منگهو پير ۾ فائرنگ، عورت قتل

منگهو پير ۾ فائرنگ، عورت قتل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ منگهو پير مغل ڪانٽا ويجهو فائرنگ ۾ هڪ عورت مارجي وئي. ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول جي سڃاڻپ 30 سالن جي خديجه جي نالي سان ٿي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته عورت کي ان وقت گولي لڳي جڏهن هوءَ پنهنجي مڙس سان موٽرسائيڪل تي سوار هئي. پوليس چيو آهي ته اهو واقعو ذاتي دشمني جو لڳي ٿو، ۽ عورت جو مڙس فائرنگ ۾ محفوظ رهيو

پهنجو تبصرو موڪليو