالهائي ته وڃن ٿا پر انهن کي سنڌيءَ جو هڪ لفظ به نٿو اچي ۽ اهي وري سنڌي پرائمري پڙهائڻ لاءِ اسڪولن ۾ موڪليا ويا آهن، جن کي اسڪول ۾ پهچندي سنڌي توڙي انگلش ۾ درخواست به نٿي اچي، نين آءِ بي اي استادن واري ڀرتي ۾ جنهن کي جيئن وڻيو آهي انهيءَ پنهنجي سر لٽمار شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن ڪري ئي تعليم واري سيڪريٽري اڪبر لغاري نيٺ حڪم نامو جاري ڪيو ته ٻين صوبن ۽ پنهنجن يوسين کان علاوهه ٻين شهرن جي اميدوارن جي صحيح جاچ شروع ڪئي وڃي، خاص ڪري ٻين صوبن جي ڊوميسائيل ۽ قومي شناختي ڪارڊ رکندڙن کي فوري طور تي آرڊر واپس ورتو وڃي، سنڌ جو ڪوڊ 4 سان آهي پر ٻين صوبن جو ٻيو نمبر آهي، مستقل توڙي عارضي پتي ايڊريس واري کي سنڌ ۾ نوڪري نٿي ڏيئي سگهجي اهي پنهنجي صوبي ۾ وڃي نوڪري ڪري سگهن ٿا، هيءَ نج ڪوٽا سنڌ جي رهواسين ۽ جتي يوسي وائيز آهي اتي يوسي وائيز ۽ جتي تعلقي وائيز آهي اتي جي رهواسي کي نوڪري ڏني ويندي باقي ٻين صوبن جي ماڻهن کي پنهنجن صوبن ۾ وڃڻ گهرجي، تنهن ڪري ئي سيڪريٽري تعليم فوري طور تي ڊوميسائيل، پي آر سي ۽ شناختي ڪارڊ جي حوالي سان هڪ جاچ ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جس آهي سنڌي ميڊيا کي جنهن ڪوڙن جعلي ڊوميسائيل ۽ شناختي ڪارڊ رکندڙ ٻين صوبن جي ماڻهن کي وائکو ڪري پڌرو ڪيو آهي ۽ انهن کان نوڪريون واپس وٺڻ نجو اعلان ڪيو ويو آهي، تازين استادن وارين ڀرتين ۾ تجربه ڪار ايڪسپيرنس رکندڙ معياري اميدوارن بجاءِ اڪثر صرف هڪ سوال نامي جي معيار تي ڪت خلق واري پاليسي تي عمل ڪيو ويو آهي جڏهن ته سنڌ جي اندر تمام گهڻو ٽئلنٽ موجود آهي پر بدقسمتي سان آءِ بي اي ٽيسٽ وٺندڙ اداري رڳو فارملٽي رسمي طور تي امتحان وٺي پورائو ڪندي ٻين صوبن سان گڏ ئي ان ميچوئر ٽيچرس به ڀرتي ڪري ويٺي آهي، جنهن تي سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري سختي سان واضع ڪيو آهي ته جيڪڏهن انهيءَ سلسلي ۾ ٻئي صوبي جو ڊوميسائيل، پي آر سي، شناختي ڪارڊ واري ماڻهو کي مستقل توڙي عارضي ايڊريس تحت سنڌ جي اندر ڪٿي به نوڪري ڏني وئي ته انهي جا ذميوار ڊائريڪٽر، ڊي اي اوز، اي ڊي اوز، هيڊ ڪلارڪ، ڪلارڪ يعني سموري اسٽاف عملي تي ذميواري هوندي ۽ جيڪي لاپرواهي ۽ عفلت جو ڪارڻ بڻيا انهن کي نه صرف نوڪرين تان لاٿو ويندو پر انهن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي،ڇاڪاڻ ته هيءُ نج سنڌ جي ڪوٽا آهي ۽ انهي تي سنڌ جي نوجوان جو ئي حق آهي، تازين ڀرتين ۾ ڪيترائي نوجوان پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي ٻنهي ٽيسٽن ۾ پاس آهن انهن لاءِ اهي ٻئي ته نوڪريون نٿا ڪري سگهن، تنهن ڪري ڪامياب ٿيندڙ پي ايس ٽي توڙي جي ايس ٽيز ٽيسٽ پاس نوجوانن کي هڪ ئي ٽائيم تي هڪ آرڊر ڏنو وڃي ته باقي بچيل نوڪرين جي صحيح طرح معلومات خبر ملي سگهندي ۽ ويٽنگ تي نوجوانن کي رکڻ بجاءِ نوڪرين جا آرڊر فوري طور تي ڏنا وڃن، انهي سان ٻه فائدا ٿيندا هڪ طرف پاس ٿيندڙ نوجوانن مان مايوسي ختم ٿيندي بک بيروزگاري ختم ٿيندي ته ٻئي پاسي وري اها خبر پوندي ته پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽيز استاد ڪيترا ڀرتي ٿي سگهيا صحيح انگ اکر ملي سگهندا، 14 اسڪيل ۾ ڀرتي ٿيندڙ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس نون استادن ۾ گهڻي قدر اهي شڪايتون به مليون آهن ته اهي استاد جي ايڏي وڏي عظيم پيغمبري پيشي جي لائق ناهن. ڇاڪاڻ ته انهن ۾ ڪيترن ٽيچرس جون تعليمي ڊگريون جعلي آهن ته ڪيترن جا وري بي ايڊ ، ايم ايڊ وغيرهه سرٽيفڪيٽ ڪوڙا جعلي ٺهيل آهن، هاڻي اندازو ڪريو ته جڏهن ڊوميسائيل، پي آر سي، شناختي ڪارڊ، سندون، ڊگريون ۽ ڪيترن جون عمريون به بوگس قسم جون ڄاڻايل آهن، آخرڪار آءِ بي اي ٽيسٽ وٺندڙ اداري ڪنهن جي چوڻ تي ٻين صوبن جي اميدوارن کي سنڌ جي يوسي وائيز امتحانن ۾ ويهاري سنڌ جي نوجوانن ۽ خاص ڪري انهي يوسي جي نوجوانن بجاءِ ٻين صوبن جي ماڻهن کي هتي نوڪري ڏيڻ لاءِ سازش ڪئي ويئي آهي، حيرت انهي ڳالهه تي آهي ته پنهنجن شهرن جا تعليم يافته پڙهيل لکيل نوجوان نظر انداز ڪري انهي جي جاءِ تي سواتي، پشاوري، افغاني ۽ نه ڄاڻ ڪٿان جا ماڻهو کنيا ويا آهن، پوءِ محسوس ٿئي ٿو ته هتي تڪڙي وڏي سفارش ٿي آهي يا وري رشوت جي بازار گرم ٿي آهي، نه ته ائين ڪيئن ممڪن آهي ته سنڌ جي يوسين جي پڙهيل لکيل نوجوانن بجاءِ نسواري هتي اسانجي نوڪرين تي ڌاڙو هڻن لڳن، اها ڳالهه به ممڪن آهي ته اڄ ڪلهه ڪمپيوٽر جي دور ۾ سافٽ ويئر، يو ايس بي ، ميمري ڪارڊ ڊجيٽيل ڪارڊن ذريعي اصل ۽ نقل جي ڄڻ تي سڃاڻپ ئي ڏکي ٿي پئي آهي، بهرحال سنڌ جي نوڪرين تي سنڌ جي نوجوانن جو حق آهي ، ڪير اسان کي ٻڌائي ته پنجاب ، ڪي پي ڪي يا بلوچستان جي خالص مخصوص نوڪرين تي ڪڏهن ائين به ٿيو آهي ته اسان سنڌ جي نوجوانن کي نوڪرين تي رکيو ويو هجي ؟، اهو ممڪن ئي ناهي ته سنڌ جو نوجوان خيبرپختونخوا ۾ وڃي يوسي وائيز نوڪرين تي لاڙڪاڻو ، دادو، شڪارپور جو استاد ڪيو وڃي، ته پوءِ ڪهڙي نانگ کاڌو آهي سنڌ جي تعليم کاتي کي جو انهي اکيون بند ڪري انڌو اعتبار ڪندي آءِ بي اي ٽيسٽ وارن کي سڀ اختيار ڏيندي نوڪريون ميرٽ بجاءِ جعلي ڪوڙن بوگس ماڻهن کي ڏيندي سنڌ سان ويساهه گهاتي ڪئي وئي آهي، ائين ته ناهي آءِ بي اي ٽيسٽ وٺندڙ اداري ۾ به ڪجهه ڪارين رڍن پئسا وٺي ڳجهه ڳوهه ۾ ٻين صوبن جي ماڻهن کي جعلي سرٽيفڪيٽن ذريعي پئڪيج ۾ نوڪريون ڏيڻ جي بهاني سنڌ مٿان ڪاهه ڪرائي سواتي ۽ پشاوري مسلط ڪيا ويا آهن، هاڻي به ڳالهه ناهي وئي جانچ ڪميٽي صرف رسمي فارملٽي طور انگن جو پورائو ڪندي پنهنجن عملدارن جي يس سر ۽ نو سر واري ٻولي بجاءِ يقيني طور تي هر طرح جي ممڪن ڪوشش ڪندي ٻاهرن ماڻهن کي نيڪالي ڏيئي پنهنجن يوسين جي ميرٽ تي لهندڙ نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون وڃن نه ته ٻاهرين نسواري ڪت خلق سنڌ جي مستقبل کي ڪهڙي تعليم ڏيئي سگهندا…… ! هونئن به سنڌ بين الاقوامي ڪو يتيم خانو ناهي جو هتي اسان جي شهرن علائقن جي مٿان ولار ڪرن سان گڏ اسان جي نج خالص يوسي وائيز نوڪرين تي به اهي لوٽمار ڪري اسان جي نوجوانن جو حق غضب ڪندي معاشي بدحالي ڪندا رهن. دنيا کي خبر پئجي وئي ته آءِ بي اي ٽيسٽ وٺندڙ ادارو ڪيڏو صاف شفاف آهي جنهن کي اها خبر نٿي پوي ته سنڌ جي ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻيون آهن ته پوءِ ٻاهران ماڻهو ٻين صوبن جي ماڻهن جي انٽري ڪيئن ٿي سگهي آهي، سوال اهم آهن پر شل سنڌ جي نوجوانن سان انصاف ٿئي، انهي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ انصاف جي اوسيئڙي ۾ ويٺل هزارين سنڌ جي بيروزگار تعليم يافته نوجوانن کي نوڪرين ڏيڻ لاءِ حقيقي معنيٰ ۾ اپاءَ ورتا وڃن ۽ ٻين صوبن جي ماڻهن جا نه صرف نوڪرين جا آرڊر ختم ڪري انهن جاين تي پنهنجن سنڌ جي نوجوانن کي نوڪرين تي رکيو وڃو پر انهن ٻاهرين جعلي بوگس ڀرتي وارن کي قانوني گرفت ۾ آڻي سزا جو عمل لاڳو ڪيو وڃي. جيئن آئندهه سنڌ جي نوڪرين تي ڪو ڌاڙي هڻڻ جي سوچي به نه سگهي. وري به ساراهه جوڳو قدم آهي پيپلز پارٽي سنڌ حڪومت جو جنهن نوڪرين ڏين لاءِ وڌ کان وڌ نوڪريون ڏيڻ لاءِ ڪوششون ورتيون آهن پر صاف شفاف عمل کي بهتر بڻائڻ لاءِ اپاءَ وٺي ته سنڌ جو نوجوان روزگار کي لڳي سگهي ٿو ۽ بک بيروزگاري جي پاڙ پٽجي سگهجي ٿي.










