مورو)ن س) ڳوٺ حاجي ڌڻي بخش ماڇي داد واھ ۾ يارهن سالن جي معذور ۽ يتيم نينگري سونيا ڌي مرحوم محمد حنيف ماڇي کي پڪڙي هڪ جڳهه ۾ جوابدار دادلو ماڇي صدام ماڇي جي مدد سان زبردستي جنسي حوس جو نشانو بڻايو ۽ جوابدار فرار ٿي ويا. اهڙو اطلاع مورو پوليس کي ڏنو ويو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نينگري کي مورو اسپتال آندو جتي سندس جو طبي معائنو ڪرايو ۽ جنسي تشدد جي تصديق ڪئي وئي، پوليس ڪيس داخل ڪيو پر جوابدار گرفتار نه ڪرڻ تي يتيم نياڻين جي وارثن پوليس خلاف زيادتي جو نشانو بڻيل سونيا کي وٺي مورو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف نعرا هنيا. جنهن بعد پوليس ٻنهي نامزد جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.










