موٽرسائيڪل تي ايم ٽيگ لڳائڻ واري مامري تي جواب طلب

موٽرسائيڪل تي ايم ٽيگ لڳائڻ واري مامري تي جواب طلب

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ موٽرسائيڪلن تي ايم ٽيگ لڳائڻ جي انتظامي حڪم خلاف ڪيس ۾ اختيارين کان ست ڏينهن اندر جواب طلب ڪيو آهي.درخواستگذار درخواست ڪئي آهي ته ايم ٽيگ لڳائڻ جو عمل فوري طور تي بند ڪيو وڃي، پر عدالت کان اڃا تائين فوري طور تي اسٽي آرڊر نه مليو آهي. چيف جسٽس سرفراز ڊوگر چيو آهي ته ايم ٽيگ ان لاءِ لڳايو پيو وڃي ته جيئن موٽر گاڏي جي سڃاڻپ ٿي سگهي، اهو توهان لاءِ ڪيو پيو وڃي ته جيئن موٽر گاڏي رجسٽر ٿي سگهي. هن چيو ته اهو حڪومتي پاليسي جو معاملو آهي، جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل جواب ڏنو ته انتظامي حڪم قانوني طريقي سان هجڻ گهرجي، ايم ٽيگ جي ڪري ماڻهن کي تمام گهڻي تڪليف ٿي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو