ملڪ ۾ پيٽرول کپت ۾ وڏي لاٿ سان امپورٽ بل گھٽ ٿيڻ جو امڪان

ملڪ ۾ پيٽرول کپت ۾ وڏي لاٿ سان امپورٽ بل گھٽ ٿيڻ جو امڪان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ پيٽرول جي کپت ۾ وڏي لاٿ ٿي آهي جنهن سان امپورٽ بل گھٽ ٿيڻ جو امڪان آهي. آئل ڪمپنين موجب پاڪستان ۾ تيل جي کپت ۾ 20 سيڪڙو لاٿ جو رجحان ڏٺو ويو آهي، ملڪ ۾ روزاني 25 هزار ٽن کپت گھٽ ٿي 18 کان 19 هزار ٽن رهجي وئي آهي.آئل ڪمپنين جو چوڻ آهي ته 16 جون کانپوءِ ڊيزل ۽ پيٽرول جي روزاني کپت ۾ لاٿ ٿي آهي.آئل ڪمپنين موجب اهي ئي رجحان برقرار رهيو ته آئل امپورٽ گھٽ ٿيندي جنهن سان امپورٽ بل گھٽ ٿيڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو