مشرف ڪيس جي پيروي ڪندڙ ايڊيشنل اٽارني جنرل استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

مشرف ڪيس جي پيروي ڪندڙ ايڊيشنل اٽارني جنرل استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايڊيشنل اٽارني جنرل طارق کوکر پنهنجي عهدي تان استيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.طارق کوکر اڳوڻي صدر پرويز مشرف ٽرائل ڪيس متعلق اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ وفاق جي درخواست داخل ڪرائي هئي. طارق کوکر پنهنجي عهدي کان استعيفيٰ ڏيندي چيو آهي ته ان جو ضمير ان کي اجازت نه ٿو ڏئي جو هو مشرف ٽرائل ڪيس جي پيروي ڪري. ذريعن مطابق ايڊيشنل اٽارني جنرل طارق کوکر جي وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ٿي هئي جنهن ۾ مشرف ٽرائل ڪيس تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي هئي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن اڳوڻي صدر ۽ آرمي چيف جنرل (ر) پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس جو فيصلو روڪرائڻ لاءِ وفاقي حڪومت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي. وفاقي وزارت داخلا طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي جنهن ۾ اسلام آباد جي خصوصي عدالت کي 28 نومبر تي ڪيس جو ٻڌائڻ کان روڪڻ جي استدعا ڪئي آهي. ٻئي طرف وفاقي وزير داخلا اعجاز شاهه پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته پرويز مشرف خلاف غداري جو لفظ استعمال نه ڪرڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو