ليکڪ عبدالرزاق ميمڻ
افسوس واري خبر آهي تہ نامياري گلوڪاره روبينا قريشي لاڏاڻو ڪري وئي آهي. اها ته سڀني کي خبر آهي ته روبينا قُريشي سنڌ جي ڪوئل ۽ مهراڻ جي بلبل به سڏجندي هئي ۽ مشهور اداڪار مصطفيٰ قريشي جي گهرواري هئي. 19 آڪٽوبر 1940ع ڌاري، حيدرآباد جي صدر واري علائقي ۾ ڄائي. پاڻ اصل ذات جي شيخ ۽ الاهي بخش شيخ جي ڌيءَ آهي. سنس اصل نالو ”عائشه شيخ“ آهي، سندس خاندان پڙهيل ڳڙهيل ۽ واپار سان واڳاپيل هو. هُن ريڊئي پاڪستان حيدرآباد تي ڳائڻ ڪري ۽ پنهنجي اصل شناخت مٽائڻ لاِءِ پنھنجو نالو عائشہ مان ڦيرائي روبينہ رکيو ۽ جيئن ئي هُن مشھور فلم اسٽار مصطفيٰ قريشيءَ سان 19 سيپٽمبر 1970ع ۾ حيدرآباد شهر ۾ شادي ڪئي تہ عائشہ شيخ مان ڦري رُوبينہ قُريشي ٿي پئي.
رُوبينا قريشيءَ پنھنجي ابتدائي تعليم حيدر آباد شهر جي هڪ پرائمري اسڪول مان ورتي جنهن ۾ کيس دادي ليلان جھڙي سٻاجھڙي ۽ هُوشيار اُستاد ملي جنهن سندس تربيت ڪئي. نتيجي ۾ هوءَ حمد، نعت ۽ دُعا پڙهڻ کانسواءِ اسڪول ۾ قومي نغما به ڳائيندي هُئي ۽ اسٽيج جي ڊرامن ۾ به حصو وٺندي هُئي. اُن کان پوءِ گورنمنٽ گرلس هاءِ اسڪول حيدرآباد، جيڪو پوءِ ڪاليج به بڻيو، اُتي نالي واري تعليمي ماهر آپا شمس عباسي، جيڪا اسڪول ۾ پهرين هيڊ مسٽريس هُئي، ڪاليج بڻڻ سان پرنسپال بڻي تنهن به عائشه شيخ عُرف روبينہ قُريشيءَ جي رهنمائي ڪئي.
17آگسٽ 1955ع ۾ جڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو بُنياد پيو تڏنهن سُتت ئي ريڊيو اسٽيشن جي انتظاميه پاران حيدرآباد جي مختلف اسڪولن ۽ ڪاليجن کي خط اُماڻيا ويا ته هُو پنهنجن باصلاحيت شاگردن ۽ شاگرديانين کي ريڊيو تي موڪلين ۽ اُنهن خطن جي ئي روشنيءَ ۾ روبينه قُريشي حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن گھمڻ آئي هُئي. اُن وقت هُوءَ نائين درجي ۾ پڙهندي هُئي، جتي سندس مُلاقات نالي واري براڊڪاسٽر ايم. بي انصاريءَ (محمد بخش انصاري) ۽ ميوزڪ ڊائريڪٽر ماسٽر مُحمد ابراهيم سان ٿي، جن هن جو آڊيشن وٺي فيصلو ڪيو ته في الحال هن کي ٻين فنڪارن سان گڏ ڪورس ۾ ڳائرايو وڃي ۽ پوِ هُن ڪورس ۾ قومي نغما، شاديءَ جا ڳيچ، ۽ لوڪ گيت وغيره ڳايا. هن ان سان گڏ سنڌي ۽ اُردو ڊرامن ۾ به ڪم ڪيو، ڪمپيئرنگ ڪيائين، گيتن ڀرين ڪهاڻين ۾ ڳايائين ۽ انهن پروگرامن جي راوي ٿي. اهو سلسلو هلندو رهيو پر ڳائڻ جي حوالي سان هن کان ٿوري ئي عرصي کان پوءِ ”سولو“ يعني ”اڪيلو“ (اڪيلي سِر) ڳارايو ويو. سندس اڪيلي سِر ڳائيل پهريو ڪلام آهي پيري پوندي سانِ، چوندي سانِ، رهي وڃ رات ڀنڀور ۾.
روبينه قُريشيءَ 1974ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان مُسلم هسٽريءَ ۾ ايم اي ڪئي، هُوءَ حيدرآباد ۾ ڇپجندڙ بادل رسالي ۾ خطن جا جواب به ڏيندي هُئي کيس 1967ع حمايت اسلام اسڪول ۾ سيڪنڊري اسڪول ٽيچر جي نوڪري به ملي. سندس مُڙس ناميارو فلم اسٽار مُصطفي قريشي جيڪو اُن وقت ريڊيو پاڪستان ۾ پروگرام آرگنائيزر يعني پروڊيوسر هو ۽ اُن سان شاديءَ کان پوءِ هُوءَ اُن سان گڏ سُتت ئي 1970ع ۾ لاهور هلي وئي. لاهور ۾ رهڻ دوران پاڻ اُستاد ڇوٽي غلام عليءَ کان راڳ جي وڌيڪ تربيت بہ وٺڻ لڳي، هُوءَ هڪ کان ٻن ڪلاڪن تائين روزانو رياض ڪندي آهي، هوءَ سازن ۾ هارمونيم بہ وڄائيندي آهي. کيس راڳڻي ڀيروي ۽ ملهار وڻندي آهي ۽ فنڪارن ۾ مهدي حسن، ماسٽر مُحمد ابراهيم ۽ استاد مُحمد جُمن کان مُتاثر آهي.
روبينه قُريشيءَ کي ٻہ ٻار آهن، هڪ نياڻي اربيلا ۽ ٻيو پُٽ مُحمد عامر جيڪو ٽيليويزن تي ڪمپيئرنگ ڪرڻ سان گڏ ڳائيندو بہ آهي. هُن سڀ کان وڌيڪ حضرت شاه عبدُالطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست کي ڳايو آهي، ڪيترائي لوڪ گيت بہ ڳايا اٿس، هُن گھڻي ڀاڱي ماسٽر محمد ابراهيم، اُستاد مُحمد جُمن ۽ اُستاد نذر حُسين جي موسيقيءَ ۾ ڪلام ڳايا آهن. ريڊيو حيدرآباد تي سندس گهڻي ۾ گهڻا ڪلام پروڊيوسر ايم. بي انصاري ۽ خواجه امداد عليءَ رڪارڊ ڪيا آهن. هُوءَ ريڊيو پاڪستان لاهور، ڪراچي ۽ ڊاڪا تي به ڳائي چُڪي آهي، هُن هوئن ته ماسٽر ابراهيم ۽ اُستاد مُحمد جمن کان راڳ سکيو آهي پر باقاعدي سان هُن تربيت لاهور ۾ اُستاد ڇوٽي غلام علي خان کان ئي ورتي آهي. هُن سنڌي، اُڙدو، پنجابي، سرائڪي، بنگالي، بلوچي ۽ پشتو زبانُن ۾ بہ ڳايو آهي. ٽيليويزن تي کيس مرحوم عبدالڪريم بلوچ مُتعارف ڪرايو هو.
هُن سنڌي فلمن سسئي پُنهون ۽ گھونگھٽ لاهه ڪُنوار جا گانا به ڳايا آهن.
انڊونيشيا جو صدر سُوئيڪارنو سندس ڳائڻ کي ڏاڍو پسند ڪندو هو، هن جن ٻاهرين مُلڪن ۾ فن جو مُظاهرو ڪيو آهي تن ۾ انڊونيشيا، چين، تُرڪي، هندستان، برطانيا ۽ آمريڪا سر فهرست آهن. کيس مهراڻ جي بُلبل ۽ سنڌ جي ڪوئل جا لقب ملي چُڪا آهن.
روبينہ قريشي عملي زندگيءَ ۾ اچڻ کان هيل تائين الاهي سماجي خدمتون به ڪيون. هن وقت هُوءَ بلائينڊ ويلفيئر ايسوسيئيشن (ليڊيز ونگ) جي اڳواڻ آهي. هن وقت هوءَ سماجي خدمتن سان گڏ موسيقيءِ جو تربيتي ادارو به کولڻ چاهي ٿي. کيس فن جي خدمتن جي مڃتا ۾ 1996ع ۾ قلندر لال شهباز ايوارڊ ۽ غلام خواجه فريد ايوارڊ به ملي چُڪا آهن. هن کي صدارتي ايوارڊ پڻ مليو جيڪو بيماري سبب وصول نه ڪري سگهي هئي. (هي ليک واٽس ايپ گروپ تي شيئر ڪيل هڪ پوسٽ تان کنيو ويو آهي. ادارو)










