اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال جو چوڻ آهي ته فيلڊ مارشل عاصم منير پوري فوجي طاقت سان سرحدن جي حفاظت ڪري رهيو آهي. سعودي عرب جي شهر جده ۾ پاڪستان جي ڏينهن جي تقريب کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته معرڪه حق جي جنگ ۾ دشمن جا 11 جهاز ڪيرايا آهن.هن چيو ته فيلڊ مارشل عاصم منير پوري فوجي حڪمت عملي سان ملڪ جي سرحدن جو دفاع ڪري رهيو آهي ۽ هر دشمن کي ڏند چٻاڙڻ تي مجبور ڪري رهيو آهي.احسن اقبال چيو ته پاڪستاني نوجوان وطن جي دفاع لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪري رهيا آهن، جيڪو قوم لاءِ فخر جو باعث آهي.هن چيو ته شهباز شريف جي قيادت ۾ اڏان پاڪستان جي ايجنڊا تي ڪم ٻيهر شروع ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني پنهنجون ذميواريون ادا ڪري رهيا آهن.










