مون سون برسان جي پيش نظر حفاظتي هر ممڪن قدم کنيا وڃن: لغاري

مون سون برسان جي پيش نظر حفاظتي هر ممڪن قدم کنيا وڃن: لغاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسيپڪر ريحانه لغاري جي صدارت هيٺ سجاول ضلعي ۾ نهر جي پاڻي جي گهٽتائي ۽ مون سون برساتن جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اهم اجلاس سنڌ اسيمبلي ۾ قائم ان جي آفيس ۾ منعقد ٿيڳ. اجلاس ۾ آبپاشي کاتي جي سپريٽنڊنگ انجنيئر لوئر سنڌ ڊرينيج سرڪل خالد نواز ڊهر، سپريٽنڊنگ انجنيئر پنياري محمد غلام علي، ايس سي اين لوئر پنياري ڊويزن سجاول فريد ميمڻ، ايڪس اي اين اپر پنياري ڊويزن امتياز حيدر ميمڻ، اسسٽنٽ ايڪس سي اين جاتي ڊرينيج سب ڊويزن سجاول ڊويزن نويد ميرجت ۽ عبدالوحيد ميمڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر ريحانه لغاري چيو ته سجاول ضلعي ۾ آبادگار ۽ ننڍا هاري واهه جي پاڻي جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن، جنهن سبب سندن بيٺل فصل متاثر ٿي رهيا آهن. سجاول جا هاري پاڻي جي فراهمي جي حوالي سان مسلسل رابطو ڪري رهيا آهن پر آبپاشي کاتو ان طرف ڌيان نه پيو ڏئي. هن وڌيڪ چيو ته گذريل سال جي طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب فصلن کي سخت نقصان پهتو ۽ هاڻي پاڻي نه هجڻ ڪري فصل متاثر ٿيا آهن، هارين کي هن ڏکئي وقت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو، سنڌ حڪومت مالي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. هن نشاندهي ڪئي ته واهن مان نڪرندڙ نالا ۽ ناليون بريڪ ڊائون ٿي چڪيون آهن ۽ انهن مان پاڻي نڪري رهيو آهي، جڏهن ته ڪجهه نالن ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري بند پيل آهن. انهن نالن جي مرمت ۽ صفائي تمام گهڻي ناگزير ٿي چڪي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته پنياري ڪئنال تي لڳل رستي جي پل خراب حالت هجڻ سبب ڊهي پٽ ٿي وئي آهي جڏهن ته ٻين جي فوري مرمت جي ضرورت آهي، ڪنهن به تيزي سان وهندڙ پاڻي جي وهڪري سبب زبون حال پل پڻ تباهه ٿي سگهن ٿا ، جنهن سبب درجنين ڳوٺن جا ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويندا. هن هدايت ڪئي ته سجاول ضلعي جي آبپاشي کاتي پاران ٺاهيل ڪئنال واٽر روٽيشن پلان تي مڪمل عمل ڪيو وڃي ته جيئن سمورن هارين کي صاف پاڻي ملي سگهي. ان موقعي تي آبپاشي کاتي جي عملدارن جو چوڻ هو ته مون سون جي برساتن کي نظر ۾ رکندي آبپاشي کاتي جا انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن ۽ پنهنجي عملي کي به تيار رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. واهن، بندن ۽ ضروري هنڌن تي مشينري به لڳائي وئي آهي، جڏهن ته ڊرين ۽ نالن جي مرمت ۽ صفائي لاءِ فنڊ گڏ ٿيڻ تي ڪم شروع ڪيو ويندو.ريحانه لغاري هدايتون ڏيندي چيو ته آبپاشي کاتي جي سمورن نون منصوبن جي سجاول ضلعي جي انتظاميا کي فوري طور تي مڪمل ڪيو وڃي ۽ برسات کان پوءِ امڪاني برساتن کي نظر ۾ رکندي هر ممڪن قدم کنيا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو