ڊرگ ڊيلرز خلاف  آپريشن، جوابدار گرفتار، منشيات ضبط

ڊرگ ڊيلرز خلاف آپريشن، جوابدار گرفتار، منشيات ضبط

سانگهڙ(ن س) ايس ايس پي سانگهڙ اعجاز احمد شيخ جي هدايتن تي منشيات فروشن جي خاتمي لاءِ ڪامياب ڪاروايون جاري آهن، ان سلسلي م ايس ايڇ آو سانگھڙ گلزار علي مري پنهنجي ماتحت عملي سان گڏ ڇاپا هڻي ٻه وڏيون ۽ اهم ڪامياب ڪاروايون ڪري چرس جي ڊيلر منٺار خاصخيلي کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 1100 گرام چرس هٿ ڪري ورتي آھي، جڏهن ته هڪ ٻئي ڪاروائي ۾، صحت لاءِ نقصانڪار گٽڪي جي ڊيلر امين پٺاڻ کي گرفتار ڪري آداب گٽڪي جون 4455 پڙيون هٿ ڪري ورتيون.گرفتار ٿيل منشيات فروشن خلاف منشيات ايڪٽ جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو